بلاگنئون

ڪئميرا

فرانس جو جوزف نيپس نالي اھو پھريون ماڻھو ھو جنهن 1826ع ۾ پھرين ڪئميرا ايجاد ڪئي ۽ دنيا جي پھرين تصوير ڪڍي. تصوير ٺاھڻ لاءِ انBitumen استعمال ڪيو ۽ ان تياري واري مرحلي ۾ اٺ 8 ڪلاڪ لڳا. اصل تصوير ٽيڪساس يونيورسٽي آمريڪا جي لائبريري ۾ موجود آھي.
جوزف نيپس کانپوءِ جارج ايسٽ 1897ع ۾ اھو ماڻهو ھو جنھن مين ڪوڊيڪ ڪئميرا ايجاد ڪئي ۽ ڪئميرا جي تياري ڪمرشل بنيادن تي ممڪن بڻائي. ھي پھرين ور کائيندڙ ڪئميرا هئي جنھن کي آساني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين کڻي رکي سگهجي پيو.
1934ع تائين ان ماڊل جا 3 لکن تائين ڪئميرا وڪامجي ويا، پر ان وقت تائين تصويرن جي ڇپائي تائين عام ماڻهو جي پھچ نه هئي. ڪئميرا جي فلم مڪمل ٿيڻ تي ڪوڊيڪ ڪئميرا فيڪٽري ڏي واپس ڪيو ويندو ھو جتي تصويرون ڌوئي ڇاپيون وينديون ھيون. پوءِ انهن تصويرن کي ڪئميرا ۽ نئين فلم سان گڏ مالڪ کي موڪليو ويندو ھو. جارج ايسٽ 1900ع ۾ سستي ترين برائون ڪئميرا ٺاھي جنھن جي قيمت صرف ھڪ ڊالر هئي. ان سستي ڪئميرا بدولت عام ماڻهو آساني سان فوٽو ڪڍي پئي سگهيو.
1975ع ۾ ڪوڊيڪ جي انجنيئر سيٽون پھرين ڊجيٽل ڪئميرا ٺاھي. ان وقت تائين ٻيون ڪمپنيون به ڪئميرا ٺاھڻ واري ڊوڙ ۾ حصو وٺي چڪيون ھيون ۽ ڪئميرا ڏينھون ڏينھن سٺي مان سٺو سفر اوسر سان ڪري رھي هئي.
ھن ايجاد انساني زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ماڻهن ڪئميرائون کنيون ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي ويا. جهنگلي جانورن جون تصويرون ۽ وڊيو سامھون آيا. شھري ماڻھو پھريون دفعو جانورن جي زندگي ڏسي رھيا هئا. شينھن ھاٿي کان ويندي ڪيولي ماڪوڙي تائين ھر جانور جي زندگيءَ جي ڊاڪيومينٽري تيار ٿي وئي.
پاڻي روڪ ڪئميراWater proof camera ايجاد ٿي ته سائنسدان ڪئميرائون کڻي، سمنڊ جي اندرين تھن تائين پھچي ويا. انسان پھريون دفعو سامونڊي مخلوق کان متعارف ٿي رھيو ھو. جانورن، مڇين ۽ وڻن جا ھزارين قسم دريافت ٿي ويا. فلمي صنعت وجود ۾ آئي ۽ اڄ ھالي ووڊ جي فلم پاڪستان جي بجيٽ کان به وڌيڪ ڪمائي رھي آهي. ڪئميرا چنڊ ۽ مريخ تي پھتي ۽ اسان کي نئين دنيا جو سير ڪرائڻ لڳي، لکين ڪروڙين سالن جي مفاصلي تي واقع ڪهڪشائن ۽ ستارن کي متعارف ڪرايو. سي سي ٽي وي ڪئميرا ھر جاءِ تي سيڪورٽي يقيني بڻائي، ڏوھارين کي پڪڙائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ڪئميرا به انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آھي، توهان دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ويھي، پنھنجي گھر يا آفيس جي لائيو وڊيو ڏسي سگھو ٿا. سائنسدانن ڪئميرا کي وڌيڪ ننڍو ڪيو ۽ انساني جسم ۾ داخل ڪري بيمارين جي ڄاڻ ڏني ۽ لائيو آپريشن جو موقعو فراھم ڪري ميڊيڪل جي دنيا ۾ ھڪ وڏو انقلاب آندو.
نومبر 2000ع ۾ جڏهن سامسنگ جاپان پھريون ڪئميرا وارو موبائل فون دريافت ڪيو. ان وقت به ماڻهن اھوئي سوچيو ھوندو ته موبائل فون ۾ ڪئميرا لڳائڻ جو ڪھڙو فائدو؟ پوءِ ٿيو ڪجھ هينئن جو ھر موبائل ۾ ڪئميرا اچي ويو. اڄ اهو حال آھي جو اسان چئني طرفن کان ڪئميرائن ۾ وڪوڙجي ويا آھيون. ڪئميرا جي اک توھان کي هر وقت ڏسي رھي آھي، جنهن جي ڄاڻ توهان کي به نه آهي. گذريل 100 سالن ۾ ڪئميرا ايجاد ٿي ۽ گهر گهر پھچي وئي. مسجد، مندر، گرجا گھر، چرچ ۽ اسڪولن سميت ھر جاءِ تي ڪئميرائون لڳيون پيون آهي. ھاڻي ته ماڻهو ڪعبي شريف ۾ به تصويرون ٺاھي رھيا آهن.
***