خاصنئون

پوليس ۽ ٻيا ادارا غير قانوني اڏاوتن کي تحفظ ڏيندا رهيا آهن: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران ڪراچي ۾ حد دخلين ۽ غير قانوني اڏاوتن واري ڪيس جي حوالي سان لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن جي ڀرمار آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ تباهيءَ جي ذميوار آهي ايس بي سي اي آفيسرن پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ آفيسر رشوت وٺندا رهيا آهن، ان کانسواءِ پوليس ۽ ٻين ادارن به غير قانوني اڏاوتن کي تحفظ مهيا ڪيو. لکت ۾ جاري ٿيل فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته سنڌ جو وزير پاڻ مامرا ڏسي ۽ ايس بي سي اي جي ڪرپٽ آفيسرن کي فوري طور برطرف ڪري