ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: شمع

شمع سان منهنجو واسطو گذريل ڇهن مهينن کان آھي، جڏهن هوءَ پنهنجو جوائننگ آرڊر کڻي هن شھر جي مين گرلس هاءِ اسڪول پهتي هئي. اينٽري ٽيسٽ سٺي پوزيشن سان پاس ڪري ماستريءَ جي نوڪري پنهنجي محنت سان حاصل ڪئي اٿس. انتهائي خوبصورت هجڻ سان گڏ خدا پاڪ کيس سھڻي سيرت سان به نوازيو آھي… نج ٻھراڙيءَ جي ڇوڪري هوندي به ڏاڍي پراعتماد ۽ کل مُک فرض شناس ۽ بهادر ڇوڪري آھي… عمر جي ٻاويهين بهار ۾ پهتل منهنجي هن پياري سهيلي شمع جو ڳوٺ ھن شھر کان ويهارو کن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آھي، جتان هوءَ روزانو ڳوٺ مان شھر پڙھڻ ايندڙ ٻين ڇوڪرين سان گڏ رڪشا ۾ چڙھي شھر ۾ پڙھائڻ اچي ٿي. شمع اسڪول جي سڄي اسٽاف مان صرف مون سان ئي گھڻو فري آھي. آئون به کيس پنهنجي ڀيڻ سمجھي عزت ڪندي آھيان… شمع کي مون ڪڏهن به ٻين ماسترياڻين جيان اسٽاف روم ۾ فضول ويهي ڪچھري ڪندي ناهي ڏٺو، جيڪو به ڪلاس خالي ڏسندي آھي ان ۾ ھلي ويندي آھي ۽ صرف پڙھائڻ ۾ مَگن رهندي آھي اها سندس خوبي آھي يا خامي آھي اهو آئون به سمجھي ناهيان سگھي…؟؟ اسان جو گھر شھر ۾ اسڪول جي بلڪل ويجھو آھي، پر ڪافي ڀيرا چوڻ باوجود به هوءَ منهنجي گھر تائين به ناهي هلي، بس اسڪول ۽ گھر… آئون اڪثر سوچيندي آهيان ته شمع پنهنجو پاڻ کي ايترو مصروف ڇو ٿي رکي، آخر سندس اندر ۾ اهڙيون ڪي اذيتون ۽ پيڙائون آھن جن کي هُوءَ ڪنهن به طرح پاڻ تي حاوي ٿيڻ نٿي ڏئي…!؟ آئون ساڻس مذاق ڪندي کيس مس ڪتابي چئي انهيءَ ڳالھ تان ٽوڪيندي آھيان، پر موٽ ۾ سدائين مرڪي چوندي آھي ته “يار ماريا اسان هتي ڇا لاءِ ٿا اچون…؟” پاڻ ئي سوال ڪري پاڻ ئي جواب ۾ چوندي آھي ته “پڙھائڻ ٿا اچون سو آئون پڙھايان ٿي بس…!” ڪڏهن ڪڏهن بريڪ ٽائيم دوران اسين ٻئي سهيليون الڳ وڃي ڪنهن ڪلاس ۾ ويهنديون آھيون ۽ اسڪول جي پوڙھي پٽيوالي خميسي، جنهن کي اسڪول ۾ سڀ ماما چوندا آھيون ان کي چئي چانھ بسڪوٽ گھرائي ڪچھري ڪندا آھيون… انهن ڪچھرين ۾ ئي شمع پنهنجي باري ۾ فقط ايترو ئي ٻڌايو آھي ته پنهنجي ڳوٺ جي پهرين ڇوڪري آھي جيڪا پنهنجي محنت سان پڙھي سرڪاري نوڪريءَ تائين پهتي آھي سندس پيءُ يار محمد جيڪو ڳوٺ ۾ يارو سڏجي ٿو سو روينيو ۾ ڪوٽار جي نوڪري ڪري ڪجهه سال پهرين رٽائر ٿي ويو آھي… کيس هڪ پُٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، سڪندر سندس وڏو ڀاءُ آھي ان کانپوءِ ساحره سندس وڏي ڀيڻ جيڪا ڄائي ڄم کان ٽنگن کان معذور آھي…

سڪندر پهريون ٻار هجڻ ڪري ايترو ته دادلو ۽ منهن چاڙھ ٿي ويو جو اڳتي پڙھي نه سگھيو نيٺ سندس پيءُ ياروءَ کيس پنهنجي ٻه ٽي ايڪڙ ٻنيءَ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو… ساحره معذور هئي ان ڪري شمع جي پڙھائڻ تي توجهه ڏني ويئي ۽ شمع به محنت ڪري منزل ماڻي ڏيکاري… جنهن تي سندس سڄو خاندان ۽ ڳوٺ فخر ڪري رهيو آھي..

اڄ چوٿون ڏينهن آھي شمع اسڪول کان غيرحاضر آهي ۽ سندس موبائيل نمبر به لڳاتار بند پيو وڃي منهنجي ساڻس ويجھڙائپ هجڻ ناتي اسڪول جي هيڊ مسٽريس مس رابعه مون کي آفيس ۾ گھرايو ۽ شمع جي غيرحاضر رهڻ بابت پڇيائين… مون کيس اهي حقيقتون ٻڌايون ۽ اهو به ٻڌايو ته شمع جو اهو هڪڙوئي نمبر آھي جيڪو اسان سڀني وٽ آھي ۽ ٽن چئن ڏينهن کان بند پيو وڃي… مون ڏٺو ته مس رابعه شمع جي غيرحاضريءَ تي ناراض ٿيڻ بجاءِ ڪافي پريشان هئي… سندس چھري جا آثار سندس پريشاني ظاهر ڪري رهيا هئا.. اوچتو مون کي ياد آيو ته شمع سان گڏ سندس ڳوٺ جون ٻه ٽي ڇوڪريون اسان جي اسڪول ۾ پڙھڻ اينديون آھن، منهنجي چوڻ تي مس انهن ٽنهي ڇوڪرين کي پنهنجي ڪلاسن مان آفيس گھرائي ورتو.. ۽ کانئن شمع بابت پڇا ڪيائين.. تن جو چوڻ ھو ته اسان سڀ الڳ الڳ پاڙن ۾ رهون ٿيون، اسان جو ڳوٺ ڪافي وڏو آھي، اسان کي آپي شمع بابت ڪنهن خاص ڳالھ جي خبر ناهي باقي سڀاڻي معلومات وٺيو اينديونسين… اهو ٻُڌي مس رابعه ڪجھ مطمئن ٿي وڃي ٿي… ۽ ڇوڪريون پنهنجي ڪلاسن ڏي هليون وڃن ٿيون…

منهنجي ذھن تي ڪيترائي سوال گھوماٽيون کائڻ لڳا هئا.. شمع بابت عجيب عجيب سوچون مون کي پريشان ڪرڻ لڳيون… نه چاهيندي به ڪلاس ۾ ويس… پڙھائڻ ۾ دل نه پئي لڳي بس مڙئي پيرڊ پورو ڪري اسٽاف روم ڏي وڌيس… سڀ استاد سهيليون شمع بابت پڇن پيون ڄڻ شمع سڀني جي روح جي راڻي هجي… هونئن به شمع جي ادب، اخلاق ۽ سهڻن روين سبب سڀ کانئس ڏاڍو متاثر هيون… اڄ چوٿون ڏينهن به پورو ٿي ويو موڪل ٿي سڀڪو پنهنجن ماڳن ڏي موٽي ويو…

آئون به شمع جي سوچن جا انبار کڻي گھر پهتي هئس…

ٻيو ڏينهن جمعي جو ڏينهن هو آئون اسڪول پهچي آفيس مان مسٽرول تي صحيح ڪري جيئن ئي ڪلاس ڏي وڌيس ته ڏٺم سامهون شمع مين گيٽ کان اندر پئي داخل ٿي، مون ڏٺو سندس پٺيان ڪو پيرسن مرد به رڪشي جي پاسي ۾ بيٺل هو..

شمع کي اسڪول ۾ ڏسي دل باغ بهار ٿي ويئي هئي ڊوڙ پائي ٻه ٽي وکون اڳتي وڌي وڃي کيس ڀاڪر پاتو هئم..

کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي محسوس ڪيم ته سندس بدن ۾ ھلڪي رڦڻي هئي سندس چپن جي مرڪ به اها ساڳي مرڪ نه هئي… جيئن چھري تان ماسڪ لاٿائين ڏٺم ته هڪ گلاب جو گل صرف ٽن چئن ڏينهن ۾ ڪيئن نه مرجھائجي چڪو هو… آئون ته دنگ رهجي وئي هئس منهنجي چپن مان ڦٿڪي ڦٿڪي ايترا ئي لفظ نڪتا “شمع جانون ٺيڪ ته آھين نه؟”  پاڻ مئل مرڪ سان مرڪندي چيائين… ها ٺيڪ آھيان… اسان آفيس طرف وڌي وياسين… جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿي ماما خميسي جي ٻاهر نڪرندي ئي مس رابعه پنهنجي سيٽ ڇڏي شمع جي پاسي ۾ پيل ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿي… ويهندي ئي شمع جو هٿ پڪڙي چيائين… ڏس پٽ جيڪو به مسئلو آھي مون سان شيئر ڪر… اسان سڀ گڏجي ان جو حل ڪڍنداسين… ڪنهن رولو لوفر اوهان کي ايندي ويندي تنگ ڪيو آھي…؟ يا هتان جي اسٽاف مان ڪنهن کان به ڪا شڪايت هجي ته به بي ڌڙڪ ٻڌايو… يا اڃان به ڪو گھرو مسئلو هجي ته به شيئر ڪريو، اسين سڀ اوهان سان گڏ بيهنداسين بابا.. منهنجو پٽ پوليس انسپيڪٽر آھي گھر وارو وڪيل آھي.. بابا پاڻ ڪمزور ٿورئي آھيون… مس رابعه مٿس آٿتن جا مينهن وسائي ڇڏيا هئا… نه ته اسان جي سماج ۾ ايئن ٿيندو ئي ناهي هتي ته مجبورين جا فائدا ورتا ويندا آھن. ڊنل کي وڌيڪ ڊيڄاريو ويندو آھي، پر مس رابعه انتهائي نيڪ دل ۽ شفيق عورت آھي ڪڏهن به پنهنجي آفيسريءَ جو رعب نه رکيو اٿس، پر اڄ شمع سان اڃان به وڌيڪ پيار ۽ پنهنجائپ جتائي رهي هئي… شمع مس رابعه جي سوالن ۾ ڄڻ ته الجھي پئي هئي… چپ ۽ ڳلو صفا خشڪ ٿي ويا هئس لفظ سندس ساٿ نه ڏئي رهيا هئا… وڏي همت ڪري چيائين… نه ميڊم اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي اصل ۾… چپن جي رڦڻي وڌي وئي هئس… رڦندڙ چپن سان چوڻ لڳي.. منهنجو… منهنجو سئوٽ… هيسيل ڪنهن هرڻيءَ جيان خوف ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي… لفظ سندس نڙيءَ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪي پيا هئا… “بابا ٻڌايو اوهان ڪوبه خوف نه ڪريو…” مس رابعه سندس پريشان حالت کي ڏسندي ٻيهر کيس آٿت ڏيندي چيو هو.. جنهن کانپوءِ همت ڪري چوڻ لڳي هئي…  “رحيم بخش منهنجو سئوٽ آھي جڏهن بابا ادا سڪندر جي شادي ڪرائي هئي تڏهن بابا منهنجو سڱ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ کي ڏيئي کانئس سندس ڌيءَ پنهنجي پٽ جي لاءِ ورتي هئي تڏهن آئون پنجين ڪلاس ۾ پڙھندي هئس… ۽ تڏهن رحيم بخش به ڳوٺ جو بااخلاق ڇوڪرو سڏبو هو، ڪاليج ۾ ڪاپي ڪيس ٿيڻ کانپوءِ پڙھائي ڇڏي ڏنائين ۽ ڳوٺ ۾ وڏو دڪان کوليائين… وقت الائي ڪيئن گذري ويو، ادا سڪندر به هاڻي ٽن ٻارن جو پيءُ آھي، رحيم بخش منهنجي پڙھائيءَ جي ڪري ڪڏهن به شاديءَ جو ڪو ارادو ڪو نه ڏيکاريو… ۽ نه ئي مون کي اها خبر هئي ته آئون رحيم بخش جي مڱ آھيان… بابا مون کي پڙھائي لکائي مون کي هن مقام تائين ته پهچايو، پر مون کان اهو راز سدائين لڪائي رکيائين… هاڻي جڏهن کان مون کي نوڪري ملي آھي تڏهن اها ڳالھ ظاهر ٿي آھي ته آئون رحيم بخش جي مڱ آھيان… ۽ هُو سمجھي ٿو ته سندس ملڪيت آھيان ۽ هو هر حال ۾ مون کي حاصل ڪندو… رحيم بخش جيڪو هن وقت علائقي جو وڏو منشيات فروش ۽ موالي آھي، الائي ڪيترا دفعا پوليس کيس گرفتار به ڪري چڪي آھي… شمع اهڙي آڙاهه ۾ ڪيئن جيئندي… اتي شمع کان هڪ وڏي اوڇنگار ڇڏائي ٿي وڃي… مون ۽ مس رابعه تي ڄڻ ته ڪو سڪتو طاري ٿي چڪو هجي… بس اسان ڪنهن پل هڪٻئي کي ته ڪنهن پل شمع کي پئي تڪيو… ايتري ۾ وري دروازي مان ايندي ماما خميسي چانھ جا ڪوپ اسان سڀني جي سامهون رکيا ۽ بسڪوٽن سان ڀريل پليٽ به رکي ۽ پاڻ دروازو کولي ٻاهر نڪري وڃي ٿو…

اسان سڀ خاموش ويٺا رهياسين ڪنهن به هٿ وڌائي نه بسڪوٽ کنيا نه چانھ جو ڪوپ کنيو…

مس رابعه همت ڪري ڳالهايو.. شمع جي بابا طرف اشارو ڪري چيائين بابا چانھ پيئو… پوءِ سڀني چانھ جي ڪوپن ڏي هٿ وڌايا…

مس رابعه پليٽ مان بسڪوٽ کڻندي شمع جي والد کي مخاطب ٿيندي چيو، “بابا اوهان ته شمع جي لاءِ پهاڙ کڙو ڪري ڇڏيو آھي مون کي خوف ٿي پيو آهي ته ڪٿي…” مس رابعه جي انهن لفظن تي شمع جي پيءُ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو… ها پٽ ھاڻي ته رحيم صفا آپي مان نڪري چڪو آھي چوي ٿو شمع مون کي پرڻائي ڏي جي نه ته کيس ماري… پنهنجي پيءُ جي واتان اهي لفظ ٻڌندي شمع ويتر هيسجي وڃي ٿي… ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي… سندس پيءُ ٻئي هٿ جوڙي مس رابعه ڏي وڌندي چيو… بابا شمع کي مهينو کن موڪل ڏيو جيستائين چڱن مٺن کي چئي انهيءَ ڳالھ کي هڪڙي پاسي ڪريان… مس رابعه پنهنجا ٻئي هٿ عاجزيءَ سان ٻڌندي چيو، “بابا اوهان بي فڪر ٿي وڃي انهي مسئلي کي حل ڪرايو، شمع جي مهينو موڪل لکائي ٿي ڇڏيان… جيڪڏهن منهنجي ڪٿي به ضرورت پئي ته بي ڌڙڪ ٻڌائجو…”

نه نه بابا بس اوهان جي اهائي وڏي مهرباني… ايئن چئي شمع جو پيءُ شمع کي واپس هلڻ جو چئي ڪمري مان ٻاهر ٿو نڪري” شمع مون کي ڀاڪر وجھي سڏڪي پئي، مس رابعه کيس ڀاڪر پائي آٿت ڏيڻ لڳي ٿي… شمع سان گڏ آئون ۽ مس رابعه به آفيس کان ٻاهر نڪتاسين… هاڻي لڳ ڀڳ ڏينهن جا يارنهن ٿي رهيا هئا… شمع وڏيون وکون کڻي مين گيٽ جي اندران بيٺل پنهنجي پيءُ طرف وڌي ٿي… آئون، مس رابعه ۽ هڪ ٻه ٻيون ماسترياڻيون آھستي آهستي مين گيٽ ڏي هلڻ لڳاسين جيئن ئي شمع اڳيان وڌي گيٽ ڪراس ڪيو ته سندس پيءُ صرف ٻه قدم ئي مس پوئتي هو… ته هڪ زوردار فائر سڀني کي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هڪ هانءُ ڏاريندڙ رڙ… بابا!!! آسمان سان وڃي ٽڪرائي… اسان سڀ يڪدم مين گيٽ ڏانهن ڊوڙياسين… اکين جي اڳيان اونداهه ڇانئجي چڪي هئي زمين تي شمع رت ۾ لال ٿي پئي هئي ۽ سندس پوڙھو پيءُ لاش کي ڀاڪر پائي رڙيون ڪري چئي رهيو هو… الاڙي ظالم منهنجي شمع ماري ويو ڙي… ۽ ايئن اسان جي اکين آڏو هڪ روشن “شمع اجهامي وئي…!!؟”

***