ايڊيٽوريلنئون

سي ايس ايس امتحان پاس ڪندڙ نوجوان ۽ سوشل ميڊيا تي سندن ٽرولنگ

سي ايس ايس (سينٽرل سپيريئر سروسز) پاڪستان جو سڀ کان مٿانهون ۽ وفاقي امتحان آهي، جنهن کي هر سال فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن هڪ مخصوص وقت تي وٺندو آهي. هن امتحان جو بنيادي مقصد وفاقي حڪومت جي مختلف کاتن ۾ 17 گريڊ جا آفيسر جن کي بيوروڪريٽس چيو وڃي ٿو ڀرتي ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن ملڪ جو انتظام هلائي سگهجي. هن امتحان جا چار مرحلا آهن. پهريون لکت وارو امتحان جنهن ۾ ڇهه لازمي ۽ ڇهه اختياري مضمون هوندا آهن ڪل مارڪون ٻارنهن سئو هونديون آهن. ان کان علاوه ٻئي نمبر تي اميدوار جي جسماني صحت جي چڪاس لازمي ٿيندي آهي. ٽئين نمبر تي نفسياتي ٽيسٽ ورتو ويندو آهي ته جيئن اميدوار جي ذهني صلاحيت ۽ لاڙن کان علاوه شخصيت جو جائزو ورتو وڃي. چوٿين نمبر تي Viva Voce جنهن کي انٽرويو چيو وڃي ٿو اهو مرحلو آخري مرحلو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ اميدوار ٽن مرحلن کان ڪامياب ٿي جڏهن چوٿين مرحلي مان ڪامياب ٿي گذري ٿو ته کيس سندس اسڪور مطابق ڪنهن نه ڪنهن کاتي ۾ 17 گريڊ جو آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽر سروسز، پوليس سروس آف پاڪستان، فارين سروس آف پاڪستان. ان کان علاوه ڪسٽم، انڪم ٽيڪس، ريلوي ۽ پوسٽل سروس وغيره شامل آهن.

هن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ٻي ڊويزن سان گريجوئيٽ هجڻ  ضروري آهي ۽ ان جي عمر جي حد 21 کان 30 سال جي وچ ۾ هجڻ گهرجي. هن امتحان جي لاءِ پوري پاڪستان ۾ قابل ۽ انگريزي ٻوليءَ تي مهارت رکندڙ اميدوار حصو وٺن ٿا، جن جو مختلف مضمونن ۾ تمام سٺو مطالعو هوندو آهي. 2022ع کان وٺي ايف پي ايس سي هڪ نئون قائدو لاڳو ڪيو آهي جنهن کي ايم پي ٽي ٽيسٽ جيڪو ايم سي ڪيو تي ٻڌل هوندو آهي ورتو ويندو آهي. هاڻي اهو ٽيسٽ اسڪريننگ ٽيسٽ به سڏرائي ٿو ۽ ان ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ اميدوار سي ايس ايس جي امتحان ۾ ويهي سگهن ٿا. هن سال 2025ع جي امتحان ۾ ويٺل 12792 اميدوارن مان 355 اميدوارن لکت جو امتحان پاس ڪيو، جنهن ۾ انٽرويو جي مرحلي کانپوءِ 170 اميدوار ڪامياب ٿي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيا ويا. سنڌ جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته هن امتحان ۾ نه صرف ڇوڪرا بلڪه اسان جون قابل ۽ اهل نياڻيون تمام محنت ڪري امتحان پاس ڪري مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، اها ڳالهه سنڌ جي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، پر ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن ملڪ ۾ سسٽم ايترو ته خراب آهي جو هڪ اهل ۽ قابل شخص جيڪو ايڏي محنت ڪري اهو امتحان پاس ڪري پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جي لاءِ هڪ باعزت طريقو چونڊي ڪنهن کاتي ۾ سرڪاري نوڪري حاصل ڪري ٿو ڪڏهن ڪڏهن ان شخص کي اهو احساس به ٿئي ٿو ته هو شايد غلط جڳهه تي پهچي ويو آهي ۽ پوءِ ڪيترائي نوجوان محنت سان حاصل ڪيل اها نوڪري اڌ ۾ ڇڏي وري ڪو ٻيو ڪاروبار يا ڪا ٻي نوڪري ڪرڻ لاءِ نڪري پون ٿا، اهو سندن ذاتي فيصلو چئبو.

هن وقت سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ عجيب و غريب صورتحال نظر اچي رهي آهي، ڪجهه ماڻهو سي ايس ايس امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي سندن ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏئي سندن تصويرون ۽ انٽرويو بار بار شيئر ڪري رهيا آهن ته ساڳي جاءِ تي ڪجهه ماڻهو ساڳين نوجوانن مان مستقبل جي لاءِ نا اميديءَ جي تصوير پيش ڪري رهيا آهن ته هي آفيسر اڳتي هلي سنڌ جي وسيلن جو ڌاڙيل بڻجندو، سنڌ جي عوام کي لٽيندو ۽ سنڌ جو استحصال ڪندو. ان قسم جو رويو اسان جي سماج جي ذهني پسماندگي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. هن امتحان کي پاس ڪرڻ وارن کي اسان کي نه ته سماج کان تمام گهڻو مٿانهون سمجهڻ گهرجي ۽ نه ئي انهن مان نااميدي ۽ مايوسيءَ واري ڪا ڳالهه ذهن ۾ آڻڻ گهرجي. هر اميدوار هر نوجوان کي اهو حق آهي ته هو پڙهڻ ۽ لکڻ کانپوءِ ڪهڙي شعبي ۾ وڃي نوڪري حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، سندس دلچسپي ڪهڙي ڪم ۾ آهي ۽ هو ڪهڙي ڪم جي چونڊ ڪري ٿو ان لاءِ هو آزاد آهي، پر هتي سماج انهن نون پاس ٿيندڙ نوجوانن کي اڃان سندن ڪيريئر شروع ٿيو ئي نه آهي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن. هڪ اصطلاح آهي “گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا” جن نوجوانن کان محنت نٿي پڄي يا اهي اهو امتحان پاس نه ڪري سگهيا آهن اهي پاس ٿيندڙ نوجوانن کي مختلف طريقن سان اهو احساس ڏياري رهيا آهن ته انهن هي امتحان پاس ڪري ڄڻ ته ڪو وڏو ڏوهه ڪيو آهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ هن امتحان ۾ سنڌ جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي رهجي وينديون هيون ۽ انهن تي پنجاب مان ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو هو ۽ سنڌ جو حق سنڌين کي ملڻ جي بجاءِ پنجاب جي ماڻهن کي ملندو هو ۽ ان وقت به سنڌ جو ماڻهو خوش نه هو. سنڌ جو ماڻهو اڄ به خوش نه آهي. جڏهن سنڌ جا ميرٽ تي چونڊجي ايندڙ نوجوان جيڪي اسان جو فخر آهن اهي جڏهن پنهنجون سيٽون ڀري رهيا آهن وفاق ۾ پنهنجو حصو حاصل ڪري رهيا آهن انهن جي مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي، اهڙي تنقيد کي ايئن ئي چئي سگهجي ٿو ته جيڪو گناهه اڃان ڪيو ئي نه ويو آهي ان جي لاءِ کين ڏوهاري قرار ڏنو پيو وڃي. اسان سڀني کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سنڌ کي هڪ سنجيده مائينڊ سيٽ جي ضرورت آهي ته جيئن اسين پنهنجين ڪوتاهين تي نظر وجهي هن  گندگيءَ مان مٿي اٿي باعزت قوم وانگر بيهي سگهون.