پي ايس پي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر وچ ۾ لفظي جنگ
ڪراچي جي اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال ۽ هاڻوڪي ميئر ۾ ان وقت لفظي جنگ شروع ٿي وئي، جڏهن مصطفيٰ ڪمال پاران وسيم اختر جي هنيل الزامن جي جواب ۾ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ پاڻ تي لڳل الزامن جو جواب ڏنو. مصطفيٰ ڪمال، وسيم اختر تي الزام هڻندي چيو ته وسيم اختر ڪوڙ ٿو هڻي ته هن وٽ اختيار نه آهي ته هو شهر جو ڪچرو کڻائي هن وٽ ان ڪم لاءِ 80 سيڪڙو پاور آهي ۽ برسات جي پاڻي کي صاف ڪرائڻ جو 100 سيڪڙو پاور به ان وٽ آهي. هن ڪراچي جي عوام کي چيو ته اهي وسيم اختر کي ٽيڪس نه ڏين ڇاڪاڻ ته هو هر ڪم پنهنجي ڪميشن لاءِ ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي طلاق مهل جيڪا رقم ان کي گهربل هئي ان بابت سوال مون کان نه پر وسيم اختر جي گهرواري کان پڇڻ گهرجي. جيڪا ان وقت ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس هئي. جنهن بعد وسيم اختر به هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي جواب ۾ چيو ته ملڪ اندر سڀ ڪو مصطفيٰ ڪمال جي اصل روپ کي ڄاڻي ٿو. مصطفيٰ ڪمال شهر اندر چائنا ڪٽنگ جي برائي کي متعارف ڪرايو. جنهن سبب نيب ۾ هن خلاف ريفرنس به داخل ٿيل آهي. هن پنهنجي الزام کي دهرايو ته الطاف جي طلاق واري معاملي ۾ مصطفيٰ ڪمال سهولت ڪار هو. هن جي دور ۾ ڪراچي ۾ ميونسپل جي ڍانچي کي ٺاهڻ جي ضرورت هئي جڏهن ته هن ڪراچي اندر پليون ۽ انڊر پاس ٺهرايا. جڏهن ته هن کان پهريان نعمت الله خان ڪراچي کي سٺي ريت هلايو هو.

