خاصنئون

 هٿرادو ذهانت لاءِ 1200 ارب ٽرانسسٽرز واري سپر چپ تيار

سليڪان ويلي جي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني سيريبراز خاص طور تي هٿرادو ذهانت جي شعبي ۾ استعمال لاءِ هڪ مائيڪرو چپ تيار ڪئي آهي، جنهن تي 1200 ارب ٽرانسسٽرز موجود آهن. هن سپر چپ جو نالو ويفر اسڪيل انجن رکيو ويو آهي. هيءَ چپ سائيز ۾ وڏي هجڻ سبب هن کي 15 ڪلو واٽ بجلي جي ضرورت هجي ٿي. هن جي گرمي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڻي جي پائيپن جو هڪ خاص نظام ٺاهيو ويو آهي جيڪو هن کي ٿڌو رکي ٿو. هن سپر چپ ۾ 18 گيگا بائيٽ آن چپ ميموري آهي جيڪا ان جي مقابلي وارين چپن کان 3000 دفعا تيز آهي. سيريبراز ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن چپ کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر کان اهڙا ڪم به  وٺي سگهجن ٿا جيڪي في الحال ناممڪن نظر اچي رهيا آهن.