نئون

ڪراچي ۾ ڇهن ڏينهن تائين هيٽ ويو ٿيڻ جو امڪان

موسميات کاتي ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي. کاتي پاران چيو ويو آهي ته گرمي جي شدت 40 کان 43 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿي. موسميات کاتي چيو آهي ته سامونڊي هوائن جي بند ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ گرمي وڌي ويندي، ان ڪارڻ شهر ۾ هيٽ ويو ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڇهه ڏينهن هلندي. ايڊوائزري ڪراچي انتظاميه، ڪي اليڪٽرڪ، پي ايم ڊي ۽ ٻين ادارن کي موڪلي وئي آهي. موسميات کاتي پاران هنن ادارن کي پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٻئي طرف وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه به هيٽ ويو ايڊوائزري کانپوءِ لاڳاپيل اسپتالن ۾ انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيئي ڇڏي آهي. وزير اعليٰ سيڪريٽري صحت ۽ ڪمشنر کي موبائل اسپتال سروس کي تيار رهڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.