اسان ته شروع کان ئي چئون پيا ته خط جي متن سان ڪنهن جو ڪجهه به نه وڃي ها ۽ ان سان ڪير به ٻڌل ناهي ته خط ڪير ٿو لکي، خط جو رائيٽر ڪير آهي، خط ڪنهن کي مليو ۽ ڪنهن خط لکي عمران جي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو، ڇو ته ان خط کي ڪنهن به فورم تي چئلينج نٿو ڪري سگهجي يا پنهنجو منهن مٿو پٽي بس ڪجي ٻيو ڪجھ به ناهي. اسان جي چوڻ ۾ به ڪجھ ناهي، ان ڪري ته ان ڳالھ جو آمريڪا تي اثر ناهي پوڻو. جڏهن ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا به ان ڳالھ جي تصديق ڪن ته پوءِ ڍڪي ڀلي آهي، حيرت اها به آهي ته ان خط جي ڪري هنن پي ٽي آءِ وارن اهڙو ته ملڪ کي مٿي کنيو جو سڀ ملڪ ڏسندا رهجي ويا، ائين لڳو ته هنن پي ٽي آءِ وارن کي ٿرڊ ايمپائر جو فيصلو ڀلو يا صحيح نه لڳو. انهن ڪورٽن جڏهن نواز شريف کي پاناما ليڪس جي فيصلي تي ٻاهر ڪڍيو هو تڏهن هي عمران خان وڏو راضي هو. ڪورٽن جا فيصلا به صحيح هئا، پر ساڳين ڪورٽن جڏهن آئين جي بالادستي ڪري هن جي ڌرتي تپائي ته غلط ٿي پيو. هاڻي هي ٿو چئي ته اڌ رات جو ڪورٽون ڇو کليون؟ ته ان ڳالھ جو جواب اهو به آهي ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي هنن پي ٽي آءِ وارن تڏهن ڪئي جڏهن 8 مارچ تي آئين ۽ قانون مطابق 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻو هو، ڇو آئين جي شق 54 (3) تحت مخالف ڌر وارن اسپيڪر کي استدعا ڪئي هئي ته اجلاس گهرايو! ڇو ته هنن اهو اجلاس او آءِ سي جي اجلاس جو بهانو ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو هو، وري 10 اپريل 2021 تي رٿيل اجلاس ڪورٽ جي حڪم تي سڏايو ويو، وري هنن ان کي به هلڻ نه ڏنو، ان ڪري ان اجلاس جو وقت رات ٻارهين وڳي ختم ٿيڻو هو. ان رات عدالت ايوان جي گيٽ ٻاهران جيل واري گاڏي به بيهاري ڇڏي هئي ته جي هاڻي هن آئين شڪني ڪئي وئي ته جيل جي گاڏي ۾ واڙي بند ڪري کين کڻي ويندا، پوءِ آئين جي ته بالادستي ٿي، پوءِ ان تي پٽڪو ڪرڻ اجايو آهي، پوءِ هاڻي آزادي يا غلامي ڇا جي؟