بلاگنئون

مصور ڪٿا: ذوالفقار علي رند

ھند ۽ سنڌ ۾ مقبوليت رکندڙ تاريخي شڪارپور جيڪو برصغير ۾ خاص اهميت رکندو آهي، انھيءَ خاص اهميت رکندڙ ضلعي جو ھڪ خوبصورت حصو ميان جو ڳوٺ شھر به آھي، جنھن جو ھر ماڻھو صوفي صفت رکندڙ آھي. ميان جو ڳوٺ شھر فن تعمير جي حوالي سان پڻ اھميت رکندڙ آھي، جنھن ۾ عاليشان، عمارتون، حويليون، آشيانه، دريون، دروازا تاريخ جي سونھري وقت جي مختلف ڪھاڻين جو ڏس پتو ڏين ٿا جيڪو ھڪ ثقافتي ورثو آھي، ان ورثي جي اگر وڌيڪ کوجنا ڪجي ته ڪيترائي خزانا ضرور حاصل ٿيندا. ميان جي ڳوٺ جي زرخيز سر زمين تي ڪيترن ئي نامور ۽ انمول شخصيتن جنم ورتو جن ۾ شاعر، اديب، تعليمدان، گلوڪار، مصور وغيره شامل آهن، جيڪي دنيا ۾ پنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿا، جيڪي تاريخ جي ورقن جي خزانن ۾ موجود آھن، ميان جي ڳوٺ جي سر زمين مان حاصل ٿيندڙ ڪنھن خزاني مان ملندڙ، ھڪ چمڪندڙ ۽ ٻرڪندڙ ھيري مثل صوفي طبيعت رکندڙ ذوالفقار علي رند به آھي جيڪو پيشي جي لحاظ کان مصور آھي.
ذوالفقار علي رند سن 1997ع ۾ ميان جي ڳوٺ شھر جي ڳوٺ مينگل رند بلوچ ۾ ھڪ ھاري مولا بخش رند جي گھر جنم ورتو. ذوالفقار رند پيدائش جي ٻئي سال ئي پوليو جھڙي موذي مرض جو شڪار ٿيو، جنھن سبب ھڪ ٻانھن ۽ ٽنگ کان معذور ٿيو، ٽنگ ۽ ٻانھن ڪم نه ڪرڻ سبب پنج ڇھن سالن تائين ھلڻ گھمڻ کان محروم رھيو، والد جي معاشي حالتن آڌار علاج ڪرائڻ سبب ستن سالن جي عمر ۾ سھاري ساڻ ھلڻ گھمڻ جي قابل بڻيو، بغير سھاري ھلڻ گھمڻ ذوالفقار رند لاءِ ڏکئي کان ڏکيو عمل ھوندو ھو، پر بغير سھاري ھلڻ کي ترجيح ڏيندو رھيو ۽ بار بار ڪرندو رھندو ھو جنھن سبب گوڏن ۾ زخم ٿيندا رھندا ھئا، پر ھمت نه ھاري ۽ بغير سھاري ئي ھلڻ گهمڻ شروع ڪيو جنھن ۾ ڪامياب رھيو،
ذوالفقار رند جسماني معذوري سبب ھمت ۽ بلند حوصلي سان پنھنجي پرائمري تعليم جي شروعات سن 2001ع ۾ پنھنجي ڳوٺ کان ھڪ ڪلو ميٽر فاصلي واري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کان ڪئي، جسماني معذوري سبب درپش مسئلن ۽ سماجي روين سان بردباريءَ سان مھاڏو اٽڪائيندي ميان جي ڳوٺ شھر ۾ ڇھين درجي ۾ داخل ٿيو، جتان ڏھون درجو پاس ڪيو، ذوالفقار رند ننڍپڻ کان ئي پنھنجي جسماني معذوري کي ڪو عيب نه سمجهيو ۽ پنھنجي خوابن ۽ خواھشن کي ساڀيان ڪرڻ جي مضبوط ارادن تي اٽل رھيو ۽ ٽنگ ٻانھن کان معذور ھوندي اچڻ، وڃڻ جو ٽي ڪلو ميٽر فاصلو طئي ڪندي سلطان ڪوٽ مان ٻارھين درجي جي تعليم سن 2012ع ۾ حاصل ڪئي. ذوالفقار رند جي گھروارن معاشي حالتن ۽ سندس معذوري سبب ھڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي هن ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي. مدرسي ۾ پڙھڻ دوران مدرسي جي انتظاميه اھو چئي ماني وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ته تون معذور آھين توکي پاڙي وارا وڌيڪ ماني ۽ چندو ڏيندا.

ذوالفقار رند لاءِ سماجي روين جا اھي ناسور بڻيل لفظ ۽ پاڙي مان ماني ۽ چندو وٺي اچڻ وارو عمل ھڪ ڏکيو ۽ سخت عمل لڳو جنھن کي ان مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنھن ان جي اندر کي جنجهوڙي ڇڏيو، ڇو جو ذوالفقار رند ڪڏھن به پاڻ کي جسماني معذور ۽ محتاج تصور نه ڪيو. ڇو جو مستقبل لاءِ ان جا فيصلا ۽ ارادا ڪجھ ڪرڻ لاءِ اٽل ھئا، ڪنھن جو محتاج ٿيڻ نه ھئا، انھيءَ ناسور بڻيل روين سبب مدرسي کي الوداع ڪيو. ذوالفقار رند ڪجهه وقت مال متاع به چاريا، مال چارڻ دوران ڌڪا ٿاٻا کائيندي زخمي به ٿيو. اسڪول پڙھائي دوران ذوالفقار رند کي ھڪ دوست ڊرائنگ جي ڪلاس ۾ وٺي ويو، جتي ٻين شاگردن کي ڊرائنگ ۽ آرٽ ڪندي ڏسي ھڪ نئين دنيا نظر آئي ۽ پاڻ به ڊرائنگ ڪرڻ لڳي ويو ۽ اسڪول کان بعد، واري وقت به ڊرائنگ ڪندو رھيو، ڊرائنگ ڪندي ڪندي ھڪ ڏينھن ذوالفقار رند پنھنجي اندر خدا طرفان عطا ڪيل ڪنھن خاص خاصيت کي محسوس ڪيو، اھا عطا ڪيل خاصيت تخقليقي صلاحيت ھئي، جنھن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، انھيءَ ڪوشش دوران پنھنجي اسڪول جي ڊرائنگ ٽيچر عبدالخالق چنا کان ڊارئنگ سکڻ لڳو ۽ گھري دلچسپي وٺڻ لڳو، انھيءَ گھري دلچسپي سبب اسڪول ڊرائنگ ٽيچر ان جي تخليقي صلاحيتن کي پرکي ورتو ۽ ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو.
اسڪول ڊرائنگ ٽيچر جي ڌيان ڏيڻ ۽ ذوالفقار رند جي گھري دلچسپي سبب فائن آرٽ مضمون کان واقفيت ٿي ۽ ان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڄاڻ حاصل ڪندي ڪندي لاھور جي ھڪ آرٽ ڪاليج جي خبر پئي جنھن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪرڻ لڳو، پر گھريلو معاشي حالتن سبب هن لاءِ آرٽ ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ڏکيو مرحلو ھو. ڇو جو ذوالفقار رند ۽ آرٽ ڪاليج وچ ۾ غربت جي ھڪ وڏي ديوار اڏيل ھئي، پر ذوالفقار رند ان غربت جي ديوار کي به ڪيرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ پنھنجي مضبوط ارادن ۽ خواھش جو اظھار پنھنجي ڊارئنگ جي استاد سان ڪيو جنھن ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ خواهش جي تڪميل ۾ مدد ڪرڻ ۽ لاھور جي آرٽ ڪاليج موڪلڻ جو يقين ڏياريو. ذوالفقار رند جسماني معذوري سبب سماج طرفان ڪيل ۽ ٻڌل تمام ناسور بڻيل روين کي نظر انداز ڪري قرض وٺي، ڪجھ گھر جو سامان وڪڻي پٽ سٽ ڪري به ڪجهه پئسا جمع ڪري لاھور جي آرٽ ڪاليج پھتو، جتي گھروارن جي مدد ۽ وس آهر پنھجي استاد عبدالخالق چنا جي ھر ممڪن مدد سبب سال 2015 ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

ذوالفقار رند 2019 ۾ نيشل ڪاليج آف آرٽ مان فائن آرٽس جي ڊگري (منيئچر پينٽنگ) ۾ حاصل ڪئي، جنھن ۾ هن پاڻ سان پيش آيل ڏکائين ۽ مشڪلاتن واري احساسن کي پينٽ ڪري سماج آڏو پيش ڪيو، جنھن ۾ اسڪول ويندي ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ، ھلڻ گھمڻ دوران بار بار ڌڪا کائڻ، ٽنگون، ٻانھون ڀڄڻ وغيره شامل ھو.
ذوالفقار رند ٽنگ ۽ ٻانھن کان معذور ھوندي ڪمال جون چترڪاريون تخليق ڪيون، بظاھر ھو جسماني معذور ته ھو، پر ھو دماغي طور صحتمند ۽ مضبوط فرد ھو، پنھنجي سوچ سمجھڻ واري صلاحيت جو استعمال ڪندي تخليق ڪندي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جسماني معذور اھي نه ھوندا جيڪي ڪنھن عضوي کان محروم ھجن، بلڪه معذور اھي فرد ھوندا آھن جيڪي پنھنجي عضون جو صحيح استعمال نه ڪندا آھن. ذوالفقار رند کي آرٽ ڪاليج ۾ پڙھندي مختلف مسئلا پڻ درپيش ايندا رھيا جن کي هن ڪاليج جي استادن جي حوصلا افزائي ۽ پنھنجي ھمت ۽ حوصلي سان حل ڪيو. پڙھائي دوران اسڪالرشپون پڻ حاصل ڪيون جيڪي ذوالفقار رند جي پڙھائي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪارائتيون ثابت ٿيون.
ذوالفقار رند پنھنجي جسماني معذوري کي مجبوري نه سمجھيو، پر ھڪ امتحان سمجهيو ۽ نه وري پاڻ کي سماج ۾ مجبور ڪري پيش ڪيو. ذوالفقار رند سماج ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪجھ ڪرڻ لاءِ اٽل ارادا ھجن ته وڏي کان وڏي جبل جي چوٽيءَ تي به پهچي سگھجي ٿو، پوءِ ان ۾ جسماني معذوريءَ واري رنڊڪ ڇو نه ھجي. ذوالفقار رند ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ لاھور، اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي مختلف نامور آرٽ گيلرين ۾ پنهنجي فن جي نمائش ڪري چڪو آھي، جنھن جو سلسلو جاري آھي. گڏوگڏ مختلف پراجيڪٽن تي به ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ماضي جي نسبت حال ۾ معاشي طور بھتر صورتحال ۾ آھي، پاڻ سان گڏ گھر وارن جا خرچ به پاڻ ئي برداشت ڪندو رھندو آھي. 2023 ۾ ذوالفقار رند ڪراچيءَ ۾ ھڪ روڊ حادثي جو شڪار پڻ ٿيو جنھن ۾ سندس پوليو سبب معذور ٿيل ٽنگ شديد متاثر ٿي جنھن کي ڊاڪٽرن ضايع ڪرڻ جو مشورو ڏنو، پر سندس ھمت ۽ جرئت سبب ائين نه ڪيو ۽ ان جو علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏني ۽ توڪل رکي ٽنگ جو آپريشن ڪرايو، جيڪو ڪامياب ويو. آپريشن کانپوءِ 8 مھينا بستري تي پڻ رھيو، پر بستري تي به سندس ھمت ساٿ نه ڇڏيو ۽ پنھنجي آرٽ جي ڪم کي جاري رکيو ۽ علاج معالج وغيره جو لکن جي تعداد ۾ خرچ به پاڻ ئي ڪيو، ڪنھن کان ڪنھن به قسم جي ڪا مدد نه ورتائين، جنھن تي سندس خاندان فخر ڪندو آھي، فخر ڪرڻ جو ٻيو سبب اھو به آھي ته ذوالفقار رند خاندان ۽ ڳوٺ جو واحد فرد آھي، جنھن تعليم حاصل ڪئي، پنھنجو ۽ پنهنجي گھروارن ۽ ڳوٺ جو نالو روشن ڪيو. ذوالفقار رند اڄڪلھ ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير آھي، جتي ھو پنھجي ٽنگ جي علاج سان گڏوگڏ آرٽ ورڪ به ڪري رھيو آھي. ذوالفقار رند پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تمام استادن جو ٿورائتو رھندو آھي، جن جي ڪري اڄ بطور مصور سندس سڃاڻپ آھي. هو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندو آھي ۽ اھو چوندو آھي ته ھو انھن سڀني کان سئو ڀيرا افضل آھي جيڪي صحيح سلامت ھوندي به ذھني ۽ عملي طور معذور ۽ محتاج ھوندا آھن. ذوالفقار رند پنھنجي استادن مان عبدالخالق چنا ۽ محبوب جوکيو کي محسن چوندو آھي. هن جسماني معذوري کي عذاب نه پر زندگيءَ جو امتحان تصور ڪيو ۽ ان امتحان ۾ ڪاميابي حاصل پڻ ڪئي، پنھنجا حالات بدلايا، سماج ۾ ڪامياب ماڻھو ھميشه پنھنجن فيصلن سان حالتن کي بدلائي ڇڏيندا آھن ۽ دنيا ۾ امر رھندا آھن، جن ۾ ڪجهه جسماني معذور اسٽيفن ھاڪنگ، (ماھر فزڪس) ھيلن ڪيلر، (سماجي ورڪر) فرينڪلن روزويلٽ (سياستدان) فريده ڪولھو، (مصوره) شيخ عمر عبدالرحمان (عالم دين) محمد علي باڪسر، جان نيش (رياضي دان) ڊاڪٽر افتخار برني (ماھر نفسيات)، لوئيس بيرل (تعليمدان) لوئيس ڪيرول (مصنف) جا نالا دنيا جي تاريخ ۾ مثالي آھن ۽ امر شخصيتن ۾ شامل آھن.
***