چين جي خلائي اسٽيشن سمنڊ ۾ ڪري تباهه
چين طرفان ست سال اڳ 2011 ۾ خلا ۾ موڪليل خلائي اسٽيشن خراب ٿيڻ بعد سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي وئي. هن خلائي اسٽيشن جي ڪرڻ جا اطلاع اڳ ۾ ئي ڏنا ويا هئا، جنهن لاءِ چيو ويو هو ته 31 مارچ کان 4 اپريل تائين اها زمين تي ڪري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو هو ته اها خلائي اسٽيشن سمنڊ ۾ ئي ڪرندي ڇاڪاڻ ته زمين جو گهڻو حصو پاڻي تي مشتمل آهي. چين جي خابرو ادارن پاران خبرن موجب اها خلائي اسٽيشن 2 اپريل تي سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي وئي. چين جي هن خلائي اسٽيشن جو نالو تائن گونگ ون رکيو ويو هو جنهن جي سائيز هڪ بس جيتري ۽ وزن 9.4 ٽن هو. هن خلائي اسٽيشن کي 2011 ۾ خلا ۾ موڪليو ويو هو جنهن بعد 2016 ۾ ان جو ڪنٽرول سائنسدانن جي هٿ مان نڪري ويو هو. هيءَ خلائي اسٽيشن تاهيٽي جي جزيري ڀرسان ڪري تباهه ٿي آهي، جنهن ۾ ڪابه آبادي نه آهي ۽ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

