ڪڏهن ڪڏهن ڪو پنهنجي وجود ۾ فقط ماڻهو نه هوندو آهي، هو پاڻ هڪ ڪائنات هوندو آهي! اهڙي ڪائنات، جنهن جا ستارا لفظن ۾ نه ھوندا اھن، پر يادگيرين ۾ پيا ٽمڪندا آهن. ٻڍل لاشاري به اهڙو ئي انسان هو، جنهن کي سمجھڻ لاءِ شعور جي اک کولڻ ضروري آھي.
1949ع جي ھڪ صبح، جڏهن چوماسي جي مٽيءَ ۾ اڃان به خوشبوءَ جا نشان هوندا آهن، ڳوٺ حاجي شاهه بخش خان لاشاري، ضلعي ميرپورخاص جي ڌرتيءَ تي هڪ ٻار جنم ورتو. ڪنهن کي خبر نه هئي ته هي ٻار، وقت سان گڏ، شعور ۽ فڪر جو ھڪ اهڙو مسافر بڻجندو، جيڪو پنهنجي مٽيءَ کي شاعريءَ جي صورت ۾ امر ڪري ڇڏيندو. ٻڍل جو ننڍپڻ ڪنهن شاندار درسگاهه جي ڇانوَ ۾ نه گذريو ھو، پر سادي زندگيءَ جي اُن ميدان ۾، جتي سکيا ڪتابن کان وڌيڪ حالتن مان ملندي ھئي. پنج درجا سنڌي پڙهڻ کانپوءِ، هن جي رسمي تعليم ته ڄڻ بيهي رهي ھئي، پر اصل تعليم تڏهن شروع ٿي ھئي جڏھن زندگيءَ جي ڪلاس ۾، جتي استاد وقت هوندو آهي ۽ سبق درد ھوندا آھن. هو ننڍپڻ کان شاعري ڪندو رهيو شايد ڇو ته ڪجهه دليون ڳالهائڻ کان اڳ ئي ڳائڻ سکي وينديون آهن. سندس لفظن ۾ ڪا ٺهڪندڙ ڪوشش نه هئي؛ اهي ته ڄڻ روح جي مٽيءَ مان پاڻ اڀرندا هئا. ڪلاسيڪل طرز ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جا غزل، بيت اهي سڀ هن جي روح جا ترجمان هئا. 2009ع ۾ جڏهن سندس ڪتاب “ڌرتيءَ تي ليڪا” ڇپيو ته اهو رڳو ڪتاب نه هو، پر هڪ زندگيءَ جو نچوڙ هو! اهڙو نچوڙ، جنهن ۾ ڌرتي، درد ۽ ڏاهپ گڏيل هئا.
ٻڍل لاشاري، رڳو شاعر نه هو. هو محفلن جو مور هو. جڏهن هو پنهنجي غزل کي ترنم سان جهونگاريندو هو ته لفظ فقط ٻڌڻ ۾ نه ايندا هئا، پر محسوس ٿيندا هئا. سندس آواز ۾ ڪا اهڙي مٺاس هئي، جيڪا ٻڌندڙ جي دل کي آهستي آهستي پنهنجي وڪوڙ ۾ وٺي ڇڏيندي هئي. سندس اردوءَ جو اهو شعر:
اڪ ياد هي ڪي نا مراد نهين جاتي،
اس بي بنياد ڪي بنياد نهين جاتي.
ھي رڳو هڪ سٽ ناهي، پر هڪ اهڙو احساس آهي، جيڪو هر اُن دل ۾ ڌڙڪندو آهي، جنهن ڪڏهن ياد کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. ٻڍل، لطيف جو ماڻهو هو. رڳو پڙهندڙ به نه ھو، پر جيئندڙ به ھو. شاهه جي رسالي سان سندس محبت ڪا رسمي عقيدت نه هئي؛ اها ته هڪ اهڙي وابستگي هئي، جيڪا سندس ساهه ۾ رچيل هئي. هو لطيف کي صرف سمجهندو نه هو، پر محسوس ڪندو هو ۽ پوءِ اُن احساس کي ٻين تائين پهچائيندو هو.
مون سان سندس تعلق، رڳو سڃاڻپ جو نه ھو، پر محبت جو به هو. هو روز ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو ۽ انهن ڪچهرين جو مرڪز هميشه لطيف، سماج ۽ انسان جو درد هوندو هو. سندس ڳالهين ۾ ڪا بناوٽ نه هئي، اهي سڌيون، سچيون ۽ اثرائتيون هونديون هيون.
ٻڍل جي شخصيت هڪ رنگ ناھي، پر ڪيترن رنگن جو ميلاپ آھي. هو شاعر هو، پر ساڳئي وقت هڪ بهترين ڪمپيئر، مزاحيه اداڪار ۽ والي بال جو ڀلوڙ رانديگر به هو. سندس زندگيءَ ۾ ڪا هڪ سڃاڻپ نه هئي هو هڪ مڪمل انسان هو، جيڪو هر رخ سان جيئڻ ڄاڻندو هو.
هو چوندو هو: “زندگيءَ کي فقط ذات تائين محدود نه رکو ان کي پنهنجي رنگ ۾ رنگايو.” ۽ هو پاڻ به ائين ئي جيئندو هو! رنگين، بي فڪر، تمام گهرو.
چانهه جي اڌڙي ۽ سگريٽ، سندس صبح جا ساٿي هوندا هئا. اهي رڳو عادتون نه هيون، پر سندس ڪچهرين جا بهانا هئا. چانهه جي ڪوپ سان گڏ، هو لفظن جا اهڙا درياءَ وهائيندو هو، جيڪي ٻڌندڙ کي پنهنجي اندر ڇڪي وٺندا هئا. جڏهن اسان گڏجي فيس بڪ تي لطيفي فڪري رنگ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ته سندس خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو نه هو. اسان اٺاويهه قسطون لائيو رڪارڊ ڪيون هر قسط ۾ هڪ نئون شعوري، فڪري، احساساتي دڳ ھوندا ھئا. اهي پروگرام اڄ به زنده آهن، ڇاڪاڻ ته اهي صرف پروگرام ناھن، پر روح جي وجود جون خوبصورت يادگيرين جا حصا آھن.
ٻڍل هڪ صوفي منش انسان هو. هن جي دل ۾ ڪوبه فرق نه هو. ھو هر ماڻهو، هر فڪر، هر سوچ، هن لاءِ هڪ جهڙي هئي. سندس دوستن جو دائرو وسيع هو ۽ شايد انهيءَ ڪري، سندس دل به وسيع هئي. هو سماج جو ھيڪلو ماڻهو هو. اهڙو ماڻهو، جيڪو ماڻهن ۾ رهندو هو، ماڻهن لاءِ سوچيندو هو. سندس ڳوٺ ۾، هر ڪو کيس سڃاڻندو هو. ننڍڙو ٻار هجي يا پوڙهو ڇو ته هن پاڻ کي ماڻهن کان پري ڪڏھن به نه رکيو، پر ماڻهن ۾ ورهايو.
زندگيءَ کيس آزمائشون به ڏنيون ڪينسر جهڙي بيماري! پر هن ان کي به مات ڏني. هن ڪڏهن حوصلو نه هاريو. هو آخري گهڙيءَ تائين مسڪرائيندو رهيو. شايد! هو ڄاڻي چڪو هو ته زندگيءَ جو حسن، ڏکن ۾ مرڪڻ آهي. ٻڍل، لطيف جي سُرن ۾ جيئندو هو! ڪڏهن سسئيءَ جيان تڙپندو، ته ڪڏهن مارئيءَ جيان انتظار ڪندو. هو رڳو لطيف کي پڙهندو نه هو، پر لطيف بڻجي ويندو هو. سندس شاعري، سادي پر گهري هئي:
“اسان لڙڪ ٽهڪن ۾ ٽاري ڇڏيا،
يادگيرين جا پوپٽ اڏاري ڇڏيا.”
هيءَ سٽ ڄڻ سندس زندگيءَ جو عڪس آهي. درد کي مرڪ ۾ بدلائڻ جو هنر آھي ۽ ٻي جاءِ تي چوي ٿو:
“ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو،
رکي دوستي پوءِ ڇنڻ ڏکيو آ.”
هي فقط شعر ناھي، پر سندس وجود جو ڄڻ بيان آهي! لفظن سان هڪ اهڙي وابستگي، جيڪا ٽٽي نٿي سگهي. مون پنهنجي ننڍڙي شعوري زندگيءَ ۾، اهڙا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي کلندي کلندي، ڏکن جي ڏونگرن کي پار ڪري وڃن. ٻڍل اهڙو ئي ماڻهو هو. هڪ مسافر، جيڪو پنهنجي سفر کي به مسافر بڻائي ڇڏيو…