نئون

سڄي دنيا ۾ ورلڊ هارٽ ڊي اڄ ملهايو پيووڃي

سڄي دنيا ۾ ورلڊ هارٽ ڊي اڄ ڇنڇر تي ملهايوپيووڃي. ان موقعي تي صحت جو عالمي ادارو ۽ پاڪستان جي صحت واري اداري طرفان ملڪ اندر ايندڙ مختلف هنڌن تي سيمينار ۽ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هنن تقريبن جو مقصد اهو آهي ته عوام کي دل جي صحت ۽ بيمارين بابت معلومات پهچائي سجاڳي پيدا ڪئي وڃي. ياد رهي ته دل جي بيمارين سبب هر سال سڄي دنيا ۾ هڪ ڪروڙ اسي لک ماڻهو مري وڃن ٿا. جڏهن ته ملڪ اندر هر سال ٻه لک ماڻهو دل جي بيمارين سبب مري وڃن ٿا. اڄوڪي ڏينهن تي ملڪ اندر مختلف اين جي اوز پاران دل جي بيمارين بابت آگاهي فراهم ڪرڻ خاطر سيمينار ڪانفرنسون، ورڪشاپ، بحث مباحثا ۽ ٻيا پروگرام ڪيا پيا وڃن.