خاص

سنڌ ۾ اڄ کان مارڪيٽون کولڻ جو اعلان، شاپنگ مال بند رهندا

سنڌ سرڪار ۽ واپاري اڳواڻن ۾ ڳالهين دوران اڄ صبح 6 وڳي کان شام 5 وڳي تائين شاپنگ مالن کانسواءِ ٻيون مارڪيٽون کولڻ تي اتفاق ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻيهر ڪاروبار کولڻ تمام مشڪل فيصلو آهي. وڏي وزير چيو ته مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کوليون وينديون. دڪاندار 4 وڳي کان دڪان بند ڪرڻ شروع ڪندا. ايس او پي تي عمل ڪرڻ واپارين جي ذميواري آهي. شاپنگ مال بند رهندا ۽ ننڍن دڪانن تي رش لڳائڻ نه ڏني ويندي. سماجي وٿي تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي واپاري اڳواڻن چيو ته هو ايس او پي تي مڪمل عمل ڪندا ۽ هر ڪاروباري تائين ايس او پي پهچايا ويندا