ناول

سمرقند
قسط ايڪيهين

ترجمو: زاهده ابڙو

ترڪين جي حامين لاءِ هي ڪهڙو غم ۽ الم جو موقعو هو: سندن سلطانه مُئي پئي هئي، پر سندن اصلي دشمن انهن جي رحم و ڪرم تي هو، سندن گادي وارو هنڌ گهيري ۾ هو، پر ٺيڪ اهو جنهن گهيرو ڪيو هو، اهو سندن قيدي هو. هو ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟ جهان سلطان جي ٻار جي سرپرست جي حيثيت سان ترڪين جي جاءِ سنڀالي هئي ۽ معاملو سندن سامهون پيش ڪيو ويو. هيسيتائين هن هميشه پاڻ کي ڏاڍو وسيلن ڀريو ثابت ڪيو هو، پر مالڪياڻي جي موت سندس پيرن هيٺان زمين لوڏي ڇڏي هئي- هوءَ ڪنهن سان وڃي ڳالهائي، ڪنهن سان وڃي صلاح ڪري؟ جيڪڏهن عمر نه ته پوءِ ڪير!

عمر جڏهن اتي پهتو ته ان وقت جهان ترڪين جي ديوان ۾ پردن جي هيٺئين حصي ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺي هئي ۽ سندس وار ڏاڍي بي پرواهي سان سندس ڪلهن تي وکريل هئا- سلطان سندس ڀر ۾ ويٺو هو، مٿي کان پيرن تائين ريشم ۾ ويڙهيل ۽ ننڍڙي مٿي تي دستار ٻڌل. هو پنهنجي وهاڻي تي ويٺو هو- سندس چهرو لال نظر اچي رهيو هو. سندس چهري تي نشان نظر اچي رهيا هئا، هن جون اکيون اڌ بند هيون ۽ هو بيزار نظر اچي رهيو هو.

عمر، جهان وٽ آيو. نرميءَ سان سندس هٿ جهليائين، هٿ جي تريءَ سان سندس چهري تي ٿڦڪي ڏئي تسلي ڏنائين ۽ سندس ڪن ۾ چيائين:

”مون کي هاڻي هاڻي ترڪين خاتون بابت خبر ملي آهي- تو چڱو ڪيو مون کي گهرائي ورتئي-“

جڏهن هن سندس وارن کي چميو، جهان کيس ڌڪو ڏئي پري ڪيو-

” جيڪڏهن تو کي گهرايو اٿم، ته ان لاءِ نه ته تون مون کي تسلي ڏيندو وتين، هڪ بيحد نازڪ مسئلي ۾ تو کان مشورو وٺڻو آهي-“

عمر هڪ قدم پٺيان هٽيو ٻانهون ويڙهي ڇڏيائين ۽ انتهائي توجهه سان ٻڌڻ لڳو.

”برڪيارق هڪ ڪوڙڪي ۾ اچي ڦاٿو آهي ۽ محل ۾ قيد آهي. ماڻهو سندس قسمت جي فيصلي بابت ورهايل آهن. ڪجهه سندس موت جا طالب آهن، خاص طور تي اهي جن اهو ڄار وڇايو هو. اهي يقين حاصل ڪرڻ ٿا چاهين ته کين ڪڏهن به پنهنجي اعمالن جو جواب نه ڏيڻو پوي- ڪجهه وري ساڻس مفاهمت ڪرڻ کي ترجيح ٿا ڏين، کيس تخت تي ويهارڻ ۽ سندس خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ان اميد تي ته هو ساڻس ٿيل حادثن کي وساري ڇڏي- ان کان علاوه ڪجهه ٻيا جيڪي کيس گهيري ۾ رکڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ کيس يرغمال رکڻ چاهين ٿا، تنهنجي خيال ۾ مون کي انهن مان ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟“

”اهو پڇڻ لاءِ مون کي پنهنجي ڪتابن تان اٿاري گهرايو اٿئي“

جهان اٿي بيهي رهي- هوءَ ڪاوڙ ۾ هئي-

”تو کي معاملو گهڻو ڏکيو نٿو لڳي؟ منهنجي زندگيءَ جو دارومدار انهيءَ تي آهي. ٿي سگهي ٿو. هزارين ماڻهن جي قسمت، هن شهر ۽ سلطنت جو انحصار تنهنجي فيصلي تي آهي. ۽ هڪ تون آهين عمر خيام، جو نٿو چاهين ايتري معمولي ڳالهه جي معاملي ۾ تنهنجي مداخلت ڪئي وڃي!“

هو دروازي ڏانهن وڌيو ۽ ان کي کولڻ وارو ئي هو ته واپس جهان ڏانهن موٽيو.

”مون کان ڏوهه ٿي وڃڻ کانپوءِ مشورو ڪيو ٿو وڃي. تون پنهنجن ساٿين کان مون کي ڇا چورائڻ ٿي چاهين؟ جيڪڏهن مان انهن کي جيڪي هن کي ڇڏي ڏيڻ جو مشورو ڏين ٿا، مان انهن کي ڪيئن ضمانت ڏئي سگهان ٿو ته سڀاڻي سندن ڪنڌ ڪپرائڻ جي خواهش نه ڪئي وئي هئي؟ جيڪڏهن مان کيس يرغمال طور رکڻ يا ماري وجهڻ جي صلاح ڏيان ٿو ته مان سندن سازش ۾ ملوث ٿي ٿو وڃان. مون کي انهن الجهنن کان آزاد رهڻ ڏي، جهان، ۽ تون پاڻ به انهن ۾ نه پئو.“

هن جهان ڏانهن انتهائي پيار سان ڏٺو-

”ترڪي سلطان جو هڪ پٽ ٻئي پٽ جي جاءِ ٿو والاري، هڪ وزير ٻئي وزير کي برطرف ٿو ڪري، تون پنهنجي زندگي جا بهترين سال انهن وحشي جانورن جي پڃري ۾ ڪيئن گذاري سگهندينءَ؟ هنن کي هڪ ٻئي جو گلو ڪپڻ ڏي، مرڻ ۽ مارڻ ڏين. ڇا ان سان روشن چنڊ جي روشني جهڪي ٿي ويندي؟ ڇا شراب ڪجهه ڪڙو ٿي ويندو؟“

”پنهنجو آواز جهڪو رک عمر- تون ٻار کي ڊيڄاري رهيو آهين ۽ گڏيل ڪمرن ۾ اسان جي ڳالهين کي ٻڌو ويندو هوندو ۽ ڀر وارن ڪمرن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو اسانجون ڳالهيون ٻڌندو هجي-“

عمر پنهنجي ڳالهه تي بيٺو رهيو:

”تو مون کي مشورو وٺڻ لاءِ نه گهرايو هو؟ چڱو ته پوءِ مان اصل مسئلي کان پري نه ٿيندس: هن ڪمري کي ڇڏي ڏي، هن محل کان پنهنجي جان ڇڏائي، پٺيان مڙي نه ڏس. خدا حافظ به نه چئو، بلڪه پنهنجو سامان به نه گڏ ڪر. اچ، منهنجو هٿ جهل ۽ گهر واپس هل، تون پنهنجا نظم چئجائين ۽ مان پنهنجن ستارن جو مشاهدو ڪندس- هر شام منهنجي پاسي ۾ بنا ڪپڙن جي اچي ليٽي پئجان- مشڪي مهڪ وارو شراب اسان کي مغني بڻائي ڇڏيندو ۽ دنيا اسانجي نظرن کان گم ٿي ويندي. پاڻ بنا ڏسڻ، بنا ٻڌڻ جي اتان لنگهي هلنداسين- نه ان جي گپ نه ان جو رت اسان جي پيرن جي ترين سان چنبڙندو-“

جهان جي اکين آڏو انڌيرو ڇائنجي ويو-

”جيڪڏهن مان معصوميت جي ان دور ۾ واپس وڃي سگهان ها ته تون ڇا ٿو سمجهين ته مان انڪار ڪيان ها؟ بهرحال، هاڻي تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي. مان تمام گهڻو اڳيان نڪري آئي آهيان- سڀاڻي جيڪڏهن نظام الملڪ جا ماڻهو اصفحان تي قبضو ٿا ڪري وٺن ته هو مون کي بخشيندا ڪونه. مان سندن ڏوهارين جي لسٽ ۾ شامل آهيان-“

”مان نظام جو گهڻو ويجهو دوست هئس- مان تنهنجي حفاظت ڪندس- هو منهنجي گهر منهنجي زال کي پڪڙڻ ڪونه ايندا-“

”هوش سان ڳالهائي، عمر- تون انهن ماڻهن کي نٿو سڃاڻي- سندن سِر تي صرف انتقام جو ڀوت سوار آهي، ڪلهه هنن تو کي حسن صباح جي جان بخشي جي لاءِ سخت سست چيو هو- سڀاڻي هو تو کي جهان کي لڪائيندڙ چوندا ۽ مون کي ته قتل ڪندا ئي ڪندا، پر تو کي به بخش ڪونه ڪندا-“

”ٺيڪ آهي پوءِ گڏجي گهر ٿا هلون، گڏجي رهنداسين، جيڪڏهن منهنجي قسمت ۾ تو سان گڏ مرڻ لکيو آهي، ته مون کي منظور آهي-“

جهان سڌي ٿي ويٺي

”پر مون کي منظور ڪونهي! مان هتي هن محل ۾ آهيان، انهن سپاهين جي وچ ۾ جيڪي منهنجا وفادار آهن، هن شهر ۾ جيڪو هاڻي منهنجو آهي، ۽ مان آخري ساهه تائين مقابلو ڪندس- جيڪڏهن مون کي موت اچڻو آهي ته مان سلطانه جي حيثيت سان مرندس-“

”۽ سلطانائون ڪيئن مرنديون آهن؟ کين زهر ڏئي ماريو ويندو آهي، سندن ساهه گُهٽيو ويندو آهي، نڙي مروٽي ويندي آهي! شان و شوڪت توکي انساني مصيبت کان بچائي نٿو سگهي!“

ٻئي ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا- جهان عمر جي ويجهو آئي ۽ سندس چپن کي چمي ڏنائين جيڪو هو چاهي رهي هئي ته پرجوش هجي، ۽ هن جي ٻانهن ۾ سمائجي وئي، پر عمر کيس پنهنجو پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو، ڇو ته کيس موڪلياڻين جي طاقت نه هئي- هن آخري ڀيرو جهان کي منٿ ڪئي:

”جيڪڏهن هاڻي به تون منهنجي محبت جو معمولي قدر ڪرين ٿي ته مون سان گڏ هل، جهان- چبوتري تي دسترخوان وڇايل آهي، ’ڪوهِ زرد‘ کان ايندڙ هلڪي هلڪي هوا اسان مٿان وهندي، ٻن ڪلاڪن اندر پاڻ مدهوش ٿي وينداسين ۽ گڏجي ليٽي پونداسين-

مان ملازمن کي هدايت ڪندس ته جيسيتائين اصفهان جو حاڪم نٿو مٽجي تيستائين اسان کي نه جاڳائن-“

***