بلاگنئون

فلسطين جو ورهاڱو ۽ اسرائيلي جنون

غزه جي پٽي جي اتر ۾ هاڻي ڪا به اسپتال فنڪشنل ناهي بچي جنهن ۾ فلسطينين جو علاج ممڪن ٿي سگهي، ان ڪري اسرائيلي جنگي جنون ۾ اهو به آهي ته انهن کي رڳو زمين کپي جيڪا اهي آهستي آهستي کسڪائي ويا آهن. ويهين صديءَ جي مهڙ ۾ اهي سڀ جا سڀ يهودي فسلطين ڇڏي ٻين ملڪن ۾ آباد ٿيندا رهيا. ڇو ته فلسطين جي ڀيٽ ۾ يورپ، آمريڪا، ڪيناڊا، روس ۽ وچ ايشيائي عرب ملڪ سکيا ستابا هوندا هئا، ان ڪري اهي سڀ جا سڀ يهودي انهن ملڪن ڏي ڊڪندا رهيا، پر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اهي سڀ جا سڀ يهودي جڏهن جرمنيءَ جي خلاف ٿي بيٺا ۽ پنهنجي ملڪ (جرمنيءَ) سان وفا نه ڪين ته بدلي ۾ جرمني مان نازي پارٽي به هنن جي بي وفائيءَ جي نتيجي ۾ هڪ مهم هلائي، جنهن ۾ اهي سڀ جا سڀ يهودي سموري عيسائي دنيا ۾ بدنام ٿي ويا ۽ نازي پارٽيءَ پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو. ڇو ته يهودي رڳو نازي ڪيمپ جي ڪري هولوڪاسٽ يا ان ”ميسيڪر“ جو شڪار ٿيا جو اهي سڀ جا سڀ هٽلر جي ڏمر جي وَرِ چڙهي ويا. ڇو جو تاريخ ۾ اهي يهودي نبين جا پٽيل هئا ۽ خوار ٿيندا رهيا ڇو جو انهن نبين کي به قتل ڪيو. ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته اها قوم واقعي دنيا جي پٽيل قوم آهي، پر اهي دنيا جي ٿنڪ ٽينڪ به آهن ۽ اسان کي ان ڳالھ تي به اعتراض ناهي ته اهي دنيا جي ايجادن ۾ وڏي حصيداري به رکن ٿا، پر فلسطين جي مٿان مسلسل بمباري ڪرڻ ۽ 1948 کان وٺي لاڳيتو جنگين جي منهن ۾ هجڻ ۽ لاڳيتو خون ريزي ڪرڻ بين القوامي طور تي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته اهي ائين ڪري سگهن ٿا يا انهن کي ان ڳالھ جي اجازت آهي.
مسلسل جنگي جنون ۾ رهڻ وارا اسرائيلي هاڻي ان ڳالھ تي بضد آهن ته انهن کي ڪيئن به ڪري غزا جي پٽي خالي ڪري ڏني وڃي نه ته اهي هر صورت ائين جنگيون وڙهي وڙهي انهن فلسطينين کان اها جاءِ خالي ڪرائي ويندا. ڇو ته جنهن حساب سان اسرائيلي دنيا جي مخلتف ملڪن مان لڏي لڏي فلسطين جي ڌرتي تي موٽي پيا اچن، جنهن کي اسرائيلي يا عبراني زبان ۾ ”عاليه يا آليھ“ به چون ٿا جنهن ۾ اهي سڀ جا سڀ يهودي ان مذهبي جنون يا مذهبي پڪار تي دنيا جي سڀني ملڪن مان پنهنجون ملڪيتون ۽ مال وڪڻي فلسطين جي ڌرتي تي ايندا رهن ٿا جنهن جي لاءِ اسرائيل 25 هزارن کان به مٿي جون رهائشي اسڪيمون جوڙائي رهيو آهي ته اهي جيڪي به ٻين ملڪن مان لڏي اچن اهي آساني سان انهن جاين، هنڌن، علائقن ۽ نون جوڙايل شهرن ۾ رهي سگهن. ان ڪري اسرائيلي جنگي جنون ماٺيڻو ٿيڻو ناهي يا ڪنهن جي به نه ٻڌندو سواءِ ان طاقت جي جيڪا هنن جي مقابلي ۾ ”بيلنس آف پاور“ هجي. جنهن طاقت ۾ به اهو جنگي جنون به هجي ته مرڻو آهي يا مارڻو آهي، ان ڪري اسرائيل جِنَ ڳالهين سان مڙڻ وارا ناهن، نه ئي دنيا جي ڪنهن طاقت جو ٻڌندا. مثال جي آمريڪا وچٿرو ٿي فيصلا ڪري ۽ پنهنجا ”ويٽو پاور“ دنيا اندر رڳو انسانيت (مسلم امت) جي ڀلي جي لاءِ استعمال ڪري ۽ جيڪي به طاقتون آهن اهي انسانن (مسلمانن) جي ٻولي ٻڌن ۽ سمجهن، نه ته پوءِ ايندڙ مستقبل ۾ اسرائيل آمريڪا کي به نه بخشيندو ۽ بندوقون انهن تي به سڌيون ڪندو. ان ڪري ته اها قوم تاريخ ۾ آزمايل قوم آهي، اها يهودي قوم ڪنهن جي به ناهي ۽ نه ئي ڪنهن نبيءَ يا امت يا ڪنهن قوم سان سچي به هئي يا آهي ان ڪري مسلمان به اهي سڀ جنگي جنون کڻي نڪرن جنهن ۾ اها سلطنتِ عثمانيا ۽ عباسيا دور ياد ڪرائين، جن ۾ خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد جهڙا سپھ سالا پيدا ڪري ڏيکارين. ان ڪري ته لتر پڄي چڪر سان ۽ ڪير به ڳالهين سان سڌو ناهي ۽ سڀ مڃين ٿا ته جيڪي به هٿيار آهن اهي ”بيلنس آف پاور“ جا سڀ ”ٽولز ۽ ٽيڪنڪس “آهن، اهي سڀ جا سڀ ائين ائي استعمال ڪري مٿڀرائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، باقي ڳالهين سان ته ڪو مسئلو حل نٿو ٿئي. 1948 کان وٺي فلسطيني جنهن عذاب ۾ آهن ان جاءِ تي جي سلطنت عثمانيه يا ڪو جنوني اسلامي دور هجي ها ته ڪنهن به اسرائيلي ۽ عيسائي ملڪ کي دم نه هجي ها ته اهي ڪنهن مسلمان ملڪ کي للڪاري سگهن ها. هاڻي واري صورتحال مسلمانن جي حق ۾ ناهي، ان ڪري ته جيڪي به اسٽريٽجيڪل وارز آهن (يا ٿين ٿيون) انهن ۾ مسلمانن جا هٿ ڪپيل آهن، اهي ڪجھ نه ٿا ڪري سگهن يا جيڪي به معاشي جنگيون آهن انهن ۾ مسلمانن جو ڪجھ وڃي به نه، نه انهن وٽ امپورٽس، نه ڀليون ايڪسپورٽس، نه ايٽمي طاقتون (جيڪي دنيا کي هيسائي سگهن) نه دنيا جو ”ويٽوپاور“ انهن جي هٿ وس آهي، نه ئي اهي ڪنهن بايولاجيڪل وار جي به ڪا ڌمڪي ڏئي سگهن ٿا، ان ڪري مسلمان ملڪ آمريڪا کان رڳو ڌار ٿي روس ۽ چين جا هٿ مضبوط ڪن ته به ڀلو، نه ته اسرائيلي نما طاقتون مسلمانن جو رتُ چوسي وينديون ۽ مسلمان رياستون سڀاڻي ڪنهن ڪم جون نه رهنديون.
اسرائيلي جنون جي انتها اها به آهي ته ڪجھ به ٿي پئي انهن کي اها جنگ هيل به ان ”نڪبا“ وانگي کٽڻي آهي، جنهن ۾ هنن اسرائيلين ۽ عيسائين ملي هڪ ڌڪ سان 7 لک فسلطينين کي بي گهر ڪيو هو. جنهن ۾ اسرائيلين يهودين سان اهو وچن ڪيو هو ته اهي يهودين کي فلسطين جي ڌرتي تي پاڻ هڪ ڌُر ٿي هڪ الڳ وطن بڻائي ڏيندا. جنهن واعدي تحت 14 مئي 1948 تي يهودي ايجنسي جي هڪ سربراهه ”ڊيوڊ بن گورين“ اسرائيل جي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو هو ۽ ان اعلان تحت ان وقت جي آمريڪي صدر ”هيري ايس ٽرومين“ ان ساڳي ئي ڏينهن تي اسرائيلين يهودين جي کي قوم تسليم ڪيو هو ۽ آمريڪي ڪانگريس في الفور اسرائيلن جي ان ڳالھ جي حمايت ڪئي هئي ۽ سرڪاري طور تي اسرائيلي رياست جو اعلان پڻ ڪيو هو. جنهن ۾ آمريڪي سينيٽ ۽ يو اين او جا سڀ عملدار فلسطين جي ڌرتيءَ تي يهودين جي لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ جي حامي ڀري ويٺا هئا. پر هڪ ڳالھ جي حيرت وٺندي آهي ته آمريڪي صدر ڪير به اچي پر اهو يهودي پاليسيءَ تي عمل ضرور ڪرائيندو آهي، جيئن صدر جونيئر بش ڊرون حملا ڪرايا ۽ نائن اليون جو بدلو مسلمان ملڪن کان ورتائين ۽ هن جي پويان باراڪ اوباما آيو ته ان به ساڳي ڳالھ ڪئي ۽ ان پاليسي تحت ئي مسلمان ملڪن تي حملا جاري رکين. ساڳي ڳالھ وانگي ٽرمپ ڀلي ڪيترو به جوبائيڊن سان وڙهيو پر جڏهن ويو ته جوبائيڊن به انهن ئي پاليسين تي هليو جيڪي ٽرمپ ڇڏي ويو يا جيڪي رياستي ليگسي هئي اها ئي جوبائيڊن کي کڻي هلڻي پئي. ان ڪري ذاتي دشمني، اسڪينڊل ۽ پسند ناپسند پنهنجي جاءِ تي، پر اهي آمريڪي پنهنجي اسٽيٽ سان سچا آهن.
آمريڪي صدر هيري ايس ٽرومين وانگي آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ 1945 ۾ اسرائيل رياست جي قيام ۾ يهودين سان ٻِٽُ هو ۽ انهن جي ها ۾ ها ملايو پئي آيو ۽ ان ساڳي تناظر ۾ هن عربن کي به يقين ڏياريو هو ته آمريڪا ان خطي ۾ يهودين ۽ فلسطيني عربن جي صلاح مشوري کانسواءِ انهن جي رياست اندر مداخلت نه ڪندو. مئي 1948 تائين فلسطين لاءِ نوآبادياتي مينڊيٽ رکيو ويو هو. هوڏانهن وري فلسطين ۾ هڪ يهودي رياست ۽ هڪ عرب رياست جي قيام سان گڏوگڏ يهودي پناهگيرن جي آمريڪي خطي ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين اميگريشن جي مخالفت پڻ ڪئي وئي هئي ته ”ڪير به يهودي ڪنهن به انگريز ملڪ ۾ لڏي نه ويندو ۽ جيڪي آهن اهي به هڪ ڌڪ سان فلسطين هليا اچن“، اها به حقيقت آهي ته اسرائيلين کان سڀ انگريز ملڪ مهڙ ۾ ئي تنگ هئا. آمريڪي صدر ٽرومين جي آفيس ۾ اچڻ کانپوءِ هن فلسطين جي مسئلي جي مطالعي لاءِ ڪيترن ئي ماهرن کي مقرر ڪيو هو. 1946 جي اونهاري ۾ ٽرومين هڪ خاص ڪابينا ڪميٽي ٺاهي ڊاڪٽر هينري ايف گريڊي جي صدارت هيٺ قائم ڪئي هئي، جيڪو هڪ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ هو، جنهن هڪ متوازن برطانوي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ڪئي هئي ۽ فلسطين جي مستقبل تي غور ويچار ڪيو هو ۽ مئي 1946 ۾ ٽرومين 100,000 بي گھر ٿيل يهودين کي فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جي سفارش ڪئي ۽ منظوري جو اعلان ڪيو ۽ آڪٽوبر 1948 ۾ عوامي طور تي يهودي رياست قيام ۾ آئي. 1947 ۾ گڏيل قومن جي خاص ڪميشن فلسطين جي مسئلي جو جائزو ورتو ۽ فلسطين کي يهودين ۽ هڪ فلسطيني رياست ۾ ورهائڻ جي حامي ڀري. 29 نومبر 1947 تي گڏيل قومن جي قرارداد 181 تحت (جنهن کي ورهاڱي جي قرارداد جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو) منظور ڪيو هو، جنهن مئي 1948 ۾ برطانيا جي اڳوڻي فلسطيني مينڊيٽ کي يهودين ۽ فلسطيني عرب رياستن ۾ ورهائي ڇڏيو. قرارداد جي تحت ييروشلم جي چوڌاري مذهبي اهميت وارو علائقو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ بين الاقوامي ڪنٽرول وارو هڪ ”ڪورپس سيپريٽم“ رهندو. جيتوڻيڪ آمريڪا قرارداد 181 جي حمايت ڪئي، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ گڏيل قومن جي اعتماد سازي جي سفارش ڪئي هئي ته يهودين جي اميگريشن تي پابندي هڻو ۽ فلسطين کي جدا (يهودي ۽ فلسطين) صوبن ۾ ورهايو، پر رياستون نه بڻايو، پر اڳتي هلي يهودين اها ئي اُرھَ زورائي ڪئي ۽ فلسطين تي ظلم جي شروعات ڪئي جيڪا بس ٿيڻ واري ناهي.