هندستان ۾ پلاسٽڪ مان روڊ ٺاهڻ لڳا
هندستان ۾ پلاسٽڪ جي استعمال سان هزارين ڪلو ميٽرن جا روڊ ٺهڻ لڳا. هن طريقي ۾ پراڻي استعمال ٿيل پلاسٽڪ جو سامان بوتلون ۽ ٻيو سامل شامل آهي. هي طريقو هندستان ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي ۽ هن طريقي سان پلاسٽڪ کي باهه ۾ ساڙيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي پٿرن تي وڇايو ويندو آهي. حڪومتي دعويٰ موجب هڪ لک ڪلو ميٽر تائين جا روڊ هن طريقي سان ٺاهيا ويا آهن. هن طريقي سان ٺهيل روڊن ۾ اهو فائدو آهي ته هن قسم جي روڊن ۾ کڏا نٿا پون ۽ اهي مينهن کان به محفوظ رهن ٿا.