بلاگنئون

خان جو سياسي ڪيريئر ۽ مهم بازي

اسان ته شروع کان ئي چئون پيا ته خط جي متن سان ڪنهن جو ڪجهه به نه وڃي ها ۽ ان سان ڪير به ٻڌل ناهي ته خط ڪير ٿو لکي، خط جو رائيٽر ڪير آهي، خط ڪنهن کي مليو ۽ ڪنهن خط لکي عمران جي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو، ڇو ته ان خط کي ڪنهن به فورم تي چئلينج نٿو ڪري سگهجي يا پنهنجو منهن مٿو پٽي بس ڪجي ٻيو ڪجھ به ناهي. اسان جي چوڻ ۾ به ڪجھ ناهي، ان ڪري ته ان ڳالھ جو آمريڪا تي اثر ناهي پوڻو. جڏهن ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا به ان ڳالھ جي تصديق ڪن ته پوءِ ڍڪي ڀلي آهي، حيرت اها به آهي ته ان خط جي ڪري هنن پي ٽي آءِ وارن اهڙو ته ملڪ کي مٿي کنيو جو سڀ ملڪ ڏسندا رهجي ويا، ائين لڳو ته هنن پي ٽي آءِ وارن کي ٿرڊ ايمپائر جو فيصلو ڀلو يا صحيح نه لڳو. انهن ڪورٽن جڏهن نواز شريف کي پاناما ليڪس جي فيصلي تي ٻاهر ڪڍيو هو تڏهن هي عمران خان وڏو راضي هو. ڪورٽن جا فيصلا به صحيح هئا، پر ساڳين ڪورٽن جڏهن آئين جي بالادستي ڪري هن جي ڌرتي تپائي ته غلط ٿي پيو. هاڻي هي ٿو چئي ته اڌ رات جو ڪورٽون ڇو کليون؟ ته ان ڳالھ جو جواب اهو به آهي ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي هنن پي ٽي آءِ وارن تڏهن ڪئي جڏهن 8 مارچ تي آئين ۽ قانون مطابق 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻو هو، ڇو آئين جي شق 54 (3) تحت مخالف ڌر وارن اسپيڪر کي استدعا ڪئي هئي ته اجلاس گهرايو! ڇو ته هنن اهو اجلاس او آءِ سي جي اجلاس جو بهانو ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو هو، وري 10 اپريل 2021 تي رٿيل اجلاس ڪورٽ جي حڪم تي سڏايو ويو، وري هنن ان کي به هلڻ نه ڏنو، ان ڪري ان اجلاس جو وقت رات ٻارهين وڳي ختم ٿيڻو هو. ان رات عدالت ايوان جي گيٽ ٻاهران جيل واري گاڏي به بيهاري ڇڏي هئي ته جي هاڻي هن آئين شڪني ڪئي وئي ته جيل جي گاڏي ۾ واڙي بند ڪري کين کڻي ويندا، پوءِ آئين جي ته بالادستي ٿي، پوءِ ان تي پٽڪو ڪرڻ اجايو آهي، پوءِ هاڻي آزادي يا غلامي ڇا جي؟

جڏهن هن شخص ڪرپشن ناهي ڪئي، پر فارين فنڊنگ جو ايترو پئسو اٿس جو پارٽيءَ جا خرچ کاٻار هلائي ٿو، (هتي اسان ڪنهن پارٽي جو پاسو نٿا وٺون، پر ڳالھ اها آهي ته ملڪي ادارن ۽ قانون سان راند نه رچائجي) يا جنهن شخص جون سڀ پاليسين جتي ڌوڙ هيون اتي اها ڳالھ به سمجھ ۾ نه آيس ته معيشت ڪيئن سڌارجي؟ پوءِ هاڻي ان جي ڪهڙي ڳالھ کي ياد ڪري هن عمران خان جي ساک ڀرجي ته هي ڪالهوڪي ڳالھ تي به ڪوڙ هڻي سگهي ٿو. اهي ڳالهيون نٿا ڪيون جيڪي هي 2018 جي اليڪشن کان اڳ ڪندو هو، جو هر ماڻهو اهو چوندو هو ته زرداري ۽ نواز شريف کي آزمائي ڏٺو اٿوَ هاڻي عمران کي آزمايو، اهو به آزمائي ڏٺوسين، هاڻي ڇا ڪريون؟ پر هن شخص ته مارچ 2022 وارو مهينو ڏسڻ سان ئي آسمان مٿي تي کنيو هو جو ڪنهن جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. رياست مطابق جيڪڏهن بين الاقوامي عزت ۽ ناموس جو خيال نه هجي ها ته ملڪ ۾ مارشلا يا ايمرجنسي لاڳو ٿي سگهي ها. اهڙين حالتن ۾ ملڪ کي هن شخص آڻي بيهاريو جو ملڪ ۾ سياسي زلزلو اچي ويو هو جو هن شخص واپسي جو رستو نٿي ڏٺو. ائين به نه هو ته ڪو هي پي ڊي ايم وارا آرمي يا عسڪري ادارن جي شخصن جي ڪرسيءَ پٺيان لڳي پيا هئا، پر جمهوريت جي “سمود ٽرانزيشن” ٿيڻ هن ملڪ جي لاءِ ڀلو هو، پر هي شخص ته پاڻ کان علاوه ٻئي ڪنهن کي سمجهي نه پيو، نه ئي اهو پيو سمجهي ته هن کان علاوه هي ملڪ هلي به سگهندو. حقيقت ۾ هن مهل تائين اهڙا ڪيترائي دادلا سياستدان آيا ۽ ويا به، جيڪي جتان سياست سکيا اتان ئي وري واپسي جي ٽڪيٽ وٺي هليا به ويا، پر چُون چان نه ڪيائون.

ان ڪري سازشون ڪنهن ناهن ڪيون، ائين به ناهي ته سازشون ڪير ناهي ڪندو، پر سياست جو ٻيو نالو شايد سازش آهي، ان ڪري ته هن مهل تائين ڪنهن به ڪَجَائي (سينگار ڪري) تي رکي يا کڻي مخالفن کي حڪومت ناهي ڏني يا هيءَ ڪا سرڪاري نوڪري ناهي جو وڃڻ وارو اچڻ واري کي معتبر طريقي سان ڪرسيءَ تي ويهاري دعا به گهرندو هجي، پر مالڪ ته ڌڪا يا ٿڦون هڻي ڪرسيءَ تان لاهي گهر ڀيڙو ڪندا آهن، پوءِ هن شهزادي جي ڪهڙي مجال هئي يا ڪير آهي، جيڪو ڪرسيءَ تي ويهي لهڻ واري نه ڪري. عسڪري ادارن جي ڪمانڊ به وڏي توپن جي سلامي سان مٽبي سٽبي رهندي آهي، پر سياست شايد ائين ناهي، جو ٽرمپ ڪيپيٽول کي به ٻاري رکيو هو جڏهن چيائونس ته ڪرسيءَ تان لھ، تڏهن چئي ويٺو هو ته روس ان جي خلاف سازش ڪئي آهي ۽ جوبائيڊن روس جي پٺڀرائي سان آمريڪا جو صدر ٿيو آهي ۽ روس رڳو ٽرمپ جي پٺيان هو ته هي لهي، هاڻي به ان جو يار آهي.

بلاسفيمي ۾ ڪجھ ڊينمارڪ يا انگريز نسل جا ماڻهو جيڪي وري هاڻي ظاهر ٿيا آهن جن جو چوڻ آهي ته اسان عمران جي حڪومت ڪِرِڻ َجي انتظار ۾ هئاسين، هاڻي اسان آزاد آهيون ۽ بلاسفيمي ڪنداسين ۽ عمران ان ڳالھ تي برهم آهي ته اهي ائين ڇو ٿا ڪن، ڳالھ سمجھ کان ان ڪري به مٿي آهي ته جڏهن نومبر 2020 ۾ فرانس ۽ ڊينمارڪ وارن جي ڪيل بلاسفيمي وارن معاملن تي “ٽي ايل پي” وارا وڏا احتجاج رڪارڊ ڪرائي ويٺا هئا يا ان کان به اڳ ناموس رسالت جي نالي تي هي شخص يا هن جي پارٽي اوچتو 2018 جي چونڊن ۾ اڀري آئي هئي جنهن جو نعرو رڳو ناموس رسالت جو بچاءُ ڪرڻ هو ۽ ان ڳالھ تي اهي 2018 وارين چونڊن ۾ سڄي ملڪ سميت وڏن شهرن مان به سيٽون کڻي ويا هئا ۽ انهن عمران سرڪار سان اهي ڳالهيون به طئي ڪيون هيون ته اهي ايوان مان اهو ٺاھ منظور ڪرائيندو ته فرانس سان لاڳاپا ختم ڪن ۽ انهن جي پراڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪن يا انهن جي سفير کي هتان تڙي ڪڍن، پر يورپي يونين سميت آمريڪا جون ڌمڪيون ۽ فرانس جون ڌمڪيون هنن تي اثر ڪري ويون ۽ بجاءِ جو اهي ٽي ايل پي جي ڪا ڳالھ ٻڌن ها، هنن مولانا خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي کانپوءِ (جيڪو پڻ نومبر 2020 ۾ ٿيو)، پر ان جي وڃڻ سان هنن اپريل 2021 ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو، پر هن شخص بجاءِ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جي مولانا خادم حسين رضوي جي پٽ کي جيل ۾ بند ڪرائي، لاهور ۾ خونريزي ڪرائي، هنن جي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏئي ويٺو. هاڻي پاڻ ئي ساڳي ڳالھ ٿو ڪري پوءِ ڀلا هي به کڻي ڏاڙهي رکرائي، انهن جي صف ۾ بيهي، ان ۾ ڇا آهي ڳالھ ته به ساڳي ٿو ڪري، ڪهڙي هن جي پروگريسو سياست آهي.

ميڊيا مهم سازي ۾ پي ٽي آءِ وارن جو مثال ناهي، سمورو ملڪ هنن جي ڪري ڏچي ۾ آهي. انٽرنيٽ سروي به هي پاڻ ڪرائيندا آهن، رپورٽون به پاڻ شايع ڪرائيندا آهن ۽ بلي بلي ۽ واھ واھ به پاڻ ڪرائيندا آهن، سڄي سوشل ميڊيا تي رڳو هي پنهنجي هڻ هڻان لايو ويٺا هوندا آهن. ان ۾ رڳو عمران عمران لڳي پئي هوندي آهي، ڄڻ انقلاب جو سرواڻ آهي ئي عمران خان، اهڙو انقلاب جهڙو ٽي ايل پي وارن آڻڻ چاهيو يا چاهين ٿا يا ڪهڙو انقلاب جنهن جا سڱ هوندا، جيڪو پي ڊي ايم جي ڪنهن به سياسي پارٽي سان مشابهت نه رکندو هوندو، جنهن جو رنگ ئي اعليٰ هوندو. هن ڀيري جذباتي ٿي خان پنهنجي جماعت کي مذهبي گروهن سان ملائي ڇڏيو آهي، جو نٿو معيشت جي ڳالھ ڪري، نٿو سياست جي ڳالھ ڪري، نٿو اقتصاديات جي ڳالھ ڪري، رڳو ڪرسيءَ کان اڳ به چور چور ۽ ڪرسيءَ کانپوءِ به چور چور. اهي چور جيستائين هن جي خلاف ڪا بي اعتمادي جي رٿ نه پئي آڻي سگهيا، تيستائين صحيح هئا، پر جنهن ڏينهن اهي اهڙي بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تڏهن هي سڀ يونائيٽيڊ پي ڊي ايم وارا پڪا چور ٿي ويندا، ڳالھ سمجھ کان مٿي آهي. وري ٽوئيٽر تي عسڪري ادارن جي خلاف مهم هلائي، ٽرينڊ هلائي هنن اهو سمجهيو ته هي ملڪ ميڙي ويندا ۽ ماڻهو هنن سان احساس جو رشتو مضبوط ڪندا ۽ هي سياست ڪري ويندو، پر مشڪل آهي، پر اها ڳالھ به سمجهڻ جهڙي آهي ته هيل واري سياست ۾ واضح آهي ته ڪير به اڪيلي سر حڪومت نٿو ٺاهي سگهي پوءِ اهي نون ليگ وارا به ڇو نه هجن يا پ پ وارا. سڀاڻي هن کي جي سياست اتحاد ڪرڻا به پيا ته هي ڪنهن جي پيرن ۾ ڪرندو يا جي مفاهمت نه ڪندو جي نه ته پوءِ ڇا ڪندو؟ بهرحال پي ٽي آءِ جي وزيرن جون استعيفائون ڪم نه هيون، جو هنن جا وزير پاڻ ئي ان استعيفيٰ واري معاملي تي ورهائجي ويا هئا، شاھ محمود قريشي هڪ پاسي ته ٻيا عمران سان ٻئي پاسي، ان ڪري هنن کي استعيفائون ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ هاڻي به ڳالهيون رڳو جيل مان ٻاهر نڪرڻ هو، پر القادر يونيورسٽي جو 190 پائونڊن جو ڪيس ڳچيءَ جو ڦاهو ٿي بيهي رهيو جنهن رهي کُهي اميد به ختم ڪري ڇڏي.