مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ پنجاب ۾ داخل
جميعت علماءِ اسلام جو آزادي مارچ ڪنهن رڪاوٽ کان بغير ٽولين جي شڪل ۾ سنڌ کان ٿيندو پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي. خابرو اداري مطابق مارچ هن وقت ملتان ۾ پهچي ويو آهي. ڪالهه روهڙي جي مقام تي مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته اسان جنگ جو طبل وڄائي چڪا آهيون. روهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 31 مارچ تي اسلام آباد ۾ اهم اعلان ڪندس. ملڪ ۾ ناجائز حڪومت مڙهي وئي آهي ان مان نجات حاصل ڪري رهنداسين.

