خاص

شاگردن کي بغير امتحان پروموٽ ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿيو.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ شاگردن کي بغير امتحان ڏيڻ جي پروموٽ ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿي سگھيو. ڪالھ تعليم واري وزارت ۾ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ بورڊن جي چيئرمينن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. تعليم واري وزارت بورڊن کان سفارشون گھري ورتيون. 29 تعليمي بورڊن سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب بورڊ سفارشون ڏيڻ لاءِ وقت گھري ورتو. جمعي تائين سمورين سفارشن کي مڪمل ڪري حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. شفقت محمود تصديق ڪئي ته جمعي تائين سمورن معاملن تي اعلان ڪيو ويندو