پاڪستان ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهڻ هاڻي علم حاصل ڪرڻ نه، پر بيروزگاري خريد ڪرڻ برابر ٿي ويو آهي. هزارين نوجوان، جيڪي سياسي نظام، آئين، پاليسي، حڪمراني ۽ جمهوريت پڙهن ٿا، ڊگريون کڻي هٿن ۾ فائل کڻي در در ڀٽڪندا رهن ٿا. اهو مسئلو فردن جو نه، پر رياستي ناڪامي جو نتيجو آهي.
يونيورسٽيون علم پيدا ڪن ٿيون، رياست بيروزگار پيدا ڪري ٿي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جهڙيون يونيورسٽيون هر سال باصلاحيت، باشعور ۽ سياسي شعور رکندڙ نوجوان پيدا ڪن ٿيون، پر رياست وٽ انهن لاءِ ڪوبه نظام موجود ناهي. نه پاليسي ادارا آهن، نه تحقيقي نوڪريون، نه حڪمراني سان لاڳاپيل شعبا، نه ئي سياسي ادارن ۾ جڳهه.
رياست تعليم ڏئي ٿي، پر مستقبل نه ٿي ڏئي: علم لاءِ بند، دولت لاءِ کليل پاڪستان ۾ سياست هاڻي خدمت نه، پر ڪاروبار بڻجي چڪي آهي. پوليٽيڪل سائنس جو شاگرد نوجوان سياست ۾ وڃڻ چاهي ٿو، پر کيس صاف چيو وڃي ٿو: “پئسو آهي؟ طاقت آهي؟ وڏو نالو آهي؟ قبيلو آهي؟” جيڪڏهن جواب “نه” آهي، ته دروازو بند آهي.
پاليسيون غلط ناهن، پر ظالماڻيون آهن: هي صرف “غلط پاليسي” جو مسئلو ناهي، هي ڄاڻي واڻي طور پيدا ڪيل ناانصافي آهي. تعليم ۽ رياست جي پاليسي هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. پوليٽيڪل سائنس پڙهائي وڃي ٿي، پر ان لاءِ نوڪريون پيدا نٿيون ڪيون وڃن. جمهوريت جا سبق پڙهايا وڃن ٿا، پر جمهوريت جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا. هي نظام نوجوانن کي تعليم ڏئي ٿو ته سوال ڪن ۽ پوءِ انهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ٿو.
جمهوريت جو جنازو: جڏهن سياسي شعور رکندڙ ماڻهو سياست کان ٻاهر رکجن ٿا ته حڪمراني نااهلن جي هٿن ۾ وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته پاليسيون عقل کانسواءِ ٺهن ٿيون، قانون عوام کان لاتعلق رهن ٿا، ادارا ڪمزور ٿين ٿا، رياست بدانتظامي جو شڪار ٿئي ٿي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪو نظام ڏسڻ ۾ جمهوري اچي ٿو اها جمهوريت ناهي، هي جمهوريت جو جنازو آهي.
هاڻي خاموشي غداري آهي: هاڻي وڌيڪ برداشت ڪرڻ جمهوريت سان غداري برابر آهي. جيڪڏهن پوليٽيڪل سائنس جا شاگرد نه صرف پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي تي خاموش رهيا ۽ جمهوري نظام جي موت تي به هنن جيڪڏهن وات مان آواز نه ڪڍيو ته سندن تعليم جو ڪوبه مقصد نه رهندو ۽ نه صرف سندن مستقبل، پر پوري قوم جو مستقبل تاريڪ ٿيندو ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي ڊگري جي لڄ رکن ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهائين، پنهنجو آواز بلند ڪن.
مطالبا سفارشون، نه پر حق: پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن جي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي هر سال سرڪاري نوڪريون قانوني طور پيدا ڪيون وڃن. اسيمبلين، وزارتن، ضلعي انتظاميه ۽ پاليسي ادارن ۾ پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن جي ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. سياسي پارٽين ۾ اندروني اليڪشن قانوني طور لازم ڪيون وڃن. مقامي ماڻهن لاءِ سياست ۾ داخلا جو شفاف رستو ٺاهيو وڃي، تعليم ۽ حڪمراني جي وچ ۾ قانوني نظام قائم ڪيو وڃي.
نتيجو: پوليٽيڪل سائنس جا شاگرد رياست لاءِ خطرو نه، بلڪه اهي ڪيترن ئي مسئلن لاءِ حل ڏيندڙ آهن، پر پاڪستان ۾ حل کي دفن ڪيو وڃي ٿو ۽ مسئلن کي حڪمران بڻايو وڃي ٿو. جيستائين علم کي طاقت نه ملندي، جيستائين تعليم کي سياست سان نه ڳنڍيو ويندو، جيستائين عام ماڻهو جي داخلا سياست ۾ ممڪن نه بڻائي ويندي، تيستائين پاڪستان ۾ جمهوريت صرف ڪتابن ۾ ئي رهندي.