اڄ سڄي دنيا ۾ ايڪسيس ٽو انفارميشن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
نومبر 2015 ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ 28 سيپٽمبر معلومات جي فراهم لاءِ عالمي ڏينهن طور مقرر ڪيو ويو. هن جو مقصد اهو آهي ته هر ملڪ پنهنجي عوام کي هر اها معلومات فراهم ڪري جيڪا عام حالتن ۾ عوام کان ڳجهي رکي ويندي آهي. جنهن ۾ حڪومتن پاران ڪنهن به پروجيڪٽن بابت معلومات ، انهن تي ايندڙ خرچن، انهن پروجيڪٽن تي ڪم ڪارين بابت معلومات کي عوام جي درخواست تي عوام آڏو رکيو وڃي. نه صرف اهي، پر ٻين معاملن بابت به معلومات جيڪا عوام کي پهچائڻ ضروري آهي اها عوام کي مهيا ڪئي ويندي. هيسيتائين سڄي دنيا جي 116 ملڪن پاران ايڪسيس ٽو انفارميشن جي حق کي مڃيو آهي ۽ ان کي پنهنجي ملڪ ۾ قانوني حيثيت ڏني آهي، جنهن مان آفريڪا جا 22 ملڪ شامل آهن. پاڪستان اندر هن کي رائيٽ ٽو انفارميشن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جيڪو اصل ۾ ته 1973 جي آئين مطابق رياست آرٽيڪل 19 تحت هر شهري کي حق ڏئي ٿي پر پهريان هي صرف ڪاغذن تائين ئي محدود رهيو هو. جنهن کانپوءِ 2002 ۾ پرويز مشرف هن کي فريڊم آف انفارميشن ايڪٽ جي نالي سان لاڳو ڪيو هو، جيڪو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ شرط سبب ڪيو ويو هو، جنهن کي سنڌ حڪومت 2016 ۾ منظور ڪيو.

