پي پي ايل جو حب ۾ گئس دريافت ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ پاران شراڪتي اداري سنڌ هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ سان ملي ڪري بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ دريافتي کوهه حب X-1 مان گئس دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي پي ايل حب بلاڪ 2566-4 جو آپريٽر آهي. حب X-1 جي کوٽائي جو آغاز سيپٽمبر 2017 کان شروع ٿيو هو جنهن کي 4555 ميٽر جي اونهائي تائين پهچايو ويو. وائر لائين لاگز جي نتيجن ۽ کوٽائي مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا مان هائيڊروجن ڪاربان واري جڳهين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ 64/16 انچ چوڪ سائيز تي 2730-2760 ميٽرن جي فاصلي تي روزانو 0.08 ايم ايم ايس ايف گئس حاصل ٿي. جڏهن ته 2250-2375 ميٽرن جي علائقي ۾ 64/8 انچ چوڪ تي روزانو 0.02 ايم ايم ايس ايف گئس حاصل ٿي، جيڪو تمام گهٽ آهي. ماهرن چيو آهي ته هي دريافت معمولي مقدار ۾ هجڻ ڪارڻ تجارتي اهميت جي لائق نه آهي. جڏهن ته مستقبل ۾ ان علائقي ۾ دريافتي سرگرمين ۾ تحقيق تي قابل ذڪر اثر وجهي سگهندي. ان کان علاوه دريافت جي صحيح حد جو اندازو تشخيص واري ڪم کانپوءِ ڪيو ويندو.