پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار عدالت ۾ پيش، راهداري رمانڊ منظور

فواد چوڌري جي خلاف ڪيس سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي درج ڪيو ويو.  جنهن جي متن ۾ اها ڳالهه ڪئي وئي آهي ته فواد چوڌري چيو هو ته اليڪشن ڪميشن جي حيثيت هڪ منشي جي ٿي وئي آهي ۽ جيڪي ماڻهو نگران حڪومت ۾ لڳي رهيا آهن انهن جو پيڇو سزا ٿيڻ تائين ڪنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي. عدالت راهداري رمانڊ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. فواد چوڌري کي اسلام آباد پوليس سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو، گذريل رات ڪوهسار ٿاڻي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن  عمر حميد جي درخواست تي ڪيس داخل به ڪيو ويو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments