پاڪستان جا 74 سيڪڙو ماڻهو گندو پاڻي واپرائين ٿا: ايڇ آر سي پي
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پاڪستان ۾ 74 سيڪڙو ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. صرف 36 سيڪڙو ماڻهن وٽ صاف پاڻي موجود آهي. ايڇ آر سي پي جي 2017 ۾ انساني حقن جي صورتحال جي عنوان سان رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي. ان رپورٽ کي عاصمه جهانگير جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال اقليتن ۽ صحافين خلاف تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو عورتن تي جنسي حملا ٿيڻ جي واقعن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته 2017 ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اقليتن ۽ صحافين تي تشدد جي ڪيسن ۾ به واڌ آئي آهي. عدالت ۾ 3 لک 33 هزار ڪيس ٻڌڻي هيٺ رهيا آهن. 10 مهينن ۾ عورتن خلاف 5660 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن سال صحت ۽ تعليم جي صورتحال به خراب رهي پاڪستان هيپاٽائيٽس جي پکيڙ ۾ ٻين نمبر تي رهيو. ٿيليسيميا ۽ ايڊز جي بيمارين ۾ به اضافو ٿيو آهي. پاڪستان پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي. جڏهن ته 56 لک پرائمري ۽ 55 لک سيڪنڊري اسڪولن جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر رهيا آهن. پاڪستان جو پاسپورٽ دنيا ۾ ٻيون نمبر نا پسنديده پاسپورٽ رهيو آهي. رپورٽ مطابق پاڪستان اندر افغانين جو تعداد 25 لک آهي جن مان 10 لک غير رجسٽرڊ آهن.

