گوادر پي سي هوٽل حملي ۾ تلهار جا 2 نوجوان شهيد ٿيا آهن
ڪالهه گوادر جي پي سي هوٽل ۾ هڪ نيوي اهلڪار سميت تلهار سان تعلق رکندڙ ٻ نوجوان ۽ ٻه ڄڻا ٻيا به مارجي ويا آهن. بلاول لاشاري ۽ ظهور احمد لاشاري جو تعلق تلهار سان هو ۽ ٻئي ڄڻا گوادر جي پي سي هوٽل ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪري رهيا هئا. جڏهن ته هڪ نوجوان رشيد احمد زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، نوجوانن جي مارجڻ جي خبر ڳوٺ ۾ پهچڻ سبب ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي.

