نئون

فيس بُڪ جو مالڪ ڏچي ۾

فيس بُڪ جو مالڪ ۽ سي اِي او مارڪ ذڪربرگ جا ستاره گردش ۾ اچي ويا، کيس 10 ڏينهن ۾ 16 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي ويو. گذريل ڏينهن آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 بروڪر ڪمپنين پنهنجي فيس بُڪ جي شيئرن جي قيمت ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي. 19.6 سيڪڙو گهٽتائي بعد فيس بُڪ جي شيئرن جي قيمت هاڻي 124 ڊالر ٿي وئي آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال ۽ ايندڙ سالن ۾ فيس بُڪ جي ڪاروبار ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ٿيڻ سبب ڪمپني جا شيئر ڪريا آهن.