مالي خسارو هلندڙ مالي سال ۾ 9 سيڪڙو وڌي ويندو: عبدالحفيظ شيخ

وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته پاڪستان جو مالي خسارو هلندڙ مالي سال ۾ 9 سيڪڙو وڌي ويندو، ڇو ته معيشت ڪورونا جي بحران سبب تباهه آهي ٽيڪس ۽ ايڪسپورٽ کي نقصان ٿيو آهي ناڻي جي روانگي متاثر ٿي آهي، اسان جا ماڻهو پريشان آهن. حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مالي خسارو گهٽائڻ سان گڏ خرچ به گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي جنهن ۾ دفاع سميت ٻيا ادارا به شامل آهن. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪورونا کان اڳ اسان وٽ خساري جو امڪان 7.6 سيڪڙو هو، هاڻ ڪورونا کانپوءِ هي خسارو 8 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو ۽ هي 9 سيڪڙو تائين به وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ايف ايف سان اتفاق ڪيو ويو جنهن ملڪ کي 3 سال ڏنا آهن، حڪومت 30 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف طئي ڪيو پر 19 سيڪڙو گهٽتائي سان هاڻي هي 24 ارب 54 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي
