قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 4 نومبر 2024 تي پاس ڪيل چار قانوني بل قائم مقام صدر جي صحيح سان نوٽيفاءِ ٿي ويا. انهن پاس ٿيل بلن ۾ فوجي سربراهن جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا پهرين 3 سال هئي هاڻي 5 سال ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 مان وڌائي 34 ڪيو ويو آهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي ۾ پڻ ترميم ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سينيئر ترين جج ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي انهيءَ ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 26 هين آئيني ترميم ڪرڻ کانپوءِ هي قانون سازي تمام گهڻي تڪڙ ۾ ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جا ڪجهه جمهوريت پسند اڳواڻ پڻ ان جي خلاف آهن، پر پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ان جي پارلياماني ميمبرن انهيءَ قانون سازي ۾ ووٽ ڏئي بل پاس ڪرايا آهن. محسوس ائين ٿئي ٿو ته ملڪ اندر پهرين کان ڪمزور جمهوريت ڪمزور ترين پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. سياستدانن پنهنجون واڳون مقتدره جي هٿن ۾ مڪمل طور ڏئي ڇڏيون آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ سياستدان ڪڏهن به مقتدره کان طاقتور نه رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ٿوري گهڻي ڪوشش ڪئي به آهي ته انهيءَ کي مختلف طريقن سان هٽايو ويو آهي، ڪڏهن مارشلا هڻي، ڪڏهن جج صاحبن جي مهربانين سان، ان سڄي ڪاروهنوار ۾ سياستدانن جو عمل پڻ داغدار رهيو آهي. جڏهن نواز شريف جي حڪومت کي هٽائي مارشلا لڳائي وئي ته پيپلز پارٽي مٺايون ورهايون، جيڪڏهن ميمو گيٽ اسڪينڊل آندو ويو ته نواز شريف وڪيلن وارو ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ ۾ پهچي ويو هو. جنرل قمر جاويد باجوه چواڻي ته “جيڪڏهن سياستدان پاڻ ۾ صرف هڪ نقطي تي متحد ٿي بيهن ته ملڪ ۾ ڪنهن به نموني سان ۽ ڪنهن کي به جمهوريت سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو ته پوءِ مقتدره کي جڳهه ڏيڻي پوندي”، پر اسان وٽ جيڪو ڪردار سياستدانن جو رهيو آهي، اهو عوام جي اڳيان وائکو آهي. جيڪو سياستدان اپوزيشن ۾ هوندو آهي اهو چاهيندو آهي ته مقتدره جي ڪلهن تي ويهي حڪومت ۾ اچي ۽ جيڪو سياستدان حڪومت ۾ هوندو آهي اهو چاهيندو آهي ته ڪنهن به ريت مقتدره راضي هجي ۽ حڪومت هلندي رهي. اها ئي ڳالهه آهي جنهن سياستدانن کي ۽ ملڪ جي جمهوريت کي ڪمزور پوزيشن ۾ پهچايو آهي، پر چوندا آهن “ڍاڪ ڪي وهي تين پات” وارو سلسلو سياستدان جاري رکيو اچن ٿا، جنهن جو سڌو فائدو مقتدره کي پوندو رهي ٿو. مقتدره ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سياستدان پاڻ کي ۽ ملڪ جي جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ به تيار ناهن.
هن وقت ملڪ ۾ ٽي وڏيون سياسي پارٽيون آهن ۽ پوءِ ننڍيون ننڍيون سياسي پارٽيون الاهي ساريون آهن. 2018 ۾ پي ٽي آءِ اليڪشن کٽي يا ان کي کٽرايو ويو اهو اسان جو بحث نه آهي، پر قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ واضح طور اعلان ڪيو هو ته پي ٽي آءِ سان گڏجي ميثاق معيشت ڪري ملڪ کي جمهوري طور تي ۽ معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪن ٿا، پر باني پي ٽي آءِ انهن کي چور چور چئي ان وقت به انهن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ پوءِ جڏهن سندس حڪومت کي بقول سندس پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هٽايو ان کانپوءِ به بجاءِ ڪنهن وڏي سياسي پارٽي سان ويهڻ جي سندس وري به ڪوشش رهي هئي ته ڪنهن به ريت اسٽيبلشمينٽ ساڻس ٺاهه ڪري ۽ ان جي ئي طاقت سان هڪ دفعو ٻيهر حڪومت ۾ اچي، پر ائين ٿي نه سگهيو. ڇو ته سندس خيالن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خيالن ۾ تمام گهڻو فرق ٿي چڪو آهي. هن وقت جي اسٽيلبشمينٽ کي باني پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. (ن) جي اتحادي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ هڪ دفعو ٻيهر پوري ڪوشش ڪئي ته پي ٽي آءِ سان گڏ ويهجي، پر پي ٽي آءِ جو ساڳيو ضد ته هي چور پارٽيون آهن هنن سان نه ويهنداسين. مجبور ٿي اتحادي حڪومت کي تمام ڪمزور شرطن تي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪرڻو پيو جيڪو پهرين به هو، پر هن وقت حڪومت صرف اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ وارين سڀني ڳالهين تي آمنا صدقنا ڪيو ويٺي آهي ۽ هي سڀ آئيني ترميون ۽ قانون سازي اسٽيلبشمينٽ جي مرضي سان ٿي رهيون آهن. جمهوريت کي نقصان پهچي رهيو آهي. (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي بهرحال ان الزام مان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر سڀ کان وڌيڪ ذميواري پي ٽي آءِ جي باني جي آهي. جيڪڏهن هڪ مدبر سياستدان وانگر ملڪ جي ٻين سياستدانن سان گڏ ويهي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ حل ڪڍي ها ته يقينن کيس به فائدو پوي ها ۽ هن وقت هو جنهن پوزيشن ۾ آهي ان کان بهتر پوزيشن ۾ هجي ها، پر ضد ۽ انا نه صرف باني پي ٽي آءِ کي نقصان پهچايو آهي، پر ملڪ جي جمهوريت کي ۽ سياسي نظام کي ڪمزور ترين جڳهه تي کڻي آئي آهي. ملڪ اندر جمهوريت مستقبل ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهي آهي.