بلاگ

ڪتاب ”سنگيت جي مڌرتا“ جو اڀياسي جائزو

پوري ڪائنات ۾ هر شيءِ جو وجود آهي، بهار خزائون، مُرڪون ٽهڪ  لڙڪ ۽ سڏڪا، گلستان، برپٽ، ريگستان، برسات، ڪاڙها، لڪون، جهولا ته وري ڪڏهن ٿڌڙيون هيرون پڻ هِن ڪائنات جي سونهن جو مثال آھن، هر وجود جو پنهنجو هڪ وقت هوندو آهي، جيڪو جڏهن به ايندو آهي ته پنهنجي روپ ۾ هو ماحول کي حسناڪ ڪري ڇڏيندو آھي.

هِن ڪائنات ۾ انسان جو وجود پڻ ڪائنات جي ٺھڻ کان وٺي آھي ۽ انسان جو وجود وري فطرت سان سمايل آھي فطرت ۾ ڪي سخت مزاج آھن ته ڪي وري نرم مزاج، ڪي معصوم مزاج ته ڪي وري پٿر دل مزاج، ائين کڻي چئجي ته فطرت انسان سان مشابهت رکندڙ آھي ۽ انسان فطرت سان سلهاڙيل آھي، ۽ انسان جي وجود ۾ وري مختلف ڪيفيتن جا منظر پڻ آھن. اهڙن سمورن احساسن ڪيفيتن کي مختلف رنگن منظرن کي هڪ نرم دل انسان سهڻي نموني سان اظهاريندو آھي. اُنهن انسانن ۾ ڪي شاعر آھن ته ڪي نثرنگار ته ڪي ناول نگار ته ڪي ڪهاڻيڪار ائين کڻي چئجي ته انهن جو خيالي احساس الڳ الڳ هوندو آهي.

شاعري دنيا جي اُن حسناڪيءَ، ان احساس جو نانءُ آھي جنهن ۾ مٿي ڏنل سمورا ئي احساساتي وجود خوبصورت نموني سمائجي ويندا آھن. شاعريءَ جو مختلف جذبن سان ڳانڍاپو آھي. اهي جذبا پيار جي اظهار جا هجن يا يادگيرين جي ڏيک جا يا وري پنهنجي وطن سان محبت جي اظهار جا هجن هنن سمورن ئي احساسن، ڪيفيتن، جذبن کي شاعريءَ ۾ سهڻي نموني اظهاري سگهبو آھي.

سنڌ ڌرتيءَ تي پڻ اهڙن ڪيترن ئي هونهار شاعرن جنم ورتو آھي جن جي شاعريءَ ۾ جذبن جا اهڙا رنگ سمايل آھن جو پڙهندڙ پنهنجي وجود ۾ شاعريءَ جي وجود کي سمائڻ لڳندو آهي. اهڙن باڪمال شاعرن ۾ سنڌ جي سڀاويڪ شاعر ساحر راهو جو نانءُ پڻ مٿانهون آھي.

ساحر راهو سنڌي شاعريءَ ۾ خاص ڪري غزل گو شاعرن ۾ هڪ مٿانهون رکندڙ نانءُ آهي جنهن جي شاعريءَ جو هر رخ هر موضوع نئون ۽ جاندار آھي. سندر تخليقن جو مالڪ ساحر راهو خيالن جي اهڙي پوک تخليقن ۾ لڳائي ٿو جو اهي گلابي کيت جيان بڻجي پون ٿا.

تصوير يا تصور منظر ۾ قيد ڪونهي

اي دوست دل جو دريا بندر ۾ قيد ڪونهي

آڪاس جي وسعت ڳائي ٿي سا حقيقت

رب جو جمال مسجد مندر ۾ قيد ڪونهي

تيليون نه ٻار ايئين منبر تان بيٺي مرشد

انسان جي عقيدت خنجر ۾ قيد ڪونهي

رولاڪ ريگذارن پاليو آ مون کي منهنجي

اڻ جهاڳ تشنگي ڪنهن منڇر ۾ قيد ڪونهي.

”سنگيت جي مڌرتا“ ساحر راهو جي شعري مجموعي جو نانءُ آھي واقعي به سندس تخليقون سنگيت جي مڌرتا جو ڏيک ڏيئي رهيون آھن، سندس تخليق پنهنجي نواڻ جي ڪري ساهن ۾ سمائجي وڃي ٿي، ساحر راهو سنڌي شاعريءَ جو بيحد پراڻو مسافر آھي، هن مهل تائين هو هزارين  سندر تخليقون سنڌي ادب کي ڏيئي چڪو آھي، پر سندس تخليقي سفر اڃان تائين جيئن جو تيئن هلي رهيو آھي. شاعريءَ جي جهان ۾ پنهنجي خوبصورت شاعراڻي صلاحيتن جي ڪري هن پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو آھي، آئون سمجهان ٿو ته جديد سنڌي غزل ۾ ساحر راهو غزل جو هڪ اعليٰ شاعر آھي، بقول اشرف پلي جي ته ”جنهن ڏينهن پوري ايمانداريءَ سان موجوده دور جي غزل لکارين تي ڳالهايو ويو، ان ڏينهن ساحر جو ڳاٽ گهڻن دستار بند شاعرن کان اوچو هوندو“. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ساحر راهو جديد سنڌي شاعريءَ جو بيمثال شاعر آھي.

بدن تي چاندنيءَ جي رقص جون لهرون روان آھن

ڏسان ٿو تنهنجي نيڻن ۾ بهارون باغ بان آھن

اچي بيٺي آن پاڇي ۾ لتاڙي منهنجو پاڇولو

دريءَ جي اوٽ ۾ خوشبوءَ ڇڏيا اڻ مِٽِ نِشان آھن

رنگولي رقص جو محور حجابن تان هٽي چادر

ٻرن ٿا ديپ منظر ۾ ٿيا جهونا جوان آهن

جهلڪ هڪ پلڪ جي ڀاري هجر جي آه موسم تي

عمر جي گهگھ اونداھ ۾ به جگنو مهربان آھن.

هيءُ ڪتاب ”سنگيت جي مڌرتا“ ساحر راهو جي حسناڪ شاعريءَ جو هڪ گلدستو آھي، شاعريءَ ۾ خيالن جي سهڻي جوڙجڪ ساحر راهو جي ڪاريگري جو شاهڪار مثال آھي. هو محدود خيال جو قائل ناهي، پر هو لامحدود خيالن جو قائل آهي، هن وٽ خيال بيحد وسيع آھن، اهي خيال سندس ڏات جي مهرباني سمجهجي يا سندس ڪاريگري، پر سندس تخليق ۾ جيڪا حسين منظرنگاري ملندي آھي، ان کي پسي ائين لڳندو آھي ته ساحر راهو ڏات ۽ ڏانءُ جي فن جو ماهر آھي، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ سهڻي باغيچي جهڙو ڏيک ڏيندڙ آھي، جنهن ۾ گلن مهڪارون ۽ پوپٽ اُڏارون من کي موهڻ لڳنديون آھن.

شاعري پڙهندڙ تي لهجي جو به اثر ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ ڪٿي مونجهاري جو شڪار پڻ ٿيندا آھن، پر ساحر راهو جي تخليقن ۾ ڪٿي به اهڙو منجهائيندڙ لهجو يا اظهار ناهي، ساحر راهو جي شاعري جهڙو سادو ۽ خوبصورت لهجو شايد ئي ڪنهن شاعر وٽ هجي.

وارياسي هڪ اڻاسي رهگذر

سرمدي ۽ بي لباسي رهگذر

سانت جي هڪڙي نرالي ڪائنات

آ ڪويءَ جي ئي شناسي رهگذر

دل منجهان آ آخري ڳولي لڌي

مون خُلاصي هڪ سنياسي رهگذر

ياد جو ناسي وڳو ساحل اکيون

رات روڳي هيءَ اداسي رهگذر.

ساحر راهو جي شاعري پڙهندي ائين محسوس ٿي رهيو آھي ڄڻ ته هن وٽ لفظ سلامي ڀرڻ ايندا آھن، هن وٽ جيڪي به شاعريءَ جا خيال آھن، اُهي بيحد وڻندڙ ۽ دل جي احساسن کي ڇهندڙ آھن، شاعريءَ جي تصور ۾ سندس رومانيت جو خيال بيحد ئي سگهارو آھي، جديد شاعريءَ ۾ سندس تخليقن مان نواڻ محسوس ان ڪري به ٿيندي آهي جو اُها هر پاسي جي منظرنگاري سان ٽمٽار هوندي آھي. ساحر راهو جي شعرن جي جيڪا منظرنگاري آھي اُها دل ڇهي ٿي وٺي جيڪي منظر سندس ذهن جي دريءَ مان پوپٽ جيان داخل ٿين ٿا انهن کي هو اهڙي ته خوشبو جهڙي خيال سان گلن جو رنگين ويس پارائي ڪاڳر تي اُتاري ٿو ته اهي ههڙين سندر تخليقن جو روپ وٺن ٿيون.

ڌاڳا ٻڌل دعا جا اڄ ڀي گلي ۾ آهن

ڪجھ خواب خوبصورت دل جي خطي ۾ آھن

بادل خيال رکجان تشنا ترايون پياسا

صحرا جا مرگھ تنهنجي پويل قصي ۾ آھن

اخلاص سهپ جا سڀ مقدس معيار گُهرجون

ڇڙواڳ سوچ جي ئي اُلجهيل سڳي ۾ آھن

مهذب عماما پاتل فتويٰ فروش قاضي

سارا ڪٺي ٿيا اڄ ٻيهر هڏي ۾ آھن.

ساحر راهو جي ڪومل جذبن ۽ سونهن جهڙي شاعري تي خوبصورت شاعر معشوق ڌاريجو لکي ٿو ته ”آئون سوچيان ٿو ته ساحر وقت جي گهاڻي مان نڪري ڪومل ڪوتائن لاءِ پوپٽ جهڙا پل ڪيئن ۽ ڪٿان ٿو پڪڙي“.

آئون ته چوندس ساحر راهو جهڙي باڪمال شاعر وٽ ڪومل ڪوتائن جا پوپٽ پاڻ اڏري اچي سندس اکين اڳيان رنگ برنگي رقص ڪري سندس خيالن کي گلن جي ڪوملتا جيان مهڪائي حسين منظرنگاري چٽين ٿا.!!

ساحر راهو پنهنجي شاعريءَ ۾ جن به احساسن جو اظهار ڪيو آھي اهي سندس شاعريءَ جي بلند پائيءَ جي ساک ڏين ٿا، ساحر راهو جي غزلن کي پڙهڻ سان گڏ جهونگارڻ ۾ پڻ هڪ سنگم جهڙو لطف ملي ٿو، جيڪو به شاعر پنهنجي خيال ۾ نرالو ۽ الڳ اسلوب رواني ۾ غزل لکيو آھي ته غزل جا رنگ پڻ نکري پوندا آھن، ساحر راهو وٽ به اهڙو ئي ڪمال آھي، هو پنهنجي شاعراڻي سوچ ۾ اڻکٽ منزل جو راهي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انفرادي طرح سان ساحر راهو غزل جي صنف ۾ بيحد ئي نرالو آھي.

بادل پهاڙ جگنو رستا رباب جهرڻا

ڪنهن جي تلاش ۾ هن درياھ سيلاب جهرڻا

مسلڪ هجي مٿائون جنهن جاءَ تي بندي کان

ڪهڙي وقعت رکن ٿا ان جاءِ ڪتاب جهرڻا

تنهنجي نفيس لهجي پل ۾ ڪري ڇڏيا هن

محبوب دل جا جل ٿل صحرا خواب جهرڻا

ڪتاب سنگيت جي مڌرتا کي هٿن ۾ کڻندي آئون حيرانگيءَ جي تار ۾ ترڻ لڳس. ساحر راهو کي ته آئون ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو هئس، پر جڏهن سندس تخليقي پورهئي کي گڏ ڏٺم ته دل ڪتاب کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو، سج جي لالاڻ کان وٺي چنڊ جي دير اُڀرڻ تائين آئون ڪتاب جي آغوش ۾ تخليقن جا خوبصورت روپ پنهنجي من ۾ سمائيندو رهيس. جڏهن ڪتاب جا ورق ماڪ جي هلڪي بوند تي پِسي ويا ته سندس تخليقن ۾ ساھن جي خوشبو محسوس ٿي رهي هئي ساحر راهو جي شاعري ڪنهن به فطري حسن کان خالي ناهي، هو سنگيت جي مڌرتا جهڙيون تخليقون آبشار جهڙن خيالن جي سندر سنگم سان جوڙي ٿو. ساحر راهو وٽ ڪو به خيال ڪمزوريءَ جي ور چڙهيل ناهي سندس وٽ هر خيال بيحد پختو آھي، ساحر جيڪو ڏسي ٿو، انهيءَ کي اُهڙو ئي تخليقي روپ ڏئي ٿو، دلين جي غم، پيڙائن جهڙي ڪيفيت کي نرالي انداز سان لکڻ ساحر راهو جي شاعريءَ جو ڪمال آھي. ڪتاب سنگيت جي مڌرتا ۾ شامل هر تخليق نئين جذبي سان سرشار آھي، ساحر راهو وٽ تخليقن جو انداز بيان پڻ گلابن جي خوشبوءَ جيان معطر آھي.

خوشبوءَ ۾ مياڻي آرس ڀڃي اُٿي آ

رم جهم ۾ رات راڻي آرس ڀڃي اُٿي آ

ڪاهي پيون هوائون جهوپن ۾ هن ٿڌيريون

ٻيڙيءَ ۾ ڪا مهاڻي آرس ڀڃي اُٿي آ

گلزار پيچرن جا سهڻا سڀئي حوالا

رابيل جي جواڻي آرس ڀڃي اُٿي آ

مليو سڳنڌ هوا سان ساهن جي آ عطر جو

چئونري ۾ ڪولهياڻي آرس ڀڃي اُٿي آ..

ساحر راهو جي شعرن ۾ استعارا نواڻ سان ڀرپور آھن، اُهي انڊلٺي رنگن جھڙا لڳن ٿا. هر شعر جو هڪ پنهنجو الڳ رنگ آھي سندس شاعري روح کي لطف ۽ ورونهن ڏيندڙ آھي، ساحر راهو جماليات جي وسيع ڏورانهين دائري تائين پنهنجي فن کي خوبصورت نموني اظهاري ٿو، شاعريءَ ۾ هميشه ڪنهن نئين تجربي سان خيالن جي ورکا ڪري ٿو، ساحر راهو ڪيڏو خوبصورت شاعر آهي، ان جو مشاهدو اوهان سندس هن تخليق مان به ڪري سگهو ٿا.

خوشبو سان رنگن جا رستا لڀندا آهن

شاعر وقت جي نبض تي اکيون رکندا آھن

سرگوشي ٿئي رم جهم جي يا ڀئونرن جي

دل جي اڱڻ تي مور اميد جا نچندا آهن

تنهنجو منهنجو ميل انوکي ڳالھ ته ناهي

کنڊر جانان خاموشين سان ملندا آهن

پنهنجي پنهنجي آڳر تان چڪور جيان

ديوانه بس چنڊ چٽائي ڏسندا آھن

ڪتاب سنگيت جي مڌرتا، روح جي مڌرتا آھي ساحر راهو ڪتاب جو نانءُ هِن شعر مان کنيو آھي

سنگيت جي مڌُرتا رم جهم جا پيرَ هُئي.

هوءِ ڇوڪري هوا جا پاڻيءِ تي پيرَ هُئي.

ساحر راهو پنهنجو شاعراڻو خيال بيحد گهرائيءَ سان سمورن حسناڪن جي رنگن سان سهيڙي ٿو، هن جي شاعري گلاب جي ماڪ ڀنل خوشبوءَ جيان من جا اڱڻ معطر ڪري ٿي. بيحد نازڪ احساس سندس شاعريءَ کي هڪ نئون جنم ڏين ٿا، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي خوبصورت شاعر عزيز گوپانگ لکي ٿو ته ”ساحر راهو لکڻ ۾ ته شاعر ثابت آھي، پر ڏسڻ ۾ به شاعر ئي آهي هن جو سڀاءُ ۽ سلوڪ سندس ذات ۾ صفات جا عڪاس آھن هو اسان جي ٽهي جو اهو ڪوي آھي جنهن شعر جو مانَ شاعري سان ئي قائم رکيو آھي“.

ساحر راهو جي شاعري کي پڙهي سندس شاهڪار خيالن جي سرهاڻ ساهن ۾ سمائجي وڃي ٿي، سندس شاعري سندر عڪسن جو اهڙو ته مجموعو آھي جو جنهن کي جڏهن پڙهيو وڃي اهو تازي گل جيان ٽڙيل ئي رهندو.

خوشبوءِ جي لباس ۾ حسناڪ ڇوڪريون

ڪنهن جو شڪار اڄ ڪنديون چالاڪ ڇوڪريون

چهرن جي چڪ آ گهڻي برکا جي شام ۾

شيشي جي پائي هن پُڳيون پوشاڪ ڇوڪريون

ڌرتيءِ سان عشق جز آ ايمان جو مگر

رُخنو وجهن ٿيون عشق ۾ بيباڪ ڇوڪريون

ڇڙواڳ سوچ کي ڏين آزادي نام خُود

چاهن ٿيون مُٺ ۾ رکون لولاڪ ڇوڪريون.

ساحر راهو جو هيءُ ڪتاب پنهنجي تخليقي سونهن ۾ بيحد نرالو آھي هن ڪتاب ”سنگيت جي مڌرتا“ ۾ ساحر راهو جون سهيڙيل سموريون ئي تخليقون سندر جذبن جا نمائندا آھن. موضوعاتي سگھ، سهڻين تشبيهن ۽ منظرن جي سميٽ واري هر انداز ۾ سندس تخليقن ۾ نرالو حُسن آھي، هر غزل وسيع خيال ۽ معيار جي بُلندي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ لڳندڙ آھي. ساحر راهو جي شاعريءَ جي حسناڪيءَ تي جيترو لکجي اهو اڌورو رهندو، ڇو ته شاعريءَ جي تاريخن جا رخ موڙيندڙ خوبصورت شاعر جي شاعريءَ تي لکندي لفظن جا سڀئي پاند پُسي ويندا، پر انهيءَ جي شاعريءَ جي ڪٿ نه ٿي سگهندي. ساحر راهو اڃان تائين پنهنجي ڏات ڏانءُ جي سگھ تي خوبصورت خيالن جي پوکائي ڪندو رهي ٿو.

سنـگبازيءَ کـــان بچــــي پــــر اشڪباريءَ ۾ ٻڏي

زنـــدگي دريـــاھ جهـــڙي ڪـــرڪ واريءَ ۾ ٻڏي

عشــق جـــا اڻ جــهاڳ رســــتا واٽ ٿــوهر ٻاٻرا

تاس ســان ٽـــٻ تار خواھش برف باريءَ ۾ ٻڏي

تو فقط هڪڙي پلڪ جي جهلڪ آ خيرات ڪئي

دل فقـــيرياڻي تنهـــنجي اِن بـــردباريءَ ۾ ٻُــــڏي.

***