نئون

 دنيا جي سڀ کان وڏي 3 ڊي پرنٽر سان فوجي بيرڪ تيار

دنيا ۾ هر دور ۾ ڪنهن به فوج کي بيرڪن جي ضرورت رهندي آئي آهي، جيڪا اڏڻ هڪ محنت وارو ڪم هئڻ سان گڏ وقت جو ذيان به ڪندو آهي. پر هاڻ آمريڪا جي ميرين  فوج طرفان ٿري ڊي پرنٽر ذريعي مڪمل بيرڪ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي تياري تمام گهٽ وقت ۾ ٿي سگهي آهي. اهو بيرڪ آمريڪي رياست اليانائي جي شهر شيمپين ۾ ٺاهيو ويو آهي. هن قسم جي بيرڪ ڪاٺ مان ٺاهڻ تي 10 فوجين کي پنج ڏينهن ڪم ڪرڻو پوي ها.جڏهن ته  اها بيرڪ پرنٽر ذريعي ٻن ڏينهن ۾ تيار ڪئي وئي آهي. هن کان پهرين مختلف هنڌن تي ماهرن پاران آفيسون ۽ گهر به ٿري ڊي پرنٽر ذريعي ٺاهيا ويا آهن. جنهن بعد ٿري ڊي پرنٽر هڪ انقلابي ايجاد طور اڀري رهي آهي.