تعليم پرائڻ کانسواءِ ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. اهو پاڻ هر هنڌ ٻڌو ۽ پڙھيو آھي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسين واقعي اهڙي تعليم پرائي رهيا آھيون جنھن سان ترقي پنھنجي يقيني هجي ٿي؟ تعليم ڪنھن به قوم لاءِ بنيادي جزو هوندو آھي، جنھن جي حاصلات سان ئي اها قوم انفرادي توڙي اجتماعي طور سماج ۾ ترقي ۽ هڪ خاص شناخت حاصل ڪري سگهي ٿي. ڇا اسين واقعي ان بنيادي جزي کي مضبوطي سان پڪڙي سندس پيڇو ڪري رهيا آھيون؟ اسين جيڪي پنھنجن ٻارن جي مستقبل لاءِ حيران ۽ پريشان رهيا آھيون ته ڇا اسين سچ ۾ انھن جي مستقبل کي وٺي ايترو سنجيدگيءَ سان فڪرمند آھيون جيترو ٻيون قومون ۽ دنيا جا پٺتي پيل ملڪ تعليم جي ميدان ۾ سنجيده آھن ۽ اهي تمام تيزي سان تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيا آھن. اسان جي سامهون ڪيترائي اهڙا ملڪ مثال جي طور تي موجود آھن، جن مان ڪن ملڪن جي خواندگي شرح تمام گهٽ هوندي انھن صرف ۽ صرف پنھنجي تعليمي نظام کي مضبوط بڻائي پنھنجي ايندڙ نسلن کي تعليم طرف متوجھه ڪري دنيا ۾ پنھنجي ترقي يقيني بڻائي آھي ته ڪي اڃان تعليم کي پنھنجي ملڪن ۾ هٿي ڏياري ترقي طرف گامزن آھن. تعليم ڪنھن به قوم جي ترقي جو بنياد هجي ٿي، ڇا اسان ڪڏھن سوچيو آھي ته تعليم جي ميدان ۾ اسين ڇو سستيءَ جو شڪار رهيا آھيون. اقتصادي رپورٽ 2025-2024 موجب پاڪستان جي خواندگي شرح مجموعي طور 60 سيڪڙو رهي آهي، جنھن ۾ ڇوڪرن جو ڪاٿو 68 سيڪڙو، جڏهن ته ڇوڪرين جا انگ اکر 52 سيڪڙو ٻڌايا ويا آھن. ان کان علاوه صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ خواندگي شرح پنجاب جي يعني 66 سيڪڙو، ٻئي نمبر تي سنڌ جي خواندگي شرح 57 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواھه جي 51 سيڪڙو. جڏهن ته بلوچستان جي مڙني صوبن کان گهٽ 42 سيڪڙو خواندگي شرح رهي آھي. مڙني انگن اکرن کي ڏسندي اها شرح پوئين ڏهاڪن کان يقينن ڪجھه بهتر رهي آھي، پر پاڻ کي اڃان وڌيڪ عملي طور قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.