الطاف ۽ ڪمال جو دنگل ڪٿي دنگ ڪندو؟؟

اصغر خاڻوٺي

الطاف حسين سان بغاوت ڪندڙ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني نيٺ پاڪ سرزمين جي نالي سان پنهنجي پارٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پارٽي جي نالي جو رڳو اعلان ٿيو آهي. جڏهن ته منشور ۽ جهنڊو ٺاهڻ جي لاءِ اڃان وقت گھربل آهي. پهرين ڏينهن کان پارٽي ٺاهڻ تائين واري هن سفر ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس قافلي جي باقي ساٿين جي ڳالهين مان اڃان تائين ڪيترائي اهڙا سوال اٿي رهيا آهن جن جا جواب انتهائي ضروري آهن، ڪجھ سوالن جا جواب هن باغي قيادت وٽ موجود به نه آهن، هيترا ڏينهن گذرڻ باوجود هو پاڻ به شايد مونجهاري جو شڪار آهن.

هن نئين لڏي ۾ ڊاڪٽر صغير يا انيس ايڊووڪيٽ جي انٽري تي حيرانگي انهيءَ جي ڪري به ناهي جو اهي واضح امڪان موجود آهن ته آهستي آهستي هي معاملو اڳيان وڌندو. متحده جا هڪ کان پوءِ ٻيا ميمبر، سرگرم ڪارڪن، اڳواڻ ۽ چونڊيل ميمبر مصطفيٰ ڪمال جي هن قافلي ۾ شريڪ ٿيندا. ڪراچي ۾ الطاف حسين جي خلاف هلندڙ مهم آهستي آهستي اڳيان وڌي رهي آهي. کڻي جو هن سموري سياسي ڪهاڻي ۾ ڪنهن جي هٿ يا ٿڦڪي هجڻ واري تاثر کي نئين سنگت رد ڪري رهي آهي پر مصطفيٰ ڪمال يا سندس سٿ طرفان بي کٽڪو ٿي اڳيان وڌڻ، سوين ڪيمرائن جي سامهون الطاف حسين جي اڳڙي کڻڻ، ڪراچي جهڙي خوفناڪ شهر ۾ رهندي ديده دليري سان پارٽي ۾ ڏڦيڙ وجھڻ لاءِ دعوتون ورهائڻ، الطاف حسين مخالف لڏو تيار ڪرڻ جهڙي جرعت خود انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته ڪراچي تان ايم ڪيو ايم جي خوف جا پاڇا لهي چڪا آهن. مصطفيٰ ڪمال نيشنل ايڪشن پلان جي ڪمال کانپوءِ ئي انهي وقت ميدان ۾ لٿو آهي جڏهن کيس اها پڪ ملي آهي ته هاڻ ڪراچي ۾ اوهان محفوظ هٿن ۾ آهيو، نه ته سوڳ جي سڏ واري پريس رليز تي رڳو ڪراچي ئي نه پر حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، شهدادپور، ڪوٽ غلام محمد، جهڏو، نئون ڪوٽ، سامارو مطلب ريلوي اسٽيشنز سان جڙيل سنڌ جا سمورا شهر بند ٿيندي منٽ لڳندا هئا. ڪراچي ۾ طاقت جي زور تي سول اسپتال جي سنڌي ڳالهائيندڙ ڊاڪٽرن جي شهر بدري کان وٺي سنڌي شاگردن تي تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪندڙ ايم ڪيو ايم داٻو قائم رکڻ جي لاءِ هر اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو سياسي ڌر کي ڪرڻ سونهين ئي نٿو. ايم ڪيو ايم جي انهيءَ خوني طاقت واري ڪمال کي زوال اچڻ کانپوءِ ئي ڪمال اينڊ ڪمپني شهر ۾ اچي پنهنجو وکر وڪڻڻ شروع ڪيو آهي. انهيءَ جي ڪري ڪنهن جي ٿڦڪي نه هجڻ جون سموريون وضاحتون بي معنيٰ ٿي وڃن ٿيون، ٿڦڪيون ته هونديون ئي بي آواز آهن..

مصطفيٰ ڪمال جي اڍائي ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس کان وٺي ڊاڪٽر صغير جي ڪالهوڪي ميڊيا ٽاڪ تائين ڪٿي به سنڌ، سنڌ جي حقن، سنڌ جي خوشحالي، سنڌين سان زيادتين جي ازالي يا انهن جي ترقي جو ڪوبه ذڪر نه هو. ڪمال يا صغير الطاف حسين تي هنيل الزامن کانسواءِ باقي سمورو پروگرام ايم ڪيو ايم وارو ئي بيان ڪيو آهي، انهيءَ جي ڪري ٻنهي اڳواڻن جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته لفظن جي ٿوري گھڻي فرق سان الطاف حسين واري ٻولي ئي ڳالهائي رهيا آهن. الطاف ته اڃان به بقول ڪمال جي نشي ۾ الوٽ ٿي ئي سهي يا منافقي سان سنڌ، سنڌين، لطيف سرڪار جي ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ڪري ويندو هو پر هن سنگت ته لالو کيت واري ڇاپ لاهڻ جي ذري به ڪوشش نه ڪئي آهي. بقول مصطفيٰ ڪمال جي ته هڪ تهذيب يافته، پڙهيل ڳڙهيل مهاجر برداري جي سڃاڻپ هاڻ دهشتگرد، بدتهذيب، جاهل ۽ “را” جي ايجنٽ طور ٿي وئي آهي. جيڪڏهن انهيءَ نقطي تي اڄ کان پنجاهه سال اڳ ۾ غور ڪجي ها ته شايد ائين نه ٿئي ها انهيءَ جا نتيجا شايد سنڌ، سنڌين ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ به بهتر نڪرن ها جيڪي ايم ڪيو ايم جي پويان لڳي نه گھر جا نه گھاٽ جا رهيا آهن. اهو فطري قانون آهي ته اوهان جيڪڏهن پناهه ڏيندڙ ڌرتي، پناهه ڏيندڙ ماڻهن، ڏکي ويل ۾ ڪم ايندڙن کي پنهنجو نه ڪندا انهن سان ويساهه گهاتيون ڪندا ته تاريخ اوهان سان ائين ئي ڪندي جيڪا دانهن هن وقت مصطفيٰ ڪمال جي واتان نڪري رهي آهي. سنڌ ڌرتي ڏتڙيلن جي مددگار رهي، انهن کي اجھو لٽو ڏيڻ وارا سنڌي هئا. تاريخ انهن کي به انهيءَ شاندار مهمان نوازي جو سبق سيکاريو پر انهن ماڻهن جن پناهه جي لاءِ آڇيل ڌرتي کي ڌتڪاريو انهن جي مالڪن کي ٻي درجي جو شهري سمجهي جاهل سڏي انهن سان نفرت ڪئي ۽ آخر تائين طاقت جي نشي ۾ الوٽ ٿي هٿياربند ويڙهه ڪئي، انهن سان تاريخ کي اهڙو ئي حشر ڪرڻو هو. هن سموري ڪهاڻي ۾ نئين لڏي کي سموريون خرابيون الطاف حسين ۾ نظر اچي رهيون آهن پر اهو به ته سوال آهي ته مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني يا ڊاڪٽر صغير يا جيڪو جيڪو شامل ٿيندو رهندو اهي سڀ جا سڀ ته انهن سمورين خرابين ۾ ها ۾ ها ملائي رهندا آيا آهن، هو انهن سمورن خراب ڪمن، ڏوهن ۾ پنهنجي شموليت کي رڳو هڪ غلطي کان مٿي ڪجھ به تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. پهرين ته کين انهن سمورن دهشتگردين، ڀتا خورين، قتلن، ڏهڪاءُ توڙي “را” سان جڙيل هجڻ جي سمورن الزامن جو اعتراف ڪري انهيءَ تي معافي وٺڻ گھرجي ها. اهو ڪرڻ بدران هنن نون اڳواڻن ايم ڪيو ايم ۾ الطاف حسين کان سواءِ باقي سمورن اڳواڻن کي ڏوهن ۽ گناهن کان پاڪ قرار ڏنو آهي، ايستائين جو سوين خونن جو اعتراف ڪندڙ اجمل پهاڙي، صولت مرزا سميت ٻين کي به بي ڏوهي قرار ڏنو پيو وڃي. مصطفيٰ ڪمال يا انيس قائمخاني جي تازين پريس ڪانفرنسن کانپوءِ مختلف قسمن جا تبصرا جاري ٿيا آهن. انهيءَ معاملي کي سنڌ پنهنجي انداز سان ڏسي رهي آهي، اسلام آباد ٻي انداز سان، حڪومت پنهنجي اک سان جڏهن ته سگهاريون قوتون وري پنهنجي حساب سان ڏسي رهيون آهن. جيستائين اها شيءَ وڃي ميچوئر ٿئي پر في الحال ته ايم ڪيو ايم جي اندران نئين پارٽي کي جنم ڏيڻ وارين هاڻوڪي ڪوششن کي 90 واري ڏهاڪي جي ڪوششن جي ڪڙي سمجهيو پيو وڃي. تڏهن انهيءَ سٿ جي سرواڻي آفاق احمد ۽ عامر خان جي حوالي هئي هاڻ وري مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس احمد ڊرائيونگ سيٽ تي آهن. هن سموري صورتحال جو هڪ ٻيو منجهيل پاسو اهو به آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي هر ڌر پراڻا الزام سڏي رهي آهي پر سوال اهو آهي ته پراڻا الزام درست آهن يا غلط؟ بظاهر اهو تمام وڏوالزام آهي ته ملڪ جو شهري ۽ سياستدان، سياسي ليڊر يا ڪا سياسي پارٽي ڪنهن دشمن قرار ڏنل ملڪ جي حساس اداري کان پئسا وٺي ملڪ دشمن سرگرميون ڪري. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ڪافي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي فوج، حساس ايجنسين، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن، بي اختيار سول حڪومتن ۽ بااختيار فوجي حڪومتن هوندي ايم ڪيو ايم تي انهيءَ قسم جا الزام مختلف وقتن تي لڳندا رهن پر وري ڪجھ عرصي اندر انهيءَ ساڳي ڌر کي ڊرائي ڪلين ڪري، سمورن الزامن کان پاڪ قرار ڏئي انهن کي وفاقي ۽ صوبائي اقتداري مسند تي ويهاريو وڃي… ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس ۾ هنيل الزامن تي اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته اهي الزام پراڻا آهن ۽ انهن ۾ ڪا نئين شيءَ ناهي پر اهو ڪير به نٿو چوي ته انهن الزامن ۾ ڪيتري سچائي ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي؟ انهيءَ کان به خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم کي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف انهن سمورن الزامن کان آجو ڪري مٿي تي چاڙهي اڇي ڪاري جو مالڪ ڪري ويهاريو هو. جيڪڏهن دشمن ملڪ کان فنڊ وٺڻ تي الطاف حسين ڏوهاري آهي ته انهن مددگار قوتن يا اڳواڻن جي خلاف ڪارروائي بابت ڪهڙو پلان جوڙيو ويو آهي؟.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments