سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌوءَ تي ڊيم ۽ پرڏيهين جي آبادڪاريءَ خلاف بک هڙتال شروع

 سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌو درياهه تي ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين جي سنڌ اندر آبادڪاري خلاف ٽن ڏينهن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. بک هڙتال ۾ شريڪ مرد توڙي عورتن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي اڳ ۾ ئي فلڊ ڪئنال نالي ٻارهوئي وهندڙ  تونسا ۽ چشما  ڪئنال ٺاهيا ويا آهن جنهن جي پاڻي مان اڃان پنجاب  جي ضرورت پوري نٿي ٿئي. شناختي ڪارڊن بابت عمران خان جو ڪيل فيصلو اصل ۾ قانون جي مخالفت آهي ۽ اهڙن فيصلن سان سنڌ اندر بي اعتمادي پيدا ٿيندي. سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ بيهڻ ڪري اسان تي غداري جو الزام هنيو پيو وڃي ته ڀلي هنيو وڃي. هنن احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جا  فصل ئي سڪي ويا آهن ۽ ڊيم ٺهڻ سان ته وڌيڪ  حال خراب ٿي ويندو. ۽ هن احتجاج جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ٿيڻ نه ڏيندا سين ۽ سنڌ جي خلاف سازخ کي ناڪام بڻائينداسين.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments