ادارا ساز شخصيت: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
سنڌ جي زرخيز زمين لکھا سالن کان سورھيه، سچيت، سرويچ ۽ صالح سورما پيدا ڪندي رھي ٿي، جن دقيانوسي ۽ گٺل پيٺل دڳ تي ھلڻ بجاءِ پنھنجي محنت سان نوان دڳ گهڙيا آھن، ۽ ڪيترن ئي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪمن جي لاءِ نوان بنياد رکيا، جن تي نئين ٽيھي جا اديب گامزن آھن. اھڙن سگهارن نالن ۾ ڏيارام گدومل، حشو ڪيولراماڻي، سوڀو خان گيانچنداڻي، سائين جي ايم سيد، محمد ابراھيم جويو، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، غلام محمد ڀرڳڙي، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي وڏي اھميت جا حامل آھن. ھي انقلابي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهو پنھنجي دور ۽ پنھنجي ھمعصر اديبن، عالمن ۽ دانشورن جي رواجي (سطحي) سوچ کان تمام گهڻو اڳتي سوچيندا آھن. ھتي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي جو ذڪر مقصود آھي.
ڄيٺمل پرسرام جو جنم سنڌ جي تاريخي شھر حيدرآباد ۾ آڪٽوبر 1885ع ۾ ھڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. سندس گهر جي مالي حالت ايتري بھتر نه ھئي جو ھو ڪاليج جي سطح تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. ڄيٺمل پرسرام شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ثانوي تعليم ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو ھيرانند جي ”يونين اڪادمي“ مان حاصل ڪيائين. ساڳئي اسڪول مان ئي ھن 1902ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ جو ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ڄيٺمل مڪتب کان وڌيڪ مھان شخصيتن جي صحبت مان پرايو. ھن کي ساڌو نولراءِ، ساڌو ھيرانند، ڪوڙي مل چندن مل، ڏيارام گدو مل جھڙن مھان ودوانن جي ڪچھري توڙي قرب مليو، ان صحبت، قرب ۽ ڪچھري جو سڀاويڪ اثر سندس پر اثر شخصيت ۽ تحريرن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ڄيٺمل ٻارھن سالن جي عمر ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۾ ھڪ سرگرم ڪارڪن طور حصو وٺي عملي طور سامھون آيو. ڄيٺمل پرسرام ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ ٿوري وقت لاءِ ڪتابن جو دوڪان کوليو، پر جلد ئي اڪيڊمي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي ويو، ڄيٺمل پرسرام ان ئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو جتان ھن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو. سن 1910ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ۾ استاد مقرر ٿيو. اتي گهڻو عرصو پاڻ رھي نه سگهيو، جلد ئي ڪراچيءَ جي ”نيو ھاءِ اسڪول“ ۾ ھيڊ ماستر مقرر ٿيو، جتان استعفا ڏنائين. ڄيٺمل پرسرام جي سموري زندگي مسڪيني حال ۾ گذري، پر ان ھوندي ڪڏھن به سنڌي ٻوليءَ، صوفي ازم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ کان نه گسِيو. نيو ھاءِ اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪمن کي وڏي دلچسپي ۽ خوش اسلوبي سان ادا ڪرڻ لڳو. ڄيٺمل کي شروعاتي زماني ۾ جيڪا سماجي توڙي ادبي خدمت ڪرڻ جي ستي پيل ھئي، ان تحت ھن پنھنجي ويجهي ساٿي لالچند امرڏني مل سان گڏجي، سن 1914ع ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ساھت سوسائٽي قائم ڪئي. ان ابتدائي ڪوشش سنڌي ادب ۾ وڏو انقلابي آندو. سنڌي ساھت سوسائٽي جو پھريون وڏو ادبي ڪتاب ”شاھاڻو شاھ“ شايع ڪيو، جيڪو لالچند امرڏني مل جو لطيفيات تي تنقيدي نوعيت جو ڪتاب ھو. ان سوسائٽي، ڄيٺمل جا ”ھير رانجهو“ سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. ھندستان ۾ انگريزن جي غلامي خلاف ڊاڪٽر مسز ائني بيسنت سن 1916ع ۾ ”آل انڊيا ھوم رول ليگ“ شروع ڪئي، ان جون شاخون ھندستان جي مختلف شھرن ۾ قائم ڪيون ويون. اھڙين حالتن ھيٺ ڄيٺمل پرسرام جھڙو مھان ودوان فقط ھڪ ساھت جي دائري ۾ پاڻ کي پابند ڪيئن ٿو رکي سگهي، ھن سنڌي ساھت سوسائٽي لالچند امرڏني مل جي حوالي ڪرڻ بعد، پنھنجي حياتي قومي ھلچل لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سياسي سجاڳي ۽ بيسنت جي ٿياسافي ويچارن کي عام ڪرڻ جي لاءِ سن 1917ع ۾ حيدرآباد مان ” ھندواسي“ نالي ھڪ اخبار جاري ڪئي. ھندستان ۾ انگريزن جو ڏاڍ، ڏھڪاءُ ۽ بربريت وڌندي رھي، اھڙي ڪڌي روش کي ڄيٺمل پرسرام وڏي اثرائتي نموني ھند واسي اخبار ۾ ڇوھ ڇنڊيا. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام مان (اڳيان اڳين وٽ، پوين سر سنباھيا) ھڪ بيت کي مضمون جو عنوان بڻائي پيش ڪيائين ته ممڻ مچي ويو. ڄيٺمل پرسرام کي 16 مئي 1919ع تي ليک لکڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري چار سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي. ڄيٺمل پرسرام بڙودا جيل ۾ قيد جي سزا ڀوڳي آجو ٿيو، پر ايڇ ٽي سورلي (سزا ڏيندڙ) شاھ لطيف جي عشق ۾ اھڙو ته قيد ٿيو جو ان مان عمر ڀر آجو ٿي نه سگهيو. ڄيٺمل پرسرام جيل جي آزمودن بابت جيل ڊائري ”ترنگ جو تيرٿ“ نالي سان لکي، ان جيل ڊائري کي سنڌي ادب ۾ پھرين سنڌي جيل ڊائري ھجڻ جو پڻ شرف حاصل آھي.
ڄيٺمل پرسرام سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم ۽ اديب سنڌ جو وڏو صوفي بزرگ ۽ فقير منش ھو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ پرچارڪ ھو ھن جا سنڌي ساھت جي کيتر ۾ ڪيترائي نقش ڇڏيل آھن. ھن سڄاڻ سڄڻ اڻ ٿڪ محنت سان 60 کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ڏنا. انھن ڪتابن منجهان چند مشھور ڪتابن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا. ”شاھ جو آکاڻيون (ڀاڱو پھريون)،“ شاھ جو آکاڻيون (ڀاڱو ٻيو)، ”شاھ جي آکڻين جي سمجهاڻي“، ”سچ سرمست“ ، ”چمڙا پوش جو آکاڻيون“، ”ميران“، ”سنڌي سونھارا“ ”ڪامل مرشد“ ، ”ھند سنڌ جا سنت“ ، ”سنڌي چمن“ ، ”ھئمليٽ (ترجمو)“، ”فائوسٽ (ترجمو)“، وغيرہ اهم آهن.
ڄيٺمل پرسرام سال 1922ع ۾ ”نئين سنڌ لائبريري“ جو ڪم پنھنجي ھٿ ۾ کنيو. ان اداري جو پھريون ڪتاب ”شاھ جون آکاڻيون“ ھو. ھن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي وڏو ملڪو حاصل ھو، جنھن اسلوب ۽ انداز سان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي آسان ڪري بيان ڪيو اٿس ان جو ڪو به مٽ نه ٿو ملي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ ھي ڪتاب سنَدَ واري حيثيت رکي ٿو. بقول ناز سنائي جي ”جيڪو پنھنجي ڇپجڻ واري سال ۾ ئي اڻلڀ ٿي ويو ھو. نومبر 1890ع کان حيدرآباد مان نڪتل ماھورار رسالو ”سرسوتي“ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالي ڪڍڻ جو پختو بنياد پيو. ”روح رھاڻ“ ماھوار حيدرآباد ڄيٺمل پرسرام سنڌ ۾ ٿياسافي کي زور وٺائڻ لاءِ 1920ع کان شروع ڪيو، مرزا نادر بيگ ھن رسالي جو نائب ايڊيٽر ھوندو ھو. ھي رسالو 1929ع تائين باقائدگيءَ سان نڪرندو ھو. ڄيٺمل پرسرام ان کي ”ڀارتواسي“ اخبار سان ملائي ڇڏيو. ھن رسالي ۾ تعليمي، ادبي، سماجي ۽ مذھبي مواد ڏنو ويندو ھو. سن 1933ع ۾ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. هو صرف ميٽرڪ پاس هو، تنهن هوندي ممبئي سرڪار ڄيٺمل جي علمي قد ڪاٺ ڏسي ان عهدي تي تسليم ڪيو ويو. تاريخ ۾ ڄيٺمل پرسرام کي ئي اھو اعزاز حاصل آھي. ھو سنڌي جا پھريان پروفيسر آھن. ڄيٺمل کي ورهاڱي واري وڍ بيمار ڪري ڇڏيو. عزيزن، مائٽن ۽ دوستن جي گھڻي زور ڀرڻ تي هندستان علاج لاءِ ويو، پنهنجي سيني ۾ سنڌ، شاهه لطيف، سنڌي ٻولي، اباڻن ڪکن ۽ مڻيادار ماڻهن سان وري موٽي ملڻ لاءِ پراميد هو. سنڌي ادب جو گھڻ گھرو، سنڌي ٻوليءَ جو رکوال، سنڌ شناس، لطيف شناس ۽ سچل شناس ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 06 جولائي 1948ع تي ابدي آرامي ٿيو. کيس ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ھو.
ھي پھريون شخص ھو، جنھن 1920ع ۾ سائنسي بنيادن جي سامھون رکي چيو ھو ته سنڌي قوم جي ڳالھ ڪئي، ان ڳالھ کي پوءِ ٻين اديبن به تسليم ڪيو.
ڄيٺمل پرسرام جي عبارت سليس، سنڌي سپڪ لفظن جي موتين سان سينگاريل اٿس. سندس تحرير گھربل مطلب جو اظهار ڪرڻ جي مڪمل طاقت رکي ٿي.
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ھڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو، ان ڪري سندس قلمي پورھيي جي مڙني رخن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڃي.
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي کي اوائلي سنڌي نثر نويس يا سنڌي ليکڪ ڄيٺمل پرسرام جي عبارت سليس، سنڌي سپڪ لفظن جي موتين سان سينگاريل اٿس. سندس تحرير گھربل مطلب جو اظهار ڪرڻ جي مڪمل طاقت رکي ٿي. ڄيٺمل پرسرام جي عبارت سليس، سنڌي سپڪ لفظن جي موتين سان سينگاريل اٿس. سندس تحرير گھربل مطلب جو اظهار ڪرڻ جي مڪمل طاقت رکي ٿي.
ڄيٺمل پرسرام کي ”اوائلي سنڌي نثر نويس“ ۽ ”سنڌي ساهت جي پيڙهه جو پٿر“ سڏيو وڃي ٿو. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي پنھنجي ذھانت ۽ ڏاھپ سان سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيترائي ادارا ۽ تنظيمون برپا ڪيا، اھڙي مھان انسان جي نالي ڪو ادارو ٺاھيو وڃي.
ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب وقت گذرڻ سبب اڻلڀ ٿي ويا آھن، انھن ڪتابن کي ٻيھر ڇپائڻ سان صحيح ادبي پرک ڪرڻ جي لاءِ مواد ميسر ٿي سگهندو، ۽ گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جو بي بھا خزانو به بچي پوندو.
سوَنِ جي تعداد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل مضمون ۽ مقالا سھيڙي شايع ڪرايا وڃن ته جيئن سنڌي ادب جا اسڪالر ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
پنھنجي ھمعصر دور جي اديبن، ليکڪن، سياسي مدبرن ۽ سماجي اڳواڻن سان ڀيٽ ڪرائي، سندس علمي قدڪاٺ ۽ سياسي بصيرت کي چٽو ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ويهين صديءَ جي نثرنگارن جي ٽمورتي جو اڳواڻ سڏيو اٿس.
سنڌي سَماج جو ڄاڻو ۽ سڄاڳ طبقو سندس ڪيل احسان کي سدائين ياد رکندو.
***

