خاصنئون

 فواد چوڌري پاران 20 لک رپين جي انعام جو اعلان

وفاقي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير فواد چوڌري پاران پوليس ناڪن کان نجات ڏيارڻ لاءِ ٽيڪنيڪل حل پيش ڪرڻ واري ماڻهو لاءِ 20 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري ملڪ جي ٽيڪنيڪي تحقيق جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن ۽ خاص طور تي نوجوان طبقي کي دعوت ڏيندي چيو ته اهي پوليس ناڪن کان نجات ڏيارڻ لاءِ ٽيڪنيڪل حل پيش ڪن. بهترين حل پيش ڪندڙ کي 20 لک رپين جو انعام ڏنو ويندو. جڏهن ته اهو حل ٽن هفتن ۾ ڏيڻ لازمي آهي.