ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي هر ماڻهو تشويش جو اظهار ڪري ٿو. سڄو صوبو ڄڻ ته جهنگ جو قانون بڻجي ويو آهي، جنهن کي جتان وارو لڳي ٿو اهو ٻئي کي ڦري هليو ٿو وڃي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته خود پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به ڦرجي رهيا آهن ۽ ڦورن جي خبر به نٿي پوي ته اهي ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانهن هليا ويا، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي. ڏوھارين جي سرپرستي ڪير پيو ڪري، ڇا ظالم سردارن پوليس جي ڪارين رڍن ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ جي خاتمي کانسواءِ سنڌ ۾ امن قائم ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته پوءِ دير ڇا جي آهي، عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، پر سرڪار طرفان ڪابه توجهه نه پئي ڏني وڃي. هڪ مهينو اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ نوشهروفيروز جي هڪ غير سرڪاري پروگرام ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيدي چيو هو ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ٻين ضلعن کان گهڻو بهتر آهي. هن چيو هو ته ھتي ايس ايس پي (سنگھار ملڪ) موجود آهي، پر اتر سنڌ ۾ ڪجھه مسئلا آهن جتي پڻ بهتري اچي پئي، خاص طور تي ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ پڻ بهتري اچي پئي، اتي ڪافي گينگس (ڏوهاري ٽولن) کي ختم ڪيو ويو آهي.
هن چيو هو ته جتي ڌاڙيل راڄ گهٽيو آهي اتي وڏي وزير جي چوڻ سان ترقياتي رٿائون به کڻي پيا وڃون جيئن ماڻهو ڪا تبديلي محسوس ڪري سگهن. چيف سيڪريٽري جي اهڙي بيان جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن سنڌ اندر امن و امان جو جائزو وٺجي ته بلڪل ابتڙ صورتحال ڏسڻ ۾ ايندي. ڇو ته سنڌ ۾ قتل جا واقعا معمول بَڻيل آهن ۽ ڪوبه ماڻهو پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي. حُڪومت امن امان قائم ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام نظر اچي ٿي. هِڪ طرف عوام ۾ بُک، بَدحالي ۽ بيروزگاري آهي، جَنهن ڪري ماڻهو سَخت تڪليف ۾ آهن ۽ اُنهن تڪليفن ۾ تَمام گهڻو اضافو مَهانگائيءَ جي ڪري ٿيو آهي ته ٻئي طرف اَمُن اَمان جي خراب صُورتحال ماڻهن جو جِيئڻ جَنجال ڪري ڇَڏيو آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي انتهائي خراب ۽ شرمناڪ آهي. گذريل ڏينهن رڳو ضلعي نوشهروفيروز ۾ پنجن گاڏين کسجڻ سميت شهر اندر ڊاڪٽر حاڪم علي جوکيو جي گهران لکين رپين جي ڦر ڪئي وئي. ان کانپوءِ نوشهروفيروز جي عباسي ٽائون ۾ 6 هٿيار بندن ايس ايڇ او نوان جتوئي رفيق ٻوهيو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي لکين رپين جو سون، هٿيار ۽ روڪ رقم کڻي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ايس ايڇ او رفيق ٻوهيو جو پسٽل، هڪ رائيفل ۽ 15 لک ماليت جو سون کنيو. اهو روز جو معمول بڻيل آهي، پر ڏوهارين خلاف ڪابه فيصلائتي ڪارروائي نَه پئي ٿئي. دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد وٽ شهزاد جتوئي کان ڦورن پاران ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي شهزاد جتوئي کي ڦورن ڳاٽي ۾ گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ ريفر ڪيو ويو. نوشهروفيروز جو انسپيڪٽر مغل سيال ڦورن هٿان ڦرجي ويو. ڪراچي جي ھارون آباد ۾ ھٿياربندن جي گھر ۾ گھڙي فائرنگ، سوڀوديرو واسي 3 ڀائر سميع الله، اڪرام الله ۽ اسدالله ڪمبوهه مارجي ويا. مطلب ته پوليس لاءِ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ته ڏکي آهي، ڇو ته اهي ڪچي ۾ آهن، پر پڪي وارن علائقن ۽ شهرن ۾ ڌاڙا ۽ ڦرون ڪير پيو ڪري، جنهن جي پوليس کي به خبر نٿي پوي.
جڏهن ته هر چوڪ تي پوليس پڪٽ قائم هجڻ سان گڏ گشت واري پوليس پڻ شهرن ۾ موجود آهي، پوءِ به چورن ۽ ڌاڙيلن جو پيرو نٿو لڀي. گذريل ڏينهن کاهي ممن جي رٽائر استاد عبدالحميد ميمڻ کان نيشنل بينڪ ۾ هڪ نامعلوم ٺڳ اي ٽي ايم ڪارڊ تبديل ڪري ٽي لک 13 هزار جي رقم ڪڍائي فرار ٿي ويو ۽ پوليس اگهور ننڊ ۾ رهي. ماڻهن جي جان، مال ۽ عزتن جو تحفظ رياست جي ذميواريءَ ۾ شامل هُوندو آهي، پَر اسان وَٽ رياست نالي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي، هر ماڻهو پريشان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پوليس انتظاميه غريب ماڻهوءَ کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيترائي قانون جوڙي نوڙيءَ مان نانگ ٺاهي ٿي، پر ڏوهارين لاءِ ڪوبه قانون ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي ڪو ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهي. پوليس وڏيرن ۽ سردارن توڙي حُڪمران کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آهي، پر اصل ڪم کان آجي لڳي پئي آهي. جڏهن ته حڪمران اقتدار جي مَزي ۽ عياشيءَ ۾ غرق هجڻ سبب پوليس تي نظر به نه پيا رکن. اُهو ئِي سَبب آهي جو هَر ڪرائيم سان گڏ قتل جا واقعا پِڻ مَعمول بَڻيل آهن ۽ اِئين مَحسوس ٿِي رَهيو آهي ته ڄڻ سرڪار ڏوهارين سان ٻڌل آهي ۽ ڏوهاري پوليس ۽ حڪمرانن کي حصو پتي ڏيندا هجن، جنهن ڪري ڪنهن به واردات جا ڏوهاري ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن ۽ پوليس روايتي بيان جاري ڪري “جلد ڏوهارين تائين پهچڻ” واري پاليسي اپنائي ماڻهن کي خاموش ڪرائي ٿي. آخر اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو/شهريءَ جو ڇا ٿيندو. هن بَدامني جي راڪاس کي لَغام ڪير ڏيندو؟ مسڪينن ۽ مفلسن جي گهرن جا لوڙها لتاڙيندڙن ۽ عصمتن تي وار ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڪير آڻيندو؟ ھن سنسار اندر جهنگل جو قانون ڪير ختم ڪندو؟ ڪيستائين وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائيندي رهندي.
جيڪڏهن سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته هر ماڻهو قانون هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي پوندو، پوءِ “جيڪو ڏاڍو سو گابو” وارو قانون لاڳو ٿي ويندو ۽ ان جي ذميواري سنڌ سرڪار تي لاڳو ٿيندي. ڇو ته ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن جيڪي سرڪار جي اجتماعي ڪوششن سان حل ٿي سگهندا آهن، امن امان جو مسئلو به انهن مان هڪ آهي. ان لاءِ سنڌ سرڪار کي سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي، ڇو ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق آهي ۽ اهو حق هرهڪ کي ملڻ گهرجي، پر موجوده بدامنيءَ سبب ماڻهن جو گهرن کان نڪرڻ، سفر ڪرڻ، تعليم پرائڻ، روزگار ڪرڻ محال بڻجي ويو آهي. ايتري تائين جو ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ نه رهيا آهن. مطلب ته انهن لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان زندگي بسر ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي وڃي ٿو. ان لاءِ سنڌ سرڪار کي بدامني، ناانصافي، ڦرلٽ خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ سخت کان سخت قدم کڻڻا پوندا. ٻي صورت ۾ صوبي جا حالات اڃان وڌيڪ ڳنڀير بڻجي سگهن ٿا.