بلاگنئون تعارف February 2, 2024 Zahida Abro ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي آهي. سگريٽ ۽ وات مان دونهون نڪري رهيو هو، چانهه مان ٻاڦ نڪري رهي هئي ۽ اسان جي ميز تي ڳالهه مان ڳالهه نڪري رهي هئي. نڄاڻ ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪٿي وڃي پهتي. مسٽر گنيش چوڻ لڳو “ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اسان جي سپرنٽينڊنٽ جي زال هن جي هڪ دوست سان ڀڄي وئي”. اسلم چيو “آئون ته سمجهان ٿو ته عورت ذات هوندي ئي بدذات آهي”. ڪلديپ سگريٽ جو هڪ زوردار ڪش هڻندي چيو “آئون ته دنيا وارن جو رويو ڏسي هن مرحلي تي پهتو آهيان ته زال کي زياده آزادي ڏيڻ وڏي غلطي آهي. منهنجو خيال آهي ته مرد کي هن معاملي ۾ زياده محتاط هجڻ کپي ۽ پنهنجي دوستن کي به زال سان ملائڻ نه گهرجي”. ڪلديپ جي ڳالهه تي هڪڙو زوردار ٽهڪڙو متو ۽ مون چيو “يار ڪلديپ هي فلسفو به تو خوب بيان ڪيو آهي، پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. آئون ته عورتن جي آزادي جي مڪمل حق ۾ آهيان، عورت بلند اخلاق شخصيت جو نالو آهي. هوءَ هر هڪ جي عزت ڪندي آهي، اڄ ڪلهه جون پڙهيل لکيل ڇوڪريون ته آزاد خيال هجڻ جي باوجود بلند اخلاق ۽ اعليٰ چال چلت جون مالڪ هونديون آهن، عورتن تي شڪ ڪرڻ وارا خود بداخلاق ۽ ڪمينا هوندا آهن”. مهندر منهنجي ها ۾ ها ملائيندي چيو “واقعي عورت خودبخود ايتري حد تائين نٿي ڪري سگهي. اگر منهنجي زال منهنجي دوستن سان گڏ ويهي چانهه پي ٿي سگهي يا ماني ٿي کائي ته آئون انهيءَ ۾ ذرو به عار محسوس نٿو ڪريان ۽ نه ئي انهيءَ کي نامناسب ٿو سمجهان”. اسان جا دوست اسان جي ڀائرن وانگر هوندا آهن، جيڪڏهن منهنجي زال ڀاءُ سان گڏ ماني کائي ٿي سگهي ته دوست سان گڏ ڇو نٿي کائي سگهي. عورت جي دل آئيني وانگر صاف ۽ آب حيات وانگر مقدس هوندي آهي. گهريلو عورت پنهنجي مڙس کان علاوه ڪنهن غير مرد کي ڏسڻ به گناهه عظيم تصور ڪندي آهي”. ڪلديپ ٽيڏين اکين سان اسان جي طرف ڏٺو ۽ چيو “ڀائي صاحب اوهان اونچي گهراڻي جي عورتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، جن ۾ شرم ۽ حيا جو نالو نشان به نه هوندو آهي. اسان وٽ ته عورتون مڙس جي ڀاءُ ۽ پنهنجي سُهري کان به پردو ڪنديون آهن، جيڪو هن جي پيءَ جي حيثيت رکندو آهي، پردو ۽ گهونگهٽ ئي عورت جو شان هوندو آهي. ان مان نڪرندي ئي هن جون اکيون ڦاٽي وينديون آهن ۽ اهڙي عورت جنهن جي اک ۾ شرم نه هجي اُها ڪنهن ڪرتوت کان به دريغ نه ڪندي آهي”. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ ڪلديپ کي چيم “دوست ڪلديپ اوهان کي ڪنهن تمام وڏي غلط فهميءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دوستن جي زالن سان ملڻ ڪنهن به حالت ۾ قابل اعتراض نٿو ٿي سگهي. اگر اسان جو دوست اسان جي گهرواريءَ کي نٿو سڃاڻي سگهي ته آخر اهڙي دوستي ڪهڙي ڪم جي. آئون ڪجهه ڏينهن کان ڪافي الجهن ۾ ڦاٿل آهيان، نه ته آئون ته پنهنجي سڀني دوستن سان پنهنجي زال کي ملائي ڇڏيان ها ۽ هاڻي به ارادو آهي ته پنهنجي زال کي سڀني دوستن سان ملائيندس هڪڙي شاندار دعوت ۾”. “فقط اوهان جي راءِ ۽ خيال ڪا اهميت نٿا رکن”. هي ڪلديپ جو آواز هو. “۽ اهڙي طرح اوهان جي فتويٰ به ڪا قيمت نٿي رکي”. مون دڙڪو ڏيندي چيو. ڳالهه مان ڳالهه ڇا نڪتي ماڳهين ڳالهه وڌي وئي. ڪلديپ به پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ آئون به. مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته بحث جي ذريعي يا عملي طور تي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪلديپ کي ضرور هن ڳالهه تي قائل ڪندس ته زال جو پنهنجي دوست سان ملڻ ۽ هن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هر گز معيوب نه آهي. جڏهن هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ته مون مسٽر ڪلديپ ۽ مسٽر اسلم کي آچر جي ڏينهن پنهنجي گهر تي چانهه جي دعوت ڏني ۽ ڪافي تاڪيد ڪئي ۽ اهو به چيو ته اگر هو نه آيا ته آئون شديد ناراض ٿيندس. ٻئي ڏينهن مسٽر اسلم جو خط مونکي مليو ته هو آچر جي ڏينهن حاضر نه ٿي سگهندو. هو هڪ ضروري ڪم سان ڪٿي ٻاهر وڃي رهيو آهي. اسلم پنهنجي خط ۾ پنهنجي مجبورين جو ذڪر ڪيو. آئون ڪلديپ جو منتظر هئس. گهٽ ۾ گهٽ آئون هُن کي هيٺائين ڏيکارڻ جو ارادو ڪري چڪو هئس. اڱارو، اربع، خميس، جمع، مون کي هڪ هڪ ڏينهن جبل جيڏو لڳي رهيو هو. مون ڪملا کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته آچر جي ڏينهن منهنجو دوست ايندو. هن لاءِ چانهه وغيره جو بهترين بندوبست ڪري ڇڏجئين. ڇنڇر جي ڏينهن آئون 2 بجي ئي آفيس مان واپس اچي ويس. ڪملا جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته هوءَ پنهنجي ڏاج واري صندوق کي کولي ويٺي هئي. ائين پئي معلوم ٿيو ته ڪو پٽڙيءَ تي ويٺل ڪٻاڙيو اچانڪ پوليس جي سپاهي اچڻ تي سڀ ڪجهه هيڏانهن کڻي آيو آهي ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ تمام شيون وکري ويون هجن. “ڇا پيو ٿئي پياري؟” مون ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سوال ڪيو. “صندوق ۾ ڪافي بي ترتيبي هئي. مون سوچيو ته هڪ دفعو سڀ شيون ڪڍي وري ترتيب سان رکان ته بهتر ٿيندو”. هن مون ڏانهن محبت سان ڏسندي چيو. حالانڪه منهنجي شاديءَ کي هڪ سال گذري ويو هو، پر هُن کي مون ڏهه پندرنهن ڏينهن ٿيا هوندا ته هِتي آندو هو، اهو ئي سبب هو جو اسان ٻنهي جي وچ ۾ اڃان تڪلف ئي هو. “ڇا آئون توهان جي مدد ڪريان؟” “نيڪيءَ ۾ پڇبو ٿورو ئي آهي”. هوءَ مسڪرائي هن جي اکين ۾ غضب جي مستي ۽ مدهوشي هئي. اڄ ڪملا مون کي پهرين کان به وڌيڪ پياري ۽ معصوم لڳي رهي هئي. مون هن جي مدد شروع ڪئي. ڏاج جي صندوق به چڱو خاصو جنرل اسٽور معلوم ٿي رهي هئي. هن ۾ ڪپڙا به هئا ته پائوڊر ڪريم به هئي، بادام، ميوا ۽ ناريل به ته زيورات به، رومال به هو ۽ صابڻ به، ڪاپي به هئي ڪاغذ به، مطلب هن صندوق ۾ هر شئي موجود هئي. آئون هر هڪ شئي صاف ڪري ڪملا کي ڏيئي رهيو هئس. پائوڊر ڪريم جو وڏو جار صاف ڪري مون هن کي ڏنو. ان کانپوءِ هڪ نرم بجن وارو ٽوال هن کي ڏنم، جنهن ۾ ريشمي اڳٺ ۽ ڪيترائي رومال هئا. راڻي هار وارو دٻو ۽ زناني واچ جي خالي دٻي به هن کي ڏني. صابڻ جي هڪ هڪ صابڻ داني به صاف ڪري هن جي هٿ ۾ ڏني، جنهن ۾ وارن جو پنون ۽ نيل پالش هئي. هڪڙي شيشي ڊيل خوشبوءِ جي ۽ ٽي لپ اسٽڪ به مون رومال سان صاف ڪري ڪملا جي نازڪ هٿن ۾ ڏنيون. اُن کانپوءِ هڪ هڪ سوٽ ۽ ساڙهي ترتيب سان کڻي هن کي ڏيڻ لڳس. جيئن ئي مون بنارسي ساڙهي ڪڍي. فونٽين پين جو هڪڙو باڪس نظر آيو. “خوب! ته مون کان لڪائي پين به رکيل آهي.” مون چيو “هي پين نه آهي!” هُن باڪس منهنجي هٿ مان ڦريندي چيو “جو ڪجهه به آهي، مونکي ڏيکار.” “اوهان جي ڪم جي ڪابه شيءِ نه آهي.” “آئون ضرور ڏسندس.” منهنجو تجسس وڌڻ لڳو. هن باڪس کي وري صندوق ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. مون اڳتي وڌي اُهو هن جي هٿ مان کسي ورتو ۽ اُن کي کوليو. ڳاڙهي رنگ جي ڪاغذ ۾ ڪا شيءِ وڏي احتياط سان ويڙهيل هئي. مون جلدي جلدي ڪاغذ ڦاڙي اُها شيءِ ڪڍي ورتي. اهو ڏسي منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته اُن ڪاغذ ۾ هڪ پينسل جو ننڍڙو ٽڪرو ويڙهيل هو، اِن طرح ته ڪو پارڪر پين کي به نه سنڀاليندو آهي. “هي پينسل ڪهڙي آهي؟” مون پڇيو “هيءَ هڪ يادگار شيءِ آهي.” “ڇا مطلب! هن معمولي پينسل سان تنهنجي ڪهڙي يادگار وابسته ٿي سگهي ٿي؟” منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه عجوبو بڻجي ويئي. “اوهان کي وري ڪڏهن ٻڌائيندس.” ڪملا چيو “پر آئون ته هاڻي ئي ٻڌڻ ٿو چاهيان.” آئون صندوق بند ڪري اُن جي مٿان ويهي رهيس ته جيئن هن جو ڌيان صرف مون ڏانهن هجي. “اڇا ته اها ڳالهه آهي.” پوءِ هن پينسل جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو. “هي انهن ڏينهن جو قصو آهي جڏهن آئون بي.اي ۾ داخل ٿي هيس، اڃان اسان جي پڙهائي مڪمل طور تي شروع نه ٿي هئي ته اسان جو انگلش جو پروفيسر بيمار ٿي پيو، اُن جي جڳهه تي هڪ نئون پروفيسر آيو، ڊگهو، ويڪرو ۽ خوبصورت نوجوان ائين معلوم ٿي رهيو هو ته اڃان هاڻي ئي امتحان پاس ڪري هتي اچي ويو آهي. پهرين ڏينهن ئي هن سڀني ڇوڪرين تي پنهنجي قابليت جي ڌاڪ ويهاري ڇڏي. هن اهڙي طرح ليڪچر ڏنو جو اسان سڀئي دنگ رهجي ويوسين. جڏهن هو ليڪچر ختم ڪري ڪلاس روم مان ٻاهر ويو ته سڀئي ڇوڪريون هن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. ٻئي ڏينهن سڀئي بي صبريءَ سان هن جو انتظار ڪرڻ لڳيون. هو مقرر وقت تي ڪلاس روم ۾ پهتو ۽ پهريان وانگر دلچسپيءَ سان پڙهائڻ لڳو. اتفاق سان اُن ڏينهن آئون پنهنجي پين گهر وساري آئي هيس. نوٽس لکڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. پروفيسر صاحب مونکي هن حالت ۾ ڏٺو ته مون کي اُٿاري بيهاريو ۽ پڇيو “اوهان پنهنجا نوٽس ڇو نه پيون لکو؟” “آئون پنهنجي پين گهر ڀلجي آئي آهيان.” “ڪٿي تون پنهنجو پاڻ کي به نه گهر ۾ ڀُلائي اچين.” ائين چئي هن پنهنجي کيسي مان هڪ ننڍڙي پينسل ڪڍي مونکي ڏني ۽ آئون اُن سان پنهنجا نوٽس لکڻ لڳس. “اُن ڏينهن کانپوءِ پروفيسر وري ڪلاس روم ۾ نه آيو. اُن جي پينسل اڃان تائين مون وٽ آهي. جڏهن اُن پينسل کي ڏسندي آهيان ته اُن پروفيسر جي ياد تازي ٿي ويندي آهي، جنهن صرف ٻه ڪلاڪ اسان کي پڙهايو هو.” ائين چئي هن اُها پينسل وري ڪاغذ ۾ ويڙهي انهي پين واري باڪس ۾ وجهي ڇڏي ۽ اُتي رکڻ لڳي. مون کي کِل آئي ۽ پڇيو “ڇا اُن ڏينهن کانپوءِ تو اُن پروفيسر کي ڏٺو به ناهي؟” “اگر ڏسان ها ته هيءَ پينسل اڄ مون وٽ يادگار طور نه هجي ها.” “ڇا تون اُن پروفيسر جي نالي کان واقف آهين، ڇا تون هاڻي اُن کي سڃاڻين سگهندينءَ؟” مون پڇيو “سڃاڻڻ جي متعلق ته ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، البته هُن جو نالو غالبن بي.ايس ڪلديپ آهي.” بي.ايس ڪلديپ جو نالو ٻڌي مون کي هڪ جهٽڪو لڳو ۽ آئون اُتان ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ڪلديپ کي هڪ تار موڪلي ته “افسوس جو اڄ رات آئون بمبئي وڃي رهيو آهيان. آچر جي ڏينهن واري چانهه جو پروگرام في الحال ايندڙ اطلاع تائين ملتوي سمجهو.” آچر جي ڏينهن مون ڪملا کي ٻڌايو “منهنجي دوست جي تار اچي ويئي آهي، هو اڄ چانهه تي نه پيو اچي.” هن واقعي کي ڪئين سال گذري ويا آهن. ڪملا پهرين واري حسين ڪملا به نه رهي آهي، بلڪه پنجن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي آهي. ڪلديپ وارو مسئلو اڃان تائين وري پيدا ئي نه ٿيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي پوڙهي دماغ سان هي ڳالهه ٽڪرائيندي آهي ته اگر آئون دوستن ۽ زالن جي ميل ميلاپ کي معيوب نٿو سمجهان ته اڄ تائين مون ڪلديپ ۽ ڪملا جو تعارف ڇو نه ڪرايو؟ Post Views: 185