بلاگنئون

نظم ڌاڙي ۾ ڦريو ويو !

جيڏيون منھنجو جيئڙو رٺل ٻار جيان…!!

1995 ۾ نور محمد سومرو سان بدين ۾ ھڪ شام ملھائي پئي وئي حسن درس به ان شام موجود ھو، ھن پنهنجي آخري تقرير ۾ چيو ھو ته “منهنجي خواهش آهي ته مون کي سنڌ وطن سان عشق جي ڏوھ ۾ فجر ويل ڦاھي تي چاڙهيو وڃي”

نورمحمد سومرو جي اھا خواھش اھي لفظ مون کي فلسطين جي وطن پرست شاعر محمود درويش جي لفظن جھڙا لڳا جن ۾ ھن چيو ھو “منهنجو ديس منهنجو آخري نظم آهي” نور محمد ساگر سومرو 1961 ۾ بدين جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ آدم سومرو ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ويل نورمحمد ڪنهن اپسرا جي ڪاڪلن جو قيدي بڻجي اڌ چريو ٿي پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي واپس اچي ڳوٺ جا وڻ وسايائين. ڪتابن جي ڀنڊارن ۾ گم ٿي لڏي ويل ڳوٺ جي اداس گلين جھڙو ھڪ خوبصورت شاعر بڻجي ويو، ڏات مٿس اوھيرا ڪري برسي پئي ھو وطن سان محبت ڪندڙ اھو شاعر، جنهن جو شاعريءَ ۾ نثراڻن نظمن جو ھڪ الڳ ٿلڳ ڊڪشن ھو، الڳ معنيٰ هئي ھن جو شاعري سرجڻ جو پنهنجو ھڪ الڳ اسلوب ھو، ھن بند گھٽين ۾ بيھي وڃڻ بجاءِ واري تي ليڪا ڪڍي به شاعري لکي. پنهنجي چريائين سان عشق ڪندڙ نور محمد سومرو توڙي جو ھاڻ اسان وٽ ناھي رھيو، پر ھن جي شاعري جي سحر ۾ جڪڙيل علي اظھار، امير منڌرو، باغي حنيف کوسو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ٻيو وڏو حلقو نورمحمد جي درد ھاڻي زندگي ۽ سندس زندگي جي آخري ڏھاڙن ۾ وٽس ويندو  ھو ته ھو ڳوٺ ڀرسان ھڪ وڻ ھيٺ ويھي وکريل وارن سان پنھنجو پاڻ سان پيو ڳالھيون ڪندو ھو، ملڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندو ھو، جي وري پنهنجي تي ايندو ھو ته ميلن جا ميل پنڌ ڪري پنهنجي انهن دوستن سان ملندو خوب ڪچھري ڪندو ھو. توڙي جو سندس ڊاڪٽر حسن منظر وٽ علاج ھلندڙ ھو، پر ڦڪين فرق نه ڪيو جڏهن مٿس ڏات مھربان ٿيندي هئي ته ڪاغذ نه ملڻ جي صورت ھو ڪنهن وقت سگريٽ جي پاڪيٽن کي ٽوڙي انهن ڪاغذن تي خوبصورت نظم لکي وٺندو ھو .ھن جي رھڻي ڪھڻي زندگي گذارڻ جو طريقو معاشري جي عام ماڻهن کان بنھه مختلف ھو .ھن مفاد پرست معاشري ۾، ھو ھڪ خود دار ماڻھو فٽ ٿي نه سگھيو.

نظم ڌاڙي ۾ ڦريو ويو

مان اھو توکي ڏيان ٿو

ڇو آئون ھاڻ پنهنجو

قافلو ڪاھي وڃان ٿو

سو نظم ڏيئي وڃان ٿو

قافلو نيئي وڃان ٿو

نور محمد سومرو جا ڪل چار ڪتاب شايع ٿيا 1991 ۾ “ڪو اڳي ايئن لڳو ڏکارو ڏکڻ” شانتي پبليڪشن غريب آباد بدين پاران شايع ٿيو. سندس ٻيو مجموعو “خدا جو قسم” عرشي پبليڪيشن ڀريا شھر پاران علي اظھار سندس حياتي ۾ شايع ڪرايا. جڏهن ته علي اظھار ريکائون پبليڪشن ڪراچي پاران 2022 ۾ “پکي جا پر” به ڇپرايو آهي. ان کان اڳ سندس ھڪ ڪتاب “سرءُ جا پن” به شايع ٿيو. علي اظھار ريکائون پبليڪيشن ڪراچي پاران سڀني ڪتابن جو مواد سھيڙي ھڪ ڪتاب “پکي جا پر” شايع ڪرايو آهي .علي اظھار جس لھي جنهن ھڪ اھڙي سنڌ پرست لاجواب تخليقڪار جا سڀ ڪتاب سھيڙي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. علي اظھار جو اھو نور محمد ساگر سان سندس شاعري سان عشق آهي ھڪ واعدو جيڪو ھن کان نور محمد سومرو پنهنجي حياتي ۾ ورتو ھو ته سندس اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرائيندين جيڪو واعدو علي اظھار پورو ڪري وڏو تاريخي ڪم ڪيو آهي. ياد رھي ته نور محمد سومرو جا اھي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ھٿوھٿ وڪامجي ويا. علي اظھار موجب “سٺي شاعري ھونئن به ڪنهن سر ڦرئي درياءَ وانگر ھوندي آهي جيڪا پنهنجو رستو پاڻ ٺاھيندي آهي” سو نور محمد ساگر جي شاعري به پنهنجو رستو پاڻ ٺاھيو ۽ اھو رستو جنهن رستي ۾ نوان خيال نيون تشبيھون نوان استعارا هئا ان ڪري نور محمد پنهنجي چاھيندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪري ويو .

زندگي جا ويھ سال

شاعري جا اٺ چاريا

چنڊ ھيٺان رات گھاري

سج ھيٺان ڏينهن گھاريا

ھو درٻاري شاعر نه ھو ھن ڪنهن آڏو جھولي جھلڻ بجاءِ موت کي ترجيح ڏني، ھو ھڪ خود دار ماڻهو ھو پنهنجي بي ترتيب زندگي پنهنجي بي ترتيب شاعري سان کيس عشق ھو. ھن غربت سان ڏاڍي ويڙھ ڪئي، ھو جنهن لکيو:

ڪير منهنجي لئي اھو سوچي به نه

ھاڻ ھي جيئي الئي جيئي به نه

ھڪ آرٽسٽ ھڪ شاعر لاءِ جڏهن سماج جون گھٽيون سوڙھيون ٿي وينديون آهن ته ھو زندگي کان بيزار ٿي پوندو آهي .

لوڻ جھڙا نظم تنهنجا

ٻوڙ ۾ کائي وياسين

ڀيل وانگر جھنگلن ۾

تون گلو کولي ھلين ٿو

توڙي جي زھر جھڙن روين ھن سان گھٽ نه ڪئي ھن کي ايذاءُ ڏنا، امير منڌرو چوي ٿو ته ھو اسان جي دور جو آئيڊيل ڪردار ھو جنهن سان تعلق جي تند سدائين فخر جو سبب رھي آهي. خدا جو قسم سندس شاعري جو اھو اھم ڪتاب ھو جيڪو علي اظھار جڏهن پھريون دفعو مارڪيٽ ۾ آندو ته نالي ۾ نھال نقادن ان کي ڊيگهه ضربيان ويڪر جي حساب سان ماپڻ شروع ڪيو ۽ پرھ جي پياڪن انھي  عرق مان ڪيف ۽ قرار ماڻيو ھو. نورمحمد، ضياءُ جي ڇتي مارشلا واري دور ۾ مزاحمتي شاعري پڻ ڀرپور نموني لکي:

درد ديس جو گھڻو

شام ديس جي دکي

ٻار ديس جا بکيا

مان نٿو لکي سگھان

 مان نٿو پڙهي سگھان

تون لکين ته لک پرين

ھي پين ھي پنو پرين

ھي پين ھي پنو پرين

دردن جون هڙئي شامون ھن جي حصي ۾ آيون جن کي ھن فخر سان قبوليو رمندي بادل جيان ھن پنهنجي عشق جي اکين مان جيڪي نظمن جا مينهن وسايا تن نظمن کي پڙھي آئون امير منڌرو علي اظھار اھو سوچون ٿا ته روئجي پنهنجي بيوسي تي يا کلجي اڌ دماغ سماج تي جنهن نور محمد جھڙي وطن پرست سنڌ پرست شاعر جو قدر ڪونه ڪيو. بھرحال اھو فيصلو تاريخ ضرور ڪندي رٺل ٻار جھڙي جيئڙي کي پرچائيندي پرچائيندي توڙي جو نور محمد ساگر اسان وچ ۾ ناھي رھيو، پر اسان پاڻ سان پرچي ناھيون سگھيا.

جيڏيون منهنجو

جيئڙو رٺل ٻار جيان

پرچايان پرچي نٿو

سمجھايان سمجھي نٿو

ترسايان ترسي نٿو

موٽايان موٽي نٿو.