شاعرينئون

شاعري

غزل
ساحر راهو
ڪاش دل جي، گام جون سرگوشيون،
پاڻ ماڻيون، شام جون سرگوشيون.
تنهنجي هوندي، ڪيئن چاهيندا پرين،
پياس ۾ چپ، جام جون سرگوشيون.
سانتِ جي خوشبُو، اکين ۾ آھ دل،
ديس ۾ هڪ نام جون سرگوشيون.
ڪُوڪ ڪويل ۾، ڪنائي ٿي هوا،
گُل مُهر جي، لام جون سرگوشيون.
سِرِڪِيون ٿي، ساھ جي گُلدان ۾،
مهڪ ڪنهن، بينام جون سرگوشيون.
محل جي بُنياد ۾، آهِنِ دٻيل،
پيٽ خالي، عام جون سرگوشيون.
ڪنھن وسائي، بيحسي زندان جي،
ڪنھن ڪنايون، دام جون سرگوشيون.
زندگيءَ جي، ذلتُن ۾ زندگي،
يار جي وسرام جون سرگوشيون.
زندگيءَ جي شور، کان ساحر ڀڄي،
ڳولِ دل ۾، رام جون سرگوشيون.
***
نگاھن جو طلسم نثري نظم
نسيم لغاري
نِگاھُن جو طلسم.
ڪَيون  ٿا ڪيون ٿا.
خيالي ڪي ڳالھيون!
ٿڪائي ڇڏيو آ فريبي زماني،
زَماني جو گردانُ ٽوڙي وَڌون ٿا.
ڪيون  ٿا  ڪيون ٿا.
خيالي ڪي ڳالھيون!
خيالي اڏارون خيالي پچارون!
نِگاھن جو طلسم  خُوابن جون ڳالھيون.
ڇڏيون ٿا ڇڏيون ٿا…!
عقل کي فھم کي ڇڏيون ٿا،
پُراڻن پَٽَن ڏانھن وَرڻ کي ڇڏيون ٿا،
خيالن مان ماضي ڌِڪي اڄ ڇڏيون ٿا.
ڇڏيون ٿا وِڃايل ويساھ واعدا
ڇڏيون ٿا ڪُوڙَ جا سڀ قائدا،
خيالي وَچن ۽ خيالي وفائون…!
خيالن ۾ تن  تي وَڏي سوڀَ ماڻي…!
ابد تائين انھن ئي اکين جي اثر ۾،
نئين کَيپ چاڙھيون،
نئون روحُ  ڦوڪيون،
ڇڏيون ٿا ڇڏيون ٿا..!!
ھيءَ  ٻه واٽي دُنيا ۽ دنيا جا دنگل،
ڇنون ٿا، عذابي رشتن جا سنگهر،
فريبي لفظن جو وڏو  ڄار ٽوڙي،
اکين جي  اثر ۽ اکين جي  ڪشش ۾،
خيالن جي دنيا ۾ مَحُو ٿي وڃون ٿا..!!
اُڀي عرش جي اڄ..!!
فرش تي تَرون ٿا…!
خيالي پَچارون خيالي ڪا دُنيا..!!
عُقابي نِگاھون..!!
شِڪاري نِگاھون..!!
کڻي اڄ ڇڏيون ٿا،
پنھنجو پاڻُ ارپي،
اکين جي سمنڊ ۾ ٻڏي ڇو نه وڃجي…!
خيالن ۾ جوڀن جا جلوا پسندي،
انھن ئي نگاھن جي سحر و بند ۾…!
اھي ئي نگاھون ۽ آڇيل نياپا،
انھن کي ڪا  معنىٰ ڏئي اڄ ڇڏيون ٿا.
انھن ئي اکين ۾،
جتي آ حياتي…!
انھن ئي اکين ۾،
جتي موت ناھي…!
ھلون ٿا ھلون ٿا انھن ئي اکين ڏانھن..!!
امرت پيئڻ جي تقاضا ڪيون ٿا،
نھارون نھارن ۾ اوتي ڇڏيون ٿا.
حوالا وصل جا حوالا جدائي ،
ڇڏيون ٿا ڪھاڻين جا انجام سيئي،
اکين کان شروع ٿي اکين تي کٽايون،
خدا جا ڪي آڇيل شرابن طھورا..!!
انھيءَ  مئه جي پيالن مان،
خيالي خُمارَ ۽ ،
خُماريل پلن کي ٿا تاڻيون رڳن ۾..!!
خيالن جي گردش ۾…!
اڳتي وَڌُون اڄ..!!
مدارن مان نڪري،
ستارن کان اڳتي…!
رڳو شھ رڳ سان جڙي ساھ پنهنجو ڇڏيون ٿا،
اھا تند ساھن جي  ٽوڙي،
آزاد روح سان،
ھڪ ٻئي جي ڳولا…!
فنا ٿي وڃون اڄ..!!
فنا کان ئي پوءِ…!
بقا ۾ لھي پيئون بقا ۾ لھي پيئون.
***
ڪَربَلا جو فَلسَفو سَمجَهڻ کَپي…!
ساقي ابڙو
ڪَربَلا جو فَلسَفو سَمجَهڻ کَپي،
هِي حُسينِي نَظرِيو سَمجَهڻ کَپي!
هِڪَ طَرَف نَوَ لَکَ جو لَشڪَر، ٻي طَرَف،
ٻاهَتَر جو قافِلو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو ڀَلا ڪُونڌَرَ ڪُٺا، خَيما جليا،
ڇو ٿِيو هِي اَلَمِيو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو ٿِيا عَبّاسَ ع جا بازُو قَلَم،
پِياسو ڇو اَصغَر ع ڪُٺو سَمجَهڻ کَپي!
گهوٽُ قاسِم ڇو ٿِيو هو گهورَ ۽،
سِرُ عَلِي اَڪبَرَ ع ڏِنو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو ٿِيُون بِيبِيُون سَڳورِيُون بي رِدا،
هِي سَڄو سارو قِصو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو ٿِيو نوڪِ سِنا تي سَر بَلَند،
سِرُ هُيو شَبّيرَع جو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو هُيو سَجّادُع ٿِي بِيمارُ پِيو،
ڇو اَکِين مان رَتُ رُنو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو عَزادارِي ۽ ماتَم ٿو ٿِئي،
سارَ جو هِي سِلسِلو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو ڪَيو ۽ ڪَنھِن ڪَيو ايڏو وَڏو،
سَيّدَن سان سانِحو سَمجَهڻ کَپي!
ڇو کَنيو ڪاغَذ قَلَم “ساقِي” اَٿَم،
ڇو لِکيُم هِي مَرثِيو سَمجَهڻ کَپي!
***
غزل
قمرالنساءِ ٽالپر
حياتي حسابن ۾ گذري
گناھن ثوابن ۾ گذري
لکيو ھو چون ٿا صبر ڪر
گھڙي ھر عذابن ۾ گذري
غريبن خبر ڇو لھي ھو
سڄي شب شرابن ۾ گذري
تري سچ تڏھن ٿو بحر ۾
سدا ٿي نصابن ۾ گذري
ڏکيو آ رھڻ گڏ قمر جا
ڪٿي ٿي گلابن ۾ گذري
***
***
مظهر عباس منڌرو
ڇرڪيون ڇاتيون ڊڄندي سيارا
گذري ويا وقـــت جـــو ڊوڙيو ڀڄندي پــــارا
گــذري ويا شمـس ته ساڳيــو ڪوئي نه ھـت تبــريز رهـيو
سچـل سرمــــد ســـــامي ســـــارا
گـــذري ويـــا ھــي راڇــي پنــهنـجــا رڇ سنـڀـالـــڻ ۾ پـــورا
ڌيـــري ڌيـــري چــنـڊ ۽ تــــارا
گــــذري ويـــا نــھـرون پـاڻ لـڄــي ٿـي پيـــون آهــين
وري ڪـــپـر تـان جــو ھــــرڻ اڃـــارا
گــذري ويــا ڪوٺـي ۾ مـــان پـلجـي ھيــڏي ٿـي آهــيان
سوچـي ڳــل تـان اشـڪ ڪـنوارا
گــذري ويــا پاڻ ڍڪـي ڇـڏ
توکـي ڪيسين آيون ڍڪـيان چـونــدي چـون.