بلاگنئون

سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشيون: بک، بدحالي ۽ نااميدي جو الميو

سنڌ جي ڌرتي، جيڪا صدين کان تهذيب، امن، محبت ۽ برداشت جي علامت رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي خاموش، پر انتهائي ڏکوئيندڙ انساني بحران جي آڏو بيٺل آهي، جنهن جو نالو آهي “خودڪشي” هي لفظ پاڻ ۾ ئي هڪ مڪمل ٽٽل ڪهاڻي آهي. هڪ اهڙي ڪهاڻي جيڪا درد، نااميدي، اڪيلائي ۽ سماجي ناانصافي سان ڀريل آهي. خاص طور تي ٿرپارڪر جهڙو علائقو جيڪو فطري حسن، ريگستاني سونهن، مورن جي رقص ۽ هرڻن جي آزادي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، اتان جي انسان جي اندروني دنيا تي هڪ اهڙو انڌيرو ڇانيل آهي جيڪو ٻاهرين خوبصورتيءَ کي به ڌنڌلو ڪري ڇڏي ٿو. هي ڪو اتفاق نه آهي، هي هڪ مسلسل وڌندڙ سماجي بحران آهي. خاموشيءَ جو سڏ جيڪو ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ٿرپارڪر ۾ خودڪشي صرف هڪ خبر ناهي، پر هڪ مڪمل انساني الميو آهي. هر واقعي جي پويان هڪ گهر آهي جيڪو هميشه لاءِ بدلجي وڃي ٿو، هڪ ماءُ آهي جيڪا خاموش ٿي وڃي ٿي، هڪ پيءُ آهي جيڪو اندر ئي اندر ٽٽي وڃي ٿو ۽ هڪ ٻار آهي جيڪو ڪيترن ئي سوالن کي پنهنجي ذهن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، پر افسوس اهو آهي ته هي آواز گهڻو ڪري سماج تائين نٿو پهچي. ڪيترائي واقعا يا ته رپورٽ ئي نٿا ٿين يا پوءِ ڪجهه سٽن ۾ ختم ٿي وڃن ٿا.

سماجي بدنامي، خوف ۽ روايتن جي دٻاءُ سبب ڪيترائي خاندان خاموشي اختيار ڪن ٿا. نتيجي ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿئي ٿي. حقيقت لڪي وڃي ٿي ۽ مسئلو وڌي وڃي ٿو.

انگ اکر نه، پر ٽٽل زندگيون: سنڌ ۾ خودڪشي بابت ڪابه مڪمل ۽ مستند سرڪاري ڊيٽا موجود ناهي، جيڪا هڪ المناڪ صورتحال آهي. جڏهن ڪنهن سماجي مسئلي کي صحيح نموني ماپيو ئي نه وڃي ته ان جي شدت کي سمجهڻ به مشڪل ٿي وڃي ٿو. مختلف غير سرڪاري رپورٽن ۽ سر زميني مشاهدن مطابق ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ميرپورخاص جهڙن علائقن ۾ خودڪشي جا واقعا وڌيڪ رپورٽ ٿين ٿا. انهن ۾ نوجوان، عورتون ۽ وچولي عمر جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، پر هي صرف ظاهر ٿيندڙ تصوير آهي، اصل تعداد گهڻو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

نفسياتي درد جي خاموش جنگ: خودڪشي هڪ اوچتو فيصلي جو نتيجو ناهي، پر اها هڪ ڊگهي اندروني جدوجهد جو آخري مرحلو آهي. نفسيات جي ماهرن مطابق، ڊپريشن هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا آهستي آهستي انسان جي سوچ، احساس ۽ اميدن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هيءَ بيماري شور نٿي ڪري، پر اندر ئي اندر انسان کي خالي ڪري ڇڏيندي آهي.

جڏهن ماڻهو کي لڳي ٿو ته ڪو به مون کي نٿو سمجهي، ڪوبه منهنجي مدد لاءِ موجود ناهي، مستقبل مڪمل طور بند ٿي چڪو آهي ته پوءِ ذهن آهستي آهستي زندگي کان پري ٿيڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هيءَ حالت وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ٿي، جتي ماڻهو وهم، خوف ۽ غلط خيالن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هو حقيقي دنيا کان الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ اهو فاصلو ئي سڀ کان خطرناڪ هوندو آهي.

غربت طاقتور دشمن: ٿرپارڪر ۾ غربت صرف معاشي مسئلو ناهي، پر هڪ مڪمل انساني بحران آهي. جڏهن گهر ۾ کاڌو گهٽجي وڃي، جڏهن ٻارن جون ضرورتون پوريون نه ٿين، جڏهن روزگار جا دروازا بند هجن، تڏهن صرف جسم نه، پر ذهن به ٿڪجي پوي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو صرف غربت سان نه، پر اندروني ڀڃ ڊاهه سان به وڙهندو آهي. ڪجهه ڪيسن ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته انتهائي مايوسي جي حالت ۾ ماڻهو پنهنجي پوري خاندان سان گڏ زندگي ختم ڪري ڇڏين ٿا. اهو منظر ڪنهن به مهذب سماج لاءِ هڪ وڏو سوال آهي.

ٿر جو ڏڪار ۽ لڏپلاڻ: ٿرپارڪر ۾ برسات زندگي جي علامت آهي. جڏهن برسات نه پوي ته زمين سڪي وڃي ٿي، فصل تباهه ٿي وڃن ٿا، مال مري وڃي ٿو ۽ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. هيءَ لڏپلاڻ صرف جسماني ناهي، پر سماجي ۽ نفسياتي به آهي. ماڻهو پنهنجا ڳوٺ، پنهنجا رشتا ۽ پنهنجون يادون ڇڏي وڃن ٿا ۽ جڏهن اميدون به گڏ سفر نه ڪن، تڏهن انسان لاءِ زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وڃي ٿي.

عورتن جي خاموش جنگ: ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ عورتن جي خودڪشي جا واقعا خاص طور تي ڳڻتي جوڳا آهن. انهن جي ڪهاڻين ۾ اڪثر هڪ جهڙا درد ملن ٿا، گهريلو تشدد، سماجي دٻاءُ، جنسي هراسمينٽ، بليڪ ميلنگ. زرعي علائقن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ڪيترن ئي قسمن جي استحصال جو شڪار ٿين ٿيون، پر سماجي خوف ۽ بدنامي جي ڪري هو آواز نٿيون اٿاري سگهن. اهو خاموش درد وقت سان گڏ وڌي وڃي ٿو ۽ آخرڪار اهڙي حد تائين پهچي ٿو جتي زندگي جو بار ناقابل برداشت ٿي وڃي ٿو.

اجتماعي خودڪشيون:  گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿرپارڪر ۾ اهڙا واقعا پڻ سامهون آيا آهن جتي نوجوان جوڙا پسند جي شادي نه ٿيڻ يا سماجي دٻاءُ سبب گڏجي خودڪشي ڪندا رهيا آهن. هي رجحان انتهائي خطرناڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته نوجوانن وٽ متبادل حل موجود نه آهن، جتي محبت کي قبوليت نه ملي، اتي موت هڪ رستو بڻجي وڃي ٿو، جيڪا سماج جي ناڪامي آهي.

ذهني صحت جا مسئلا: ٿرپارڪر ۾ نفسياتي علاج جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن. مٺي جهڙن علائقن ۾ به ماهر نفسيات جي کوٽ آهي. مريضن کي حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوي ٿو، جيڪو غريب ماڻهن لاءِ ناممڪن حد تائين مهانگو آهي. مٺي کان حيدرآباد جو روڊ ذريعي فاصلو تقريبن 200 ڪلو ميٽر آهي. جڏهن ته ڪراچي جو فاصلو لڳ ڀڳ 350 ڪلو ميٽر آهي. نفسياتي علاج لاءِ مريضن کي اڪثر حيدرآباد يا ڪراچي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي جنهن سبب علاج مهانگو ٿي وڃي ٿو.

سماج جو عڪس: جڏهن ڪنهن سماج ۾ خودڪشي جا واقعا وڌن ٿا ته پوءِ اهو فرد جو مسئلو نٿو رهي، پر هڪ سماجي مسئلو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو سماج جو عڪس پيش ڪري ٿو. ٻڌائي ٿو ته موقعا محدود آهن، ماڻهن ۾ اعتماد گهٽجي رهيو آهي ۽ مستقبل خوف ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.

حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري: هي مسئلو صرف فرد جو نه، پر رياستي ذميواري آهي. ضروري آهي ته هر تعلقي ۾ نفسياتي مرڪز قائم ڪيا وڃن، باقاعده ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي، آگاهي مهم هلائي وڃي، روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ صحت جي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. ننڍي عمر ۾ شادي جهڙن مسئلن تي سخت قانوني عملدرآمد پڻ ضروري آهي.