بلاگنئون

فلسطيني جلاوطن نوجوان سائنسدان ۽ ڪيمسٽري جو نوبيل انعام!

ميلي عمر مونس ياغي کان اهو سائنسدان جنهن هن سال ڪيمسٽري جو نوبيل انعام پنهنجي نانءُ ڪيو ۽ اهو انعام هن کي ٻن ٻين ڪيمسٽري جي ماهرن جاپان جي سوسومو ڪيتاگاوا ۽ آسٽريليا جي رچرڊ رابسن سان گڏ گڏيل طور تي ڏنو ويو، ٽنهي گڏجي هڪ اهڙو شعبو بدلائي ڇڏيو، جنهن کي اڄ دنيا ريٽيڪولر ڪيمسٽري سڏي ٿي. سائنس جي ريٽيڪيولر ڪيمسٽري سائنس جي هڪ نئين ۽ انتهائي اهم شاخ آهي جنهن جو بنياد ڊاڪٽر عمر ياغي وڌو آهي، ريٽيڪيولر ڪيمسٽري جو مطلب آهي ڄاري ٺاهڻ واري ڪيمسٽري، جنهن جو مقصد آهي ته سائنسدان ماليڪيولن کي عمارتي بلاڪن وانگر استعمال ڪندي انهن کي مضبوط ڪيميائي بانڊن سان ڳنڍي کليل ۽ مضبوط ٿري ڊي بناوٽون ٺاهيندا. هن وقت آمريڪا جي مشهور يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا برڪلي ۾ پروفيسر آهي، جتي هو جيمز ۽ نيلٽ ٽريٽر چيئر تي فائز آهي.

عمر جو سفر اردن جي گادي واري هنڌ عمان جي هڪ سادڙي ۽ گهٽيءَ کان شروع ٿيو. هن هڪ فلسطين مهاجر خاندان ۾ جنم ورتو، جنهن جي گهر ۾ نه بجلي هئي، نه پاڻي جي سهولت. اڪثر ڏينهن ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪن جي لاءِ نل ۾ پاڻي ايندو ۽ ننڍڙي عمر ۾ صبح سوير جاڳي ڪري قطار ۾ بيهڻو پوندو هئس ته جيئن گهر جا ٿانو ڀري سگهي. اهوئي ڳوٺ ۽ اڄ هن جي سڀ کان وڏي تحريڪ بڻجي ويو. هن جي تحقيق جو ميدان ريٽيڪيولر ڪيمسٽري آهي، اها اهڙي سائنس آهي جنهن ۾ ايٽمن کي هڪ ترتيب سان جوڙي ڪري ڄاري جهڙا ٺوس مادا ٺاهيا ويندا آهن. عمر اهڙا نينو اسٽرڪچر تيار ڪيا، جن کي ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ(MOFs)  ۽ ڪوويلٽ آرگينڪ فريم ورڪس (COFs) سڏيو وڃي ٿو. اهي عجيب و غريب اهڙا مادا آهن، جن کي ننڍڙين ننڍڙين ڄارن جن جي اندر بيشمار سنهڙا سوراخ هوندا آهن، ان مادي جي اندرين سطح ڪڏهن ڪڏهن هڪ فٽبال جي ميدان کان به وڌيڪ هوندي آهي. انهن ڄارين ۾ گيسون قيد ڪري سگهجن ٿيون، جنهن کي ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ يا اها هوا مان گهم کي ڇڪي پاڻي جي ڦڙن ۾ بدلائي ڇڏيندي. ائين سمجهو ته هن مادي جي سطح کي ايترو وڏو ڪري ڇڏيو ته هو گيسن ۽ پاڻي جي سالمن سان گڏ کيڏڻ لڳو. اڄ ان جي ٺاهيل فريم ورڪس کان سائنسدان ماحول کان ڪاربن گهٽ ڪرڻ، هوا مان پاڻي حاصل ڪرڻ ۽ صاف توانائي گڏ ڪرڻ جا طريقا ڳولهي رهيا آهن. سوسومو ڪيتاگاوا انهن شين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪيو ته جيئن اهي عملي طور تي استعمال ٿي سگهن. جڏهن ته رچرڊ رابسن ان تحقيق جو اهو سائنسي بنياد رکيو جنهن تي ياغي پنهنجي عمارت بيهاري هئي. عمر ياغي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ پاڻي سولائي سان ملي وڃي ها ته شايد مان ڪڏهن ائين نه سوچان ها ته هوا مان پاڻي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ سوچ اڄ ان جي تحقيق کي جنم ڏنو آهي ۽ اها دچسپ ڳالھ آهي ته ان جو خواب صرف ليبارٽري تائين محدود ناهي، هو چاهي ٿو ته هڪ ڏينهن دنيا جي خشڪ ترين علائقن ۾ به ماڻهو هوا مان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري سگهن، بنا بجلي، بنا پائيپ لائين جي. هي ڪهاڻي ياد ڏياري ٿي ته ڪنهن وڏي ايجاد جي پٺيان هڪ عام انسان جي مشڪل زندگي لڪيل هوندي آهي.