ڪلاسيڪل ڪردار, “ڪامريڊ محمد عثمان لغاري.”
خالد پرويز
شيخ ڀرڪيو کان چار ڪلوميٽر اڳيان هلي چمبڙ روڊ وٺبو ته اڳيان وري اسٽاپ ايندو “مشين اسٽاپ.” مشين اسٽاپ ته ھاڻ ويجهڙ ۾ ٿيو آهي .اصل اسٽاپ ،مشين اسٽاپ کان به ٿورو اڳتي هوندو هو “جاڙا واٽر.” انهي کان ٽي ڪلوميٽر اڳيان هلبو ته اترئين پاسي هڪڙو ڳوٺ ايندو “سڪندر خان لغاري ” جيڪو
الائي ته ڪيترن ورهين کان اتي آباد آھي.
سڪندر لغاري جي ڳوٺ جي اوڀرئين پاسي دائيداڻن جو وڏو ڳوٺ آباد هوندو هو .جيڪو اڃان به اتي آهي. پر پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري ، ٻنيون غير آباد ٿيڻ ڪري ۽ ٻارن جي پڙھائي جي سانگي، دائيداڻا ڳوٺ ڇڏي وڃي ٽنڊو محمد خان ۾ آباد ٿيا.اڃا به اهو ڳوٺ آباد آهي پر هاڻ ان ڳوٺ جو اهو اوج ۽ رونق ڪون رهي آهي.
انهي ڳوٺ جي اتريئن پاسي زئنورن جو وڏو ڳوٺ آھي.جيڪو ڳوٺ ڪنهن وقت مين هاري سياست جي جلسن ۽ هاري سياست جي سرگرمين طور به مشهور رهيو آھي.
منهنجو ڳوٺ سڪندر لغاري سان تقريبن پنجٽيهن سالن کان رشتو جڙيل رهندو پيو اچي. انهي ڳوٺ مان وڏڙا ته خير جو موڪلائي ويا پر اڃا به محمد خان لغاري، امان الله لغاري، سائين ناصر، خالد ، سرمد ماسات محمد موسا ۽ منهبجيء ڀائيٽي سورٺ لغاري ،پنهنجن وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي علم ادب سياست جي دونهي دکائيندا پيا اڄن.
سورٺ تي مون اردو ۾ تفصيلي بلاگ لکيو هو جيڪو ” دنيا ٽوڊي ” جي سائيٽ تي موجود آھي.
اڄ ڳالھ ڪبي ڪامريڊ محمد عثمان لغاري جي.
ڪامريڊ عثمان لغاري کي ڪو تعارف ته نه گهرجي پر گذريل سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڪامريڊ عثمان لغاري جي اٺين ورسي ھئي.
ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته مون کي انهي تاريخ تي کيس ڀيٽا ڏيڻ گهرجي ها. يا وري ڳوٺ سڪندر لغاري مين “ڪامريڊ محمد عثمان ميموريل” طرفان سندس مان ۾ ورسي جي مناسبت سان ڪا تقريب ٿيڻ گهرجي ها جنهن مين ڪامريڊ جي چاهيندڙن کي گهرائي ڪو پروگرام رکجي ها.
پر ٿيو خير ڪامريڊ عثمان ڪنهن خاص وقت ۽ تاريخ کان تمام گهڻو مٿانهون ۽ وڏو ماڻهو آھي.
ڪامريڊ جو تعارف رڳو اھو آهي ته ڪامريڊ پنهنجي سڄي زندگي سماجي ورڪر طور ماڻهن کي ارپي ڇڏي.
تر مين ڪا چوري ٿي وئي ، ڪامريڊ وارهاڙي سان گڏ نظر ايندو ، شاخ جي کاٽي آھي، ڪامريڊ پنهنجا پراوا ڳوٺ جا، هتان هتان جا هاري ناري ڪڙمي ڪاراوا ڪري پهچي ويندو هو. ڪنهن جي مرتيئي جو ٻڌندو ته تتي تاء تڏي تي پهچندو . هارين جو جلسو آهي، پاڻي ڪانفرنس آهي،ڪالا باغ ڊيم خلاف ڌرڻو آهي، ڪامريڊ سڀني کان اڳ پهچندو.
ڳوٺ ۾ يا تر ۾ ڏسندو ته ٻه ڌريون پاڻ ۾ اٽڪيون پيون آهن ته ٻنهي ڌرين کي گهرائي يا پاڻ هلي وڃي ، سندن سرچاء ڪرائيندو هو.
ڪامريڊ هردلعزير نيڪ رڄ اشراف، ھمدرد ،۽ سڄي زندگي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاء وڙهندي گذاري.
ھو ليفٽسٽ هو، انقلابي هو ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي نقطه نظر ۽ نظرين تي قائم رهيو.
ڪامريڊ جي ننڍپڻ جي تعليم مسڻ وڏي جي مدرسي ۾ ٿي جيڪو مدرسو سائين محمد اسماعيل لغاري ۽ سائين عبدالڪريم لغاري جن طرفان اوڻيھ سو چوٽيھ ۾، ڪار خير طور ۽ آس پاس ڳوٺن جي تعليمي تڪليفن کي مدنظر رکي قائم ڪيو ويو.
جنهن ۾ پري کان آيل شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم، فارسي عربي ۽ سنڌي پڙهائي ويندي هئي.
پاڪستان ٺھڻ کانپوء اهو ساڳيو مدرسو فائنل پاس ۽ پوء مڊل اسڪول تائين اپ گريڊ ٿيو . شاگردن جي رهائش جو ۽ کاڌي پيتي جو خرچ به مدرسي طرفان هوندو هو.
انهي مدرسي جا پڙهيل طالب، مذھبي جنوني طالبان ڪون ٿيا پر آڳتي هلي سائنسي علم حاصل ڪري ، وڏن وڏن عهدن تي پهتا ڪي رٽائر ٿيا، ڪي پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر ٿي سرڪاري ملازمتن ۾ نمايان خدمتون ڏين پيا .
سائين محمد اسماعيل لغاري جن مولوي محمد صادق کڏي وارن جا همعصر هئا ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کان گهڻو متاثر رهيا . مولانا عبدالحق رباني نصرپور وارا به سندن صحبت ۾ ساڻ هئا. پاڻ مذهبي حوالي سان نهايت روشن خيال هئا ، جنهن ڪري سندن مدرسي جا طالب به اڳتي هلي جتي جتي پڄي سگهيا سندن مدرسي مان فارغ ٿي انگريزي اسڪولن تائين پهتا.
مسڻ جو اهو مدرسو اڄ به قائم آھي جيڪو مولوي محمد اسماعيل جو فرزند رياض احمد لغاري سنڀاليندو پيو اچي.
ڪامريڊ محمد عثمان لغاري مسڻ جي مدرسي کانپوء سجاول جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتي پڻ سنڌي سان گڏ فارسي عربي تعليم حاصل ڪيائين.
ڪامريڊ عثمان پنهنجي حياتي جي ڪٿا ٻڌائيندي چيو ته ، حيدر بخش جتوئي جڏهن اوڻيھ سو پنجيتاليھ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفا ڏئي هاري ڪميٽي مين شموليت ڪئي ، ته انهي جو اثر غريب ۽ هاري مزدور طبقي تي تمام گهڻو ٿيو. ڇو جو انهي وقت به طبقاتي نظام ۾ وڏيرڪو تسلسل ته ساڳيو ئي هو. مون جنهن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي انهي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر کان واقف ٿيس.جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ، هارين جي ۽ وڏيرن جي ڏاڍ جي ڳالھ ڪئي ته آء تمام گهڻو متاثر ٿيس، اوڻيھ سوء ٽيونجاھ ڌاري ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيس.
مون سان گڏ آسي پاسي وارا ڪجھ همراھ حاجي خان محمد لغاري، حاجي خان ٿيٻو، الھ جڙيو مئو به شريڪ ٿيا. اھڙي طرح هاري ڪميٽي ۾ رهي تر ۽ آس پاس هارين ۾ سندن حقن جي سجاڳي لاء ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسين.
اوڻيھ سوء ٻاھٺ ۾ حيدر بخش جتوئي طرفان اسان جي تر ۾ هاري ڪميٽي جي تنظيمي ڪم کي ھٿي وٺائڻ لاء باقر سنائي کي مقرر ڪيو ويو، جنهن سان گڏجي اسان تنظيمي ڪمن ڪارين ۽ هارين سان رابطن ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي وياسين. اسان جو ڳوٺ سڪندر لغاري ڄڻ ته تر ۾ هاري ڪميٽي جي سرگرمين جو مرڪز ٿي ويو.
انهي وقت اوڻيھ سو ٻاھٺ ۾ اسان کي جيڪو وڏو ڌڪ لڳو سو هو منهنجي ڀاء ڪامريڊ لقمان لغاري جو اڻ وقتائتو لاڏاڻو ، ڇو جو اسان جي تر ۾ لقمان ئي انهن سرگرمين جو مرڪزي ڪردار هو ۽ هن جي سياسي بصيرت ۽ اڻ ٿڪ محنتن جي ڪري اسان ٿوري وقت ۾ هاري ڪميٽي کي فعال بڻائي ويا هئاسين. لقمان انهي وقت ۾ وڪالت پڙهندو هو ،ڪامريڊ ابن حيات پنهور سندس رهنمائي ڪندو هو.
باقر سنائي جي پهچڻ کان پوء اسان جا تر جي ڳوٺن، زنئورن جي ڳوٺ ، ٿهيمن جي ڳوٺ، انڙن جي باگراڻين جي ڳوٺن سان رابطا ٿيا ۽ اتي اسان پنهنجن گهڻن ساٿين کي هاري ڪميٽي مين شموليت ڪرائي.
اوڻيھ سو ٻاھٺ ۾ اسان هاري ڪميٽي طرفان چمبڙ ۾ جلسو رکرايوسين، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سان گڏ حفيظ قريشي کي به شامل ٿيڻو هو. جلسو ڪامياب ٿيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ادا جي محنت کي تمام گهڻو داد ڏنو. انهي جلسي جي نتيجي ۾ گهڻن ٻين عوامي ماڻهن تي اثر ٿيو .پوء اتان کان ئي چمبڙ هاري تحريڪ به شروع ٿي جيڪا مقامي طور تاريخي جدوجهد طور مشهور ٿي .جنهن جي رپورٽ انهي وقت ريڊيو بي بي سي(BBC ) تان پڻ نشر ٿي. انهي هاري تحريڪ جي نتيجي ۾ ھاري ورڪر
وڏيرن پاران ، هارين سان زيادتين خلاف سندن فيصلا وڃي وڏيرن جي اوطاقن تي ڪندا هئا ، ۽ هارين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف زميندارن کان سندن حق ۾ فيصلا وٺي ڏيندا هئا.
انهي ئي دور مين ڪامريڊ عثمان هاري ورڪر طور بي ڊي اليڪشن ۾ حصو ورتو ، جيتوڻيڪ انهي وقت سندن تر جي وڏن زميندارن ، مندواڻي خاندان، رئيسن ۽ سريوالن. ڪامريڊ کي ھارائڻ لاء نهن چوٽي جا زور لڳايا پر ڪامريڊ اها اليڪشن زبردست نموني کٽي ويو.
بهرحال انهي سڄي عرصي ۾ باقر سنائي نه رڳو سندن ساٿ ۾ رهيو پر هن پنهنجي باقي زندگي به انهي تر کي ڏني.
ڪامريڊ عثمان لغاري جو ون يونٽ ٽٽڻ جي تحريڪ ۾ زبردست ڪردار رهيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران به ڪامريڊ سرگرم رهيو ،انهي سلسلي ۾ محترم فاضل راهو جا پڻ ڪامريڊ سان رابطا رهيا ۽ فاضل راهو ڪامريڊ عثمان لغاري وارن جي ڳوٺ اچي ساڻس گڏجياڻيون به ڪندو رهيو.
ڪامريڊ عثمان لغاري سان ، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري،ڦوثي رستماڻي قادر بخش طالباڻي،محب نظاماڻي جو به وڏو ساٿ رهيو.
هاري تحريڪن جي نتيجي ۾ تر جا وڏيرا مٿس ڇتا ٿي پيا ۽ جنرل يحيا خان جي دور ۾ ڪامريڊ کي ساٿين سميت گرفتار ڪرايائون.
سمري ملٽري ڪورٽ طرفان ڪيس هلائي فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ عثمان لغاري سميت سندس ساٿين کي ڏنڊ ، ڦٽڪن ۽ قيد جيون سزائون ٻڌايون ويون. جنهن ۾ ڪامريڊ عثمان لغاري کي ڦٽڪن سميت هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ذاتي طور ڪامريڊ جي نواب يوسف ٽالپر سان تمام گهڻي ھجت ھئي ۽ سڄي علائقي واسين وانگر نواب يوسف ٽالپر نه رڳو سندس قدر ڪندو هو پر ساڻس محبت به ڪندو ھو.
ڪامريڊ محمد عثمان لغاري سان منهنجي آخري ملاقات سندس لاڏاڻي کان ڪجھ ھفتا پهريان ئي ٿي ھئي.بيمار هوندي به محبوبن جهڙي مرڪ سان آڌر ڀاء ڪيائين.
ڪامريڊ محمد عثمان تون جتي به هجين سڪون ۾ رهجان . اسان کي نه رڳو تون ياد آهين پر تون جتان کان اسان وٽان وڇڙيو ھئين. اسان سڀ ان رستي جا مسافر آهيون ۽ سڀ گڏ آهيون . هڪ ڏينهن اها منزل به ماڻينداسين جيڪا تنهنجي منهنجي ۽ لکين ڪروڙين مظلومن جي منزل آھي.

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

