تيزگام ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ سبب 66 ڄڻا فوت 30 زخمي
ڪراچي کان لاهور ۽ راولپنڊي ويندڙ تيزگام ايڪسپريس ۾ باهه لڳي وئي. حادثو رحيم يار خان ويجهو پيش آيو. باهه ٽن دٻن کي وڪوڙي ورتو، جنهن سبب 66 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ ويجهو واري اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين مان گهڻن ڄڻن جي حالت خراب هجڻ سبب انهن مان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جو خدشو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جميل احمد ٻڌايو ته تيزگام ٽرين جي ايئرڪنڊيشن ۽ بزنس ڪلاس جي ٽن دٻن کي باهه وڪوڙي وئي هئي ، انهن دٻن ۾ 209 مسافر سوار هئا جنهن مان 66ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جنهن مان ڪافي لاش سڃاڻپ لائق نه رهيا آهن. واقعي بابت ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته حادثو ريلوي نه پر مسافرن جي غلطي ڪارڻ ٿيو آهي، ٽرين ۾ گيس سيلينڊر ڪيئن پهتو ان جي تحقيق ٿيڻ گهرجي. ممڪن آهي ته ننڍين اسٽيشنن تي اسڪينر نه هجڻ سبب اهو سيلينڊر ٽرين تي آندو ويو هجي.

