نئون

الطاف حسين خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت پاران متحده جي باني ليڊر الطاف حسين سميت سندس ساٿين تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن هن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي اهلڪارن عدالت کي اهڙي فيصلي کان آگاهه ڪيو. ايف آءِ اي عدالت ۾ ان حوالي سان بچاءَ واري وفاقي وزير پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن به پيش ڪيوويو، جنهن نوٽيفڪيشن جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪندي جج چيو ته هن نوٽيفڪيشن جي قانوني حيثيت معلوم ٿيڻ بعد ان مطابق ڪيس کي منتقل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي اهلڪارن عدالت کي ٻڌايو ته لنڊن ۾ موجود هڪ اداري پاران ڪيس ۾ تعاون نه ڪرڻ سبب ملزمن خلاف شاهديون ۽ ثبوت جمع ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي جڏهن ته هن وقت مضبوط ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران 69 بينڪ اڪائونٽن جا تفصيل به جمع ڪرايا ويا هئا. واضح رهي ته گذريل سال برطانيه ۾ موجود ڪاروباري شخصيت سرفراز مرچنٽ پاران الطاف ۽ سندس ساٿين خلاف هي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.