بلاگنئون

اسرائيل جي ڏاڍائيءَ کي روڪيو

اها ڳالھ مڃون ٿا ته پوسٽ ڪولڊ وارز ۾ آمريڪي ايجنسيون ۽ ڪجھ اسرائيلي سپورٽيڊ گروھ سوڀارا به ٿين ٿا ته ڪٿي اهي اونڌي منهن ڪِرن به ٿا. مثال 1945 ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي ڊرامائي جنگ بنديءَ کانپوءِ آمريڪا سموري دنيا ۾ پنهنجي چالاڪيءَ ۽ اڳڀرائي ۾ هوڏي ٿي بيهي رهيو ۽ منهٽن (روس) ۾ ٿيل ٽياڪڙي واري گڏجاڻيءَ کانپوءِ نه روس جي مڃيائين ۽ نه ئي ونسٽن چرچل (برطانيا) جي ڪنهن ڳالھ ۾ آيو، پر جاپان جي جنگبندي جي لاءِ انهن سڀني قوتن جو ان ٽائيم تي گڏيل زور هو ته اها جنگ بندي ٿيڻ کپي ۽ جرمني، جاپان ۽ اٽلي ڪنهن صورت پنهنجي طاقت ۽ زور آزمائي گهٽائي وڃن، پر اهي اڃان به اڳ کان اڳرا هئا ۽ آمريڪا جاپان جي شهرن تي بم ڪيرائي سوڀارو ٿيو، پر ان ڏينهن کان وٺي روس سان سرد جنگ لايو ويٺو آهي، جو 1991 ۾ روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا ۽ جرمني وري 1998 ۾ ٻيهر متحد ٿي ويو ۽ آمريڪي ايجنسيون وري پوسٽ ڪولڊ وارز ۾ لهي پيون جنهن ۾ جيڪي به شدت پسند گروھ جيڪي سرد جنگين جي لاءِ جوڙيا ويا هئا اهي وري آمريڪي پنهنجي مقصدن ۽ سپر پاور ۽ مٿڀرائي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪتب آندا جن ۾ طالبان، وري 2001 ۾ القاعده، جيش محمد، لشڪر جهنگوي، آءِ ايس خراسان چيپٽر، حقاني گروھ، حماس، (انصارالله)، حوثي گروھ وغيره وغيره جيڪي ڪٿي آمريڪا جي ضبط هيٺ آهن ته ڪٿي اهي آجا آهن، جيئن غزه، هن پٽيءَ تي حماس ڪَرُ کنيو بيٺو آهي، پر اتي آمريڪا جي هڪ ڳالھ نٿو ٻُڌي ان ڪري ته ان گروھ کي ڪجھ اسلامي ملڪ سپورٽ ڪريو ويٺا آهن جيڪي حماس جهڙن گروهن جي پٺڀرائي ان ڪري به ڪيو ويٺا آهن جو ان گروھ جو منهان منهن مقابلو رڳو غزه جي پٽيءَ جي مسلمانن کي بچائڻ آهي جنهن ۾ آمريڪا جي سامهون ٿي وڙهڻ به آهي ان ڪري هاڻي ائين ٿو لڳي ته حماس بمقابلا سموري زايونسٽ (يهود ۽ نصارا) لابي آهي جن جو مقصد رڳو گريٽر اسرائيل ٺاهڻ آهي ان ڪري صدين پراڻي ڌرتي جي وارثي تي هاڻي يهودي اٿي کڙا ٿيا آهن جيڪي حضرت موسيٰ عه جي دور ۾ فلسطين جي ڌرتي ڇڏي ڀڄي ويا هئا جنهن ڳالھ کي هزارين سال گذري ويا آهن، معنيٰ تقريبن 1541 قبل مسيح ۽ هاڻي 24 سئو سال ٻيا به گذري ويا آهن پر هاڻي هنن کي ياد آيو آهي ته فلسطين جي ٽڪري انهن يهودين جي آهي جيڪي تقريبن چار هزار سال اڳ اتي رهندا هئا ته پوءِ انهن يهودين کي جرمني ۽ پولينڊ ۽ روس سميت سڀئي ملڪ وري “ڪليم“ ڪرڻ کپن ۽ اتي دعويٰ هڻن ته اهي سڀ ملڪ هاڻي انهن يهودين سيهوني ۽ زايونسٽ طاقتن جا آهن.

بهرحال، دنيا جي بي ضمير طاقتن کي سلام آهي جن جي ضمير کي جهٻو نه ٿو اچي ۽ اهي جاڳن نه ٿا ته فلسطيني، ڪشميري، افغاني ۽ دنيا جون ٻيون مسلمان قومون به انسان آهن، پر تاريخ پاڻ مٽائي ٿي ان ڪري ته جيڪي به طاقتون پهرين هيون ۽ جيڪي طاقتون هاڻي آهن جيڪي دنيا جا اميرترين ملڪ به آهن ان جي طاقت کي هاڻي للڪارجي ڪيئن، ڪير انهن جي سامهون ٿيندو يا ڪير انهن جي ملڪن ۾ گهري انهن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سيٽ اپ ۾ گڙٻڙ ڪري سگهندو؟ ڪير آمريڪا ۽ ٻين بين الاقوامي قوتن سان جنگ لائي سگهندو؟ شايد صديون لڳي وڃن يا ڪا الهامي قوت اچي جيڪا اسان جهڙن ايمان افروز ملڪن جي جاءِ تي بيهي انهن ملڪن سان وڙهي، پر اهو ممڪن ناهي، ان ڪري ته 1945 کان اڳ ۽ 1913 کان اڳ ملڪن جي جنگين جا ساز ۽ سامان ٻيا هيا ۽ هاڻي ٻيا آهن ۽ سلطنت عثمانيا جي عروج ۽ زوال کانپوءِ مسلمان ملڪ ڪنهن به طاقت جي زمري ۾ نه اچي سگهيا آهن ان ڪري هاڻي جي 32 هزار رڳو فلسطيني شهيد ٿين ۽ 75 هزار زخمي ٿين ۽ ايترا ئي بي گهر ٿين ته ٿين، ڪو به مسلمان ملڪ انهن جي ڳالھ ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جي لائق ناهي ان ڪري ته مسلمان ڪنهن به طاقت جي دائري ۾ نه ٿا اچن ۽ نه ئي ڪنهن مسلمان ملڪ کي سيڪيورٽي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت آهي ان ڪري مستقل رڪنيت وارا ملڪ آمريڪا، روس، برطانيا، چين، فرانس ئي آهن ۽ انهن ۾ ڪو به ملڪ مسلمان ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو ۽ مسلمان ملڪ پنهنجي مڙسي تي ڪنهن به طاقت سان ٻِٽُ به ناهن بيٺا جنهن ۾ ڪو اها دعويٰ به ڪري سگهي ته مسلمانن جي بدران ڪو ٻيو غير مسلم ملڪ اٿي بيهندو، يا مسلمان ملڪ ڪا قرارداد به پيش ڪري سگهندا ان ڪري ته دنيا مسلمان ملڪن کي غير سنجيده ۽ دهشت پسند ۽ جهادي تنظيمن جو ڀرجهلو ٿي سمجهي. دنيا اهو ٿي سمجهي ته جيڪي به مسلمان ملڪ آهن اهي دهشتگرد تنظيمن جي آبياري ٿا ڪن ان ڪري دنيا جي مسلمانن کي ائين چيڀاٽيو ۽ انهن کي بدنام ڪيو جيئن ڪنهن دور ۾ عيسائي ۽ يهودي ملڪ ويچارا هوندا هئا ۽ انهن ملڪن جي مٿان 1928 کان اڳ مسلسل حملا ٿيندا رهندا هئا ان ڪري هاڻي سيهوني ۽ زايونسٽ ملڪن جو وارو آهي ۽ اهي دنيا تي پنهنجو داٻو هلائيندا ۽ سڀ ڪجھ ڪري ويندا ۽ هڪ ڏينهن غزا جي 40 ڪلو ميٽر ويڪري ۽ 11 ڪلو ميٽر موڪري پٽي فلسطينين جي هٿان هلي ويندي ۽ اتي گريٽر اسرائيل جو خواب پورو ٿيندو.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ لاءِ تقريبن ڇهه مهينا لڳي ويا آهن، پر نيتهن ياهو ته جوبائيڊن جون فون تي گاريون ٻڌي به پوئتي نه ٿيو ۽ اهي گاريون برداشت ڪري ويو، پر ان ڳالھ تان پوئتي نٿو ٿئي جو نومبر 2023 ۾ انٽرنيشل ڪورٽ آف جسٽس ۾ اسرائيل جي ڏاڍائي جي خلاف ٻڌڻي رکي وئي، جنهن لڳ ڀڳ هڪ مهيني کانپوءِ اسرائيل کي تنبيھ ڪئي ته اهي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪن ۽ ائين نه ڪن جو جنگ جو ڪو وقفو ڏين ته جيئن غزا جي پٽيءَ مان فلسطيني ڀڄي جان ڇڏائين ان ڪري ته اتي رهڻ معنيٰ اسرائيلي بمن جي منهن ۾ پاڻ ڏيڻو هو، عالمي عدالت ۾ تقريبن 52 ملڪن اسرائيل جي خلاف قرارداد پيش ڪئي جن دليل ڏنا ته اسرائيل جو قبضو ناجائز آهي ۽ 1945 ۾ عالمي عدالت جي ٺهڻ کانپوءِ هن ڀيري هنن ملڪن جو تمام وڏو تعداد هو جن اسرائيل جي خلاف قرارداد پيش ڪئي جن 1967 کان وٺي وري غير قانوني طور تي تقريبن 7 لک فلسطينين کي بي دخل ڪيو، پر عالمي برادري ٻڙڪ ٻاهر نه ڪئي ۽ اسرائيل جي ظلمن تي خاموش رهيا، ۽ اسرائيل کي ڇوٽ ڏنن ته اهي جيڪي چاهين ڪري سگهن ٿا ۽ اهي ائين فلسطيني کي بي دخل ڪندا رهيا، پر ڳالھ اها به آهي ته هاڻي اسلامي ملڪ فسلطين جي جنگ کي اسلامي جنگ سمجهي وچ ۾ پون ان ڪري ته هيل تائين عربن به فلسطين جي مسئلي کي ڌرتي ۽ ٻن مذهبي گروهن جي وچ ۾ ڄڻ ڇڪتاڻ سمجهي ڇڏي ڏنو آهي اهي سمجهن به ٿا ته فلسطين ۽ اسرائيل ۾ طاقت جو توازن ناهي اهي سمجهن ٿا ته دنيا جون سڀ طاقتون اسرائيل جي حق ۾ آهن اهي سڀ چاهين ٿا ته فلسطيني 1967 وانگي وري فلسطين جي ڌرتي ڇڏي هليا وڃن ۽ غزا جي پٽي وري اسرائيل جي حوالي ٿي وڃي جتي اسرائيل پهرين قبضو ڪري 25 هزار نوان گهر اڏي دنيا مان اسرائيلي گهرائي آباد ڪري ويٺو آهي.

گڏيل قومن جي طرفان 1948 کان وٺي فلسطين ۾ هڪ اهڙ نظام هلائي رهيا آهن جنهن سان فلسطينن جا حق محدود ٿي ويا آهن ۽ اهي ڪنهن به طرح آزاد ناهن ۽ 1967 کان وٺي 2005 تائين اسرائيل مسلسل قبضو ڪندو رهيو آهي جنهن کي ڪير چوڻ وارو ناهي ان ڪري اسرائيل سڀني مسلمان ملڪن جو پاڻي ڪڇي چڪو آهي ۽ 2007 کان وٺي غزا جي پٽي تان پنهنجا ڪاروبار به هلائي ٿو جو ڪير انهن کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ناهي اهي سمجهن ٿا ته فلسطيني ويچارا ايترا ته ڪمزور آهن جو انهن جي الشفا ۽ الحريري اسپتالن تي به اسرائيل حملا ڪندو ٿو رهي جو اتي هاڻي ته ڏڪار جون حالتون آهن ۽ ڪير به اتي محفوظ ناهي، جيتوڻيڪ آڪٽوبر 2023 کي هاڻي تقريبن پنج مهينا ٿيڻ وارا آهن، پر ڪو ڏينهن آجو ناهي جنهن ڏينهن فلسطين تي حملو نه ٿيو هجي. عالمي عدالت ۾ فلسطين جو ڪيس 30 ڊسمبر 2022 ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ هڪ درخواست تي شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عرب ملڪن روس ۽ چين فلسطين جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا، جرمني ۽ 24 ٻين ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

1967 ۾ ڇهن ڏينهن واري جنگ دوران، اسرائيل اوڀر يروشلم ۽ اولھ ڪناري تي قبضو ڄمائي ڇڏيو هو، جيڪي علائقا ان کان پهرين اردن جي قبضي هيٺ هئا ۽ عرب (فلسطيني) اڪثريت وارا علائقا هئا. گهڻائي ملڪ ۽ اقوام متحده به اڃان تائين قبضي ڪيل اوڀر يروشلم کي مستقبل جي فلسطيني رياست جي گاديءَ واري حيثيت سان ڏسن ٿا ۽ اسرائيل جي قبضي کي بين الاقوامي قانون تحت غير قانوني سمجهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران هڪ ڊگهي خط ذريعي گڏيل قومن جي عدالت جي ججن کان ڪجھ سوال ڪيا هئا ته اسرائيل فلسطينين جا حق ڇو غضب ڪندو ۽ کين بي سبب پنهنجي ڌرتي تي بي گھر ڪندو؟ ۽ جيڪي اسرائيل ۽ آمريڪي پٺڀرائي تحت مسلسل متاثر ٿي رهيا آهن جنهن تي بين الاقوامي ضمير کي ڄاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ذميوارين کي نڀائين.