تعليم عورت جو زيور آھي
عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان حاجي محمد عثمان مري پبلڪ اسڪول ڀٽ ڀائٽي جي شاگردياڻين کي ”تعليم جي اھميت ۽ عورتن جي عالمي ڏينهن“ جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏنو. ليڪچر دوران شاگردياڻين سان ٿيندڙ گفتگو ۾ انھن بيت، نظم ۽ ڪھاڻيون ٻڌايون جنھن سندن شوق ظاھر پئي ڪيو ته کين تعليم سان ڪيڏي نه محبت آھي. شاگردياڻين اھو پڻ ٻڌايو ته اھي پرائمري، مڊل، ھائر سيڪنڊري ۽ انٽرميڊئيٽ جي تعليم مڪمل ڪري يونيورسٽي تائين پڙھائي جي سفر کي جاري رکڻ چاھين ٿيون ۽ گڏوگڏ اھو پڻ آگاھ ڪيو ته اھي پڙھائي ڪري پاڻ کي وڪيل، جج، ڊاڪٽر ۽ ٽيچر جي عھدي تي فائز ٿي پنھنجي ڳوٺ، صوبي ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ھٿ ونڊائڻ چاھين ٿيون. انھن جي لفظن ۾ جدت ھئي، ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جو جذبو ۽ جستجو هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ اھي وقت جي وھڪري سان ايندڙ تبديلين سان مھاڏو اٽڪائي پاڻ مڃائڻ چاھين ٿيون.
پر ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت تمام گهڻي ڪمزور آھي. خاص ڪري ڳوٺن ۾ چلھ تائين محدود رھجي ويندڙ عورتون ئي تعليم ۽ ٻين بنيادي حقن جھڙوڪ صحت ۽ روزگار کان محروم رھجي وڃن ٿيون. عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جوڙيا ويا آهن، انھن جي باوجود به عورتن سان بي واجبي ۽ انهن سان پيش ايندڙ واقعن ۾ ڪابه گھٽتائي ناھي آئي. انھن وڌندڙ واقعن جي رجحان، عورتن جي ذھنن ۾ عجيب خوف پيدا ڪري ڇڏيو آھي. اھو خوف کين پنھنجا حق حاصل ڪرڻ کان روڪي ٿو. انھن حقن مان سڀني کان اھم ۽ ضروري حق انهن جو تعليم حاصل ڪرڻ آهي. تعليم ھڪ زيور آھي جيڪو ھر مرد توڙي عورت تي سونھين ٿو. ائين به آهي ته ٽرانسجينڊر جو تعليم تي به اوترو ئي حق آهي، جيترو ڪنهن مرد ۽ عورت جو. تعليم تبديلي جو ذريعو آهي ۽ عورت سماج جي تبديليءَ جو ھڪ ڏاڪو آهي. ڪاوش اخبار جي ھڪ ليک ۾ سنڌ جي تعليم بابت ڪجھ انگ اکر ٻڌايل آهن، اها سڄي صورتحال ۽ اهي انگ اکر ڳڻتي جوڳا آهن. اھي ھن ريت آهن: ”سنڌ اندر 31 لک ٻار تعليم کان محروم آھن“. سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ ٻائيتاليھ لک ٻارن جي آباديءَ ۾ ايڪٽيھ لک ٻار تعليم کان محروم آھن ۽ ھڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دوران 20 ھزار اسڪولن مان ساڍا ست ھزار اسڪولن جون عمارتون مڪمل تباھ ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آھي. انهيءَ ڪري جو اسڪول ئي نه هوندا ته پوءِ انهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ تعليمي عمل ڪيئن جاري رهندو. ڳوٺن ۾ پيدا ٿيندڙ نياڻي جيئن ئي وڏي ٿيڻ لڳندي ته سندس والدين کيس ھٿ ۾ ٻھارو ڏيئي ڇڏيندا. اڃا ٿوري وڏي ٿيندي ته کيس گھر کان ٻاھر نه ڇڏيندا ۽ پندرنهن سالن جي ڄمار کي رسندي ته سندس ھٿ پيلا ڪرائڻ جي چڪر ۾ ھوندا ۽ ڪجھ ئي عرصي ۾ ھڪ اھڙو مرد ڳولي لھندا، جنھن کي سندن نياڻي ڪڏھن ڏٺو به ناھي ۽ رخصت ڪري سڄي عمر لاءِ پنھنجي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيندا آھن. ٻھراڙين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين جيڪي اڃا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو حقدار آهن، تن کي انهن جا مائٽ پرايو ڌن سمجھي نابالغ عمر ۾ ئي انهن جي وجود کان ھٿ آجو ڪرائڻ چاھين ٿا ۽ اھا ھر گھر جي ڪھاڻي آھي. سنڌ جي ماڻھن جي وڌندڙ ترقيءَ کي ڏسندي ائين نه سوچڻ گھرجي ته عورت ڪجھ به ڪرڻ جي جستجو نٿي رکي. تاريخ ۾ اھڙيون انيڪ ۽ باڪردار عورتون گذريون آھن جن پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آھي جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ عاصمه جهانگير جھڙيون املھ عورتون شامل آھن. سنڌ جي باشعور ماڻهن کي پنھنجون نياڻيون پڙھائڻ گھرجن ته جيئن دنيا ۾ ايندڙ تبديلين سان مھاڏو اٽڪائي سگھن ۽ سنڌ توڙي ملڪ جو نالو روشن ڪن. سنڌ حڪومت کي به گھرجي ته ٻوڏ مان متاثر ٿيل ٻارن کي تعليم جي دائري ۾ آڻي ته جيئن ھڪ بھتر سنڌ جوڙڻ جو خواب ساڀيان ماڻي سگھي.
***

