شهيد ڀٽو ۽ يادگيريون
احمد علي “صابر” چانڊيو
هڪ تاريڪ ڪوٺڙيءَ جي ڪُنڊ ۾ اڪيلو انسان ويٺل نظر اچي ٿو، ڏاڙهي وڌيل، هٿ ۾ ڪتاب، اکيون ڀنل، سندس ذهن هزار سوالن جو مـرڪـز بـڻـيـل آهي، اُن شخص کي جنھن جو ڄم هڪ اعلى گهراڻي ۾ 5 جنوري جي سرد رات 1928ع ۾ ٿيو ۽ شھادت 4 اپريل 1979ع ۾ ٿي. هي ڪيڊرل اسڪول ممبئي مان تعليم پرائي پاڪستان ٺھڻ سان وطن وريو هو. ٻن سالن بعد ڪئليفورنيا يونيورسٽي ۽ پوءِ 1949ع ۾ سدرن يونيورسٽيءَ کان برڪلي يونيورسٽي ۾ پڙهيو، جتي ايشيا جي شاگرد تنظيم جي چونڊ لڙيو. 1950ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ آنرس ڪيائين ۽ 1952ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان آنرس ڪيائين. 1953ع ۾ کيس پنڪيءَ جي خوشخبري ان وقت ملي جڏهن کيس “لنڪن بار” جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن ڏيھه وريو ته سندس ذهانت مطابق 1954ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ ليڪچرر جي نوڪري ملي وئي. 1957ع ۾ پاڪستان جو پھريو شخص هو جيڪو گڏيل قومن ۾ خطاب ڪرڻ ويو ۽ ان بعد هڪ خاص موضوع جنم ورتو ته دنيا جي سمنڊن جون حد بنديون ڪھڙي نموني طئي ڪرڻ گهرجن. ان موضوع تي مفصل ليڪچر ڏنائين، جنھن بعد سڀ فيصلا ان روشنيءَ ۾ طئي ٿيڻ لڳا هئا.
اهڙي ڏاهي انسان کي 1958ع ۾ واپار جو وزير مقرر ڪيو ويو. 1959ع ۾ سڌ سماءَ، 1960ع ۾ قدرتي وسيلن ۽ ٻارڻ جو قلمدان مليس. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات به ان ئي سال ٿي هئي. کيس شعور ڏيڻ جو وڏو اونو هوندو هو، مان پرائمري اسڪول جو شاگرد هئس، ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ هڪ لائبريري جو افتتاح ٿي ڪيائين، اسان سڀ هٿن ۾ جهنڊيون کڻي جيئي ڀٽو چوندا رهياسين. ان نعري تي مرڪي اڳتي وڌي مون جھڙي غريب ٻار کي هنج ۾ کنيائين. مسٽر نور محمد تصويرون وٺي رهيو هو، ڀٽو صاحب، حاجي علي حسن خان چانڊئي جو دوست هو، ان وقت حاجي صاحب، خدا ڏنو خان، عبدالحق ۽ مامو شوڪت، ڀٽو صاحب جي ميزباني جا فرائض انجام ڏيئي رهيا هئا. 1959-1960-1963-1965ع ۾ گڏيل قومن جي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين.
1963ع کان 1965ع تائين وزير خارجه پڻ رهيو، 1963ع ۾ چين کان هڪ معاهدي تحت 750 چورس ڪلو ميٽرن جو علائقو پاڪستان لاءِ حاصل ڪيائين. هن جي مقبوليت، برق گفتار ۽ ڏاهپ ڪري ملڪ ۾ کيس مڃتا ملڻ لڳي. مان ڇھين ڪلاس جو طالب علم هئس ته هن وزارت تان استعيفى ڏني جنھن ڪري لاهور ۾ 21 جون 1966ع تي سندس تاريخي ۽ شاندار آجيان ڪئي وئي. 30 نومبر 1967ع ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو. ڀٽو صاحب ڏاڍو ذهين انسان هو، ياداشت ته اهڙي هئس جو سندس ذهن جي ڊائري جا ورق اٿلڻ لاءِ بي قابو رهندا هئا. 1970 چونڊ مھم ۾ جڏهن اسان جي ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو ته حاجي صاحب کيس ٻڌايو ته هي ٻالڪ ڏاڍو هوشيار آهي، مئٽرڪ جو شاگرد آهي ۽ انگريزي به سٺي ٿو ڳالھائي، گاڏي کي روڪي مون کان ڪجهه سوال ڪيائين، جن جا مون کيس برجستا جواب ڏنا. کاڏيءَ هيٺان هٿ رکي ڳل تي ٿڦڪي ڏئي چيائين ته جڏهن منھنجي ديس جو هر ٻالڪ شعور ۽ گيان سان مالا مال ٿيندو ته مون کي سرهائي ٿيندي. جناب ڀٽو مون کان نالو پڇيو. 1970 ۾ کيس چونڊن ۾ سوڀ نصيب ٿي، 1971ع ۾ صدارت ۽ وزارت اعظمى جو منصب سنڀاليائين. اسان سپاف جا ليڊر ٿياسين، عبدالڪريم جويو جيڪب آباد، مختيار سومرو ۽ آئون لاڙڪاڻي ۽ شھدادڪوٽ جو. بهرحال هن جي شاگردن ۾ سياسي جاڳرتا، مزدورن ۾ تنظيمون، هارين کي حق ملڻ شروع ٿيا. ڪارخانا ۽ مزدور، هر جاءِ تي سک واڌائي هئي. آفيسرن کي عزت به هئي ته کانئن ڪم به ورتو ويندو هو. 1972ع ۾ ليبر پاليسيءَ جو اعلان ڪيائين. 1973ع ۾ زرعي سڌارن جو اعلان ڪيائين. اسان جي ڳوٺ هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽيليجنس جي پوسٽ جو آفر ليٽر آيو هو جنھن تي ايڊريس موجب “احمد خان معرفت حاجي علي حسن خان” لکيل هو، جيڪو بجاءِ مون کي ملڻ جي مير صاحب کي مليو، جو ان جو نالو به احمد خان هو. جناب ڀٽو صاحب هرهڪ جي کري کوٽي ٻڌڻ جو قائل هو. المرتضى هائوس ۾ ڪٽپر صاحب جي ڪوتاهين جي شاگردن کان ائين معافي ورتائين. جيڪب آباد ۾ هڪ تقريب ۾ امداد اوڍي ڊائيس تي اچڻ چاهيو مگر حڪومتي مشينري کيس ٻاهر ڌِڪڻ لڳي هئي پر ان جرئت ڪندي مائيڪ سنڀاليو ۽ کريون ٻڌايون، جنھن تي ڀٽو صاحب کيس سرڪٽ هائوس ۾ طلب ڪيو، مگر امداد (خدو کٽراڳي) بڻجي ويو هو، کيس خوف هو ته ڪيل شڪايت ڪري کيس قيد ڪيو ويندو پر شھيد ڀٽو ان کي آفرين لاءِ ئي گهرايو هو. هڪ ڪارڪن جڏهن هڪ آفيسر لاءِ “ڀـَٽي ڀـَٽي” چيو ته مسٽر ڀٽو ناراض ٿيو ۽ کيس ڇنڀيو ۽ چيو ته “مسٽر ڀـَٽي چئه”. هن کي هرهڪ لاءِ عزت به هئي ته احترام به ۽ مشاورت سان فيصلا ڪندڙ هو. اها به ڳالهه اٽل هئي ته هن جو فيصلو اٽل هوندو هو. 28 نومبر 1972ع تي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو، هن ملڪ کي ائٽمي ٽيڪنالاجي ڏيڻ ٿي گهري، هن ري-پروسيسنگ پلانٽ جو فرانس سان به معاهدو ڪيو هو. نيشنل بڪ فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ شملا معاهدو پڻ ڪيو. نه صرف ايترو بلڪه NDFC جو بنياد پڻ رکيو، تعليمي ادارا وڌائي قائداعظم يونيورسٽي جو قيام وڌو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڏنائين. ٽيڪسٽائل ملز ۽ نھرون ڏئي عوامي سڌارا آڻڻ گهريائين. پاڪستان کي هڪ بھترين آئين ڏنائين. پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ شناختي ڪارڊ به سندس جي ڪري ئي وجود ۾ آيا. ٽين دنيا ۽ مسلم امه جو نعرو هنيائين، عالمي اسلامي ڪانفرنس ڪرائي پاڪستان کي پوري دنيا ۾ مانائتو ۽ شانائتو بڻايائين. هن جي ارادن کان وڏيون طاقتون خائف ٿيڻ لڳيون. هن اسلامي سوشلزم جو نعرو هنيو. ملڪ کي مالا مال ڪيائين. علامه اقبال يونيورسٽيءَ جو قيام پيو. سيرت ڪانفرنس ڪيائين، بالآخر آمريڪا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. 1975ع جي اسلامي سمٽ ۽ مٿين تڪڙن فيصلن جي ڪري 1976ع ۾ آمريڪي پرڏيھي وزير هينري ڪسنجر جي ڌمڪي آئي. جناب ڀٽو کيس جواب ڏنو ته ملڪي سڌارا اسان جو نجي عمل آهن، اسان جي قوم کي نيوڪليئر جي سخت ضرورت آهي. اسان پاڻ پنھنجا فيصلا ڪندڙ آهيون، ڊڪٽيشن جي ڪابه ضرورت ڪانھي. اها ڌمڪي آگسٽ ۾ آئي ۽ هن سيپٽمبر 1976ع ۾ ٽين دنيا جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي. صحت مرڪز لينار جوڙايائين ۽ ڪيترائي صحت جا منصوبا وقت اندر ۽ بھترين طريقي سان مڪمل ڪرايائين. اهڙن عملن ڪارڻ ترقي يافته ملڪ اندروني مداخلت تي لھي آيا. هن خلاف اندروني محاذ کليا، 9 ستارن جو وجود پيو. قومي اتحاد جڙيو، 7 مارچ 1977ع ۾ پيپلز پارٽي کي سوڀ ملي. آخرڪار 5 جولاءِ 1977ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪيو ويو. هڪ اڻ وڻندڙ شخصيت “ضياءُ” جي صورت ۾ سامھون آئي. جمھوريت جو جهنڊو ليڙون ليڙون ٿيو. هيءَ پھرين جمھوريت هئي جيڪا عوام مان هئي، عوام سان هئي ۽ عوام لاءِ هئي. جڏهن آزاد ٿيو ته سڀني پيارن ۽ ڪارڪنن کي گهرائي مشاورت ڪيائين. ان مشاورتي ڪائونسل ۾ مون جھڙي غريب کي به گهرايو ويو هو. پھريون ڀيرو مان سندس چھري جي هشمت کي چتائي ڏٺو. آمريت خلاف جدوجھد جو اعلان ٿيو، ڪيترن ئي ڪارڪنن ضياءَ حمايت تحريڪ ۾ شموليت ڪئي ۽ ڪيترا پارٽي ڇڏي ويا. 3 سيپٽمبر 1977ع تي ٻيھر گرفتار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يعقوب علي خان محترمه نصرت ڀٽو صاحبه جي درخواست مارشل لا خلاف قبول ڪري ورتي ته کيس هٽايو ويو. پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي مولوي مشتاق خوندڪر اها ضمانت رد ڪري ڇڏي ۽ نواب محمد احمد جو ڪيس مڙهي ڦاهيءَ جي سزا برقرار رکي. “اڄ رات جڏهن معمول خلاف، ڪتاب کي هٿن ۾ مروٽي رهيو هو، شايد پين جي سياهي ختم ٿي وئي هجي يا ڪو وڏو هاڃو ٿيڻ وارو هجي، هن ڪڙا ۽ قيد ڀڃڻ ٿي چاهيا، هن چاهيو ٿي ته جن لاءِ هن وقتائتا قدم کنيا آهن، اهي نڪري نروار ٿين. گهر گهر مان پوري ملڪ مان ۽ پوري ڌرتيءَ تان امن جا پانڌيئڙا اٿي پون ته جيڪر امن جو چوغو تار تار ٿيڻ کان بچي پوي. هن جيڪي به خواب ڏٺا هئا تن جي حقيقت ٿي چاهيائين. هن کي پيپلز پارٽيءَ جي مجلس عامله تي تعجب لڳو جن هن جي زندگيءَ جي خيرات گهري هئي. هن ڄاتو ٿي ته سندس خلاف مقدمه بنائڻ، ڦاهيءَ جي سزا ڏيڻ، ضمانت جي درخواست مسترد ٿيڻ، چيف جسٽس آف پاڪستان جو هٽائڻ، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ۽ هن جي ڪمري مان سواءِ رلي ۽ چادر جي سڀ ڪجهه هٽائڻ، هن جي اهل خانه کي ملاقات لاءِ گهرائڻ، عبدالحفيظ پيرزادي ۽ يحى بختيار جي مايوسي، لکڻ ۽ چوڻ تي بندش، اخبار ۽ ريڊيو تي بندش، هن کي حقيقت جا ٻاڻ لڳي ويا. هن سڀني کي منع ڪئي ته جيڪي حڪومت کي مون منجهان توقعات آهن مان انھن جي برعڪس آهيان، مان نه ته اصولن جو سوداگر آهيان نه ئي سودا ڪندس. مرد بار بار فيصلا تبديل ڪين ڪندا آهن. اهڙن اصولن تي هلڻ ڪري سندس ويڳي ۽ وڏي ڀيڻ محترمه بيگم شھر بانو امتياز به هن تي ناراض ٿي هئي ته اسان کي ذوالفقار گهرجي، پر هن ورجايو ته مون کي حسين ۽ شاداب پاڪستان گهرجي، جتي ڪوبه انسان ڪنھن هٿان لٽجندو ۽ ڦرجندو نه هجي، هڪ بھترين اسلامي رياست. پر جي مجلسِ عامله رحم جي درخواست دائر ڪئي ته ڇا ٿيو. جنھن تي هن ٻڌايو ته منھنجي لڄادار ڀيڻ مان سڀ حقيقتون پنھنجي شريڪِ حيات شيرين امير بيگم سان ڪري چڪو آهيان. هتي ڳالھائڻ بيسود هوندو. هنن کي ڀٽو جو موت ٿو گهرجي، هو منھنجي زبان پٽڻ ٿا گهرن. اها هڪ وڏي سازش آهي، ورنه اهو شريف انسان جنھن کي مان خود ايڏي منصب تي پھچايو اهو ايڏو شيطان نٿو ٿي سگهي. منھنجو موت هن جي مجبوري آهي، مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو. توکي پنڪيءَ جي پارت آهي! مسٽر ڀٽو کي 1968ع وارو زمانو ياد اچڻ لڳو، جڏهن فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي حڪم تي کيس ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو هو. اتي به هن جي ڏاڙهي وڌي وئي هئي، پر اڄ هر طرف مايوسي نااميدي ۽ ناڪاميءَ جو راڄ هو. پيپلز پارٽي جي مجلس عامله کي غلط فھمي هئي ته صدر پاڪستان ضياءُ الحق، مسٽر ڀٽو سان ڪا ڳري سوديبازي ڪندو، کين يقين نه هو ته مسٽر ڀٽو لاءِ ڪا وڏي کچڙي پچي رهي هي. بي بي سي تي خبر آئي ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي آخري ملاقات 2-اپريل تي ٿيندي، مارڪ ٽيلي جي تبصري بعد رهيل سھيل اميد به وڃي پنھنجا آکيرا آباد ڪيا. مسٽر ڀٽو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. سگار ۽ ڪافي کي سھارو بڻائي ڇڏيو هئائين. سھالا ڪئمپ کان جڏهن ڊسٽرڪٽ جيل پنھنجي عظيم پيءُ سان محترمه بينظير ڀٽو ملڻ پھتي ته کيس محسوس ٿي رهيو هو ته ان ڏينهن هر طرف غير معمولي سختي هئي. جيل جي ڏيوڍيءَ ۾ هڪ اهلڪار بدترين انديشن جي نويد ڏنس ته اوهان جيترو وقت ڏسڻ چاهيو ڏسو، ٿي سگهي ٿو ته هيءَ اوهان جي آخري ….. باقي جملا اڌ ۾ رهجي ويا ۽ بيگمات اڳتي وڌي ويون. اکيون ڳاڙهيون ۽ زبان گويائي ڇڏي چڪي هئي. جڏهن ته ڳلو خشڪ هو. وچ ۾ لوهي سيخون هيون. هڪ پيءُ کي نظر ئي نظر سان نياپا ملي رهيا هئا. اڃان به مسٽر ڀٽو پاڻ کي اسلامي سمٽ جو سربراهه ۽ وزيراعظم ڄاڻي رهيو هو. هن مٿان خدشا اڀريا ٿي ته شايد جيل حڪام هنن کي هراسان ڪري خوفزده ڪري، هن جا اعصاب ڪمزور ڪري ڪا سوديبازي ڪرڻ ٿا گهرن. مسٽر ڀٽو سوچي پيو ته مٿين ڳالھين کان وڌ گوادر Hot Water واري مسئلي ڪارڻ کيس موت نه اچي. گوادر لاءِ آمريڪا ڇتي ڪُتي وانگر ڦيرا ٿي پاتا. کيس ايشيا جو مک بندر گهربل هو جيڪو مسٽر ڀٽو کيس ڏيڻ کان انڪاري هو. بس اهو ئي ڪارڻ کيس کُکي رهيو هو. نه ته ملڪي سربراهه سان اهڙيون جٺيون ممڪن ڪين هيون. مسٽر رنگون والا ۽ وڪيل کيس دلاسا ڏئي رهيا هئا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. مسٽر رنگون والا دست شناس به هو ته ذوالفقار جو دوست به، هن کيس ٻڌايو ته اها تڪليف وقتي ٿي سگهي ٿي، دائمي نه! 10 جنوري 1970ع ۾ فليش مين هوٽل راولپنڊي ۾ جڏهن رنگون والا کان اقتدار بابت پڇا ڪئي هئائين ته هن ڏيڍ سال جي پيشنگوئي ڪئي هئي جيڪا سچي ثابت ٿي هئي. اڄ به الائي ڇو کيس هن جي پيشن گوئي تي اعتبار ٿي آيو. رنگون والا اهو به ٻڌايو هئس ته توکي جلدي اقتدار تان هٽايو ويندو، جنھن تي قدرن ناراض به ٿيو هو ۽ اِها ڳالهه به سچ ثابت ٿي هئي. بينظير ڀٽو پيءُ جي حالت ڏسي روئي ويٺي هئي ۽ يحى بختيار تي ڪاوڙ به ڪئي هئي، جنھن هن ڪيس کي ڊگهو بڻائي ڇڏيو هو. مسٽر ڀٽو پنھنجي پياري لاڏلي سان زباني ڪابه گفتگو ڪانه ڪئي، سڀ تحريري جيڪي لکن پيا پڙهڻ بعد سڀ ڦاڙي ٿي ڇڏيائون. اِها ڄاڻ ڪنھن کي به حاصل ٿي ڪانه سگهي هئي. اڃان ملاقات جاري هئي ته هڪ اهلڪار وصيعت لاءِ چيو. مسٽر ڀٽو ڪجهه لکيو پر ان کي وري ڦاڙي ڇڏيو ۽ چيائين ان جي ڪابه ضرورت ڪانھي وصيعت ناسمجهه لاءِ هجي ٿي، منهنجي خزاني ۾ بينـظير جهڙي عاقل اولاد آهي ۽ اها ڦاڙي ڦٽي ڪيائين. هيءَ ملاقات صبح يارنھن لڳي ٻاويھه منٽن تي شروع ٿي جيڪا ٻه ڪلاڪ پنجاهه منٽ جاري رهي. بيگمات جا چوغا اکين جي آبشارن سان آلا ٿي چڪا هئا. آخر ۾ به هن اهو چيو ته: “پرواهه نه ڪيو هو مون کي ڊيڄاري معافي نامون لکرائڻ ٿا چاهين، مان مري ته سگهان ٿو پر اصولن جي سوديبازي ڪڏهن به ڪين ڪندس منھنجو ڪتاب “اگر مجھي قتل ڪيا گيا” سڀني کي پڙهائجو. ڏس منھنجي پياري لاڏلي، هن ملڪ ۽ هن پارٽيءَ جي پارت اٿئي. سر قربان ڪري ڇڏجانءِ پر غيرن اڳيان ڪنڌ اوچو ڪري گهمجانءِ. مون کي تو مٿي فخر آهي، تون ڀٽو جي نشاني آهين، ڏس منھنجي با حوصله ڌيءَ هن ڌرتيءَ جو قرض مان لاهي نه سگهيو آهيان، تون ان واعدي جي پوئيواري ضرور ڪندينءَ. منحوس ۽ مڪار کان رعيت کي نجات ڏيارجانءِ. جيئن وطن عزيز کي جمھوريت جو حقيقي چنڊ نظر اچي”. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جڏهن ٽن ڪلاڪن جي المناڪ ملاقات بعد آخري الوداع چئي ڪمري مان ڪتاب ۽ ٻيو سامان کڻي روانيون ٿيون هونديون، ان وقت جو عالم ۽ پيڙا ڪنھن شايد محسوس ڪئي هجي! ڊسٽرڪٽ جيل جي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر برگيڊيئر راحت لطيف، ڊپٽي ڪمشنر سعيد مھدي ڪرنل رفيع، ايس ايس پي جھانزيب برڪي ۽ آءِ. جي جيل خانه جات جي اکين به وسڻ شروع ڪري ڏنو. محترمه بينظير ڀٽو اکيون اگهندي ڪجهه چوڻ چاهيو هو مگر سندس آواز ساٿ نه ڏنو. الفاظ حلق ۾ اٽڪي پيا، وري هِڏڪين جي عالم ۾ هلي وئي. هن ماءُ کي سھارو ڏيڻ ٿي گهريو، مگر بيگم اول جمھوريت جي چنڊ کي لھندو ڏسي عظيم پيءُ جي هدايت، عظيم ڌيءَ کي ياد ڏياري هئي. هر طرف مايوسي ۽ خوف جي فضا هئي، پکي ۽ پسون مٺي لات ۽ مترنم آواز بدران ڄڻ آهه و فغان ڪندڙ هجن، چؤطرف سرٻاٽ ئي سرٻاٽ هئا.
بيگم نيازي ڊاڪٽر ظفر نيازي جي گهرواري معمول مطابق جڏهن مسٽر ڀٽو لاءِ ماني آندي ته جيل حڪام هڪ خاص لھجي ۾ سندس ماني واپس ڪئي هئي. مان ان ڏينھن ۾ رتوديرو ۾ ملازمت ٿي ڪئي، خبر پئي ته نواب نبي بخش خان ڀٽو سان ميرپور ڀٽو ۾ مختيارڪار ان سلسلي ۾ ملڻ ويو، جنھن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آبائي قبرستان جي پڇا ڳاڇا ڪئي. سردار صاحب جن ڏاڍا پريشان ٿيا، اڃان ڪجهه سوچيو ئي مس ته ڪمشنر لاڙڪاڻو به پھتو. ماحول سوڳوار ٿي ويو هو، هڪ طرف گهر گهر ۾ چؤٻول مچي ويو، ٻئي طرف معروف جلاد تارا مسيح ڪوٽ لکپت ۾ پنھنجي آمد جو اطلاع ڏنو. 4 اپريل رات چار وڳي جي قريب مولانا غلام غوث هزاروي کي ميت جي غسل لاءِ گهرايو ويو. جيل سپرنٽينڊنٽ مسٽر ڀٽو کي رات ٻه وڳي ڦاسيءَ ڏيڻ جو اطلاع ڏنو. مسٽر ڀٽو ڊاڪٽر جي طبي معائني بعد تازو توانو ٿي غسل ۽ شيو ڪري هڪ طويل دعا گهري، جنھن دعا ۾ هن پاڪستان جي استحڪام لاءِ عرض ڪيو. ڀٽو صاحب جي ڀرسان قرآن مجيد رکيل هو، چميائين ۽ با آواز بلند تلاوت ڪرڻ لڳو. هڪ طرف تارا مسيح کي ڦاسيءَ جي تياريءَ جو حڪم مليو ٻئي طرف جيل حڪام طرفان مسٽر ڀٽو کي ڊيٿ وارنٽ جو متن ٻڌايو. ڀٽو صاحب چيو ته ڇا جيل ۾ فجر جي نماز تائين وقت ملندو؟ شايد نه! ڀٽو صاحب مسڪرايو، هن قوم کي ڇا ٿي ويو آهي، هيءَ رياست ته اسلامي رياست آهي، پوءِ هڪ مسلمان کي نماز جو حق به جو قريب تر هجي نٿو ملي. هن قرآن ڪريم کي چمي ڏني ۽ شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ چيو ته تون گواهه رهجان، منھنجي قصور جو ۽ منھنجي مٿان گذريل جيل اندر سڀني ڏاڍائين جو، جتي شرم کي شرم ٿو اچي، مان قوم ۽ ملت جي ڳالهه ڪئي، مان ملڪ کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو. منھنجو ڏوهه اِهو هو ته مان ڪنھن آمر اڳيان ڪين جهڪيس ۽ ڪنھن يھودي لابيءَ جو دامن ڪين پڪڙيو هو. هٿ اڃان دعا ۾ هئا ته سندس هٿن کي پڪڙي هڪ رسيءَ سان ٻڌو ويو.
ڀٽو صاحب چيو، مان مجرم ناهيان جو ڀڄي ويندس، مون کي ٻڌايو ته ڪھڙي طرف هلڻو آهي. ڀٽو صاحب اٿيو هو پر سندس پيرن ساٿ ڪين ڏنو، اسٽيچر آندو ويو ۽ اسٽيچر تي کڻي هلندڙن تلاوت جو ورد شروع رکيو. اسٽريچر چبوتري ڀر ۾ آندو ويو ۽ مسٽر ڀٽو اٿيو هڪ نظر ڪاري رات تي، ٻي نظر تارا مسيح تي ڌري، رات ٻن پھرن کان موٽ کاڌي ٺيڪ ٻه وڳي تارا مسيح ڪارو نقاب کڻي اڳيان آيو. مسٽر ڀٽو چيو ته اهو ڪارو نقاب مان وطنِ عزيز جي منھن تي ڏسي رهيو آهيان. مان سڀ ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو مگر….!! پر هڪ ڳالهه ٻڌ منھنجو چھرو کليل ڇڏيو ته جيئن مان ملڪ الموت کي اکين سان ڏسان. مان ڏسان ته بيقصور کي دامن ۾ وٺڻ وقت هن جا تاثر ڪھڙا آهن، پر تارا مسيح ائين ڪيو جيئن جيل حڪام جو حڪم هو. ڀٽو صاحب هڪ زوردار آواز ۾ تارا مسيح کي آرڊر ڪيو جو آخري آواز ثابت ٿيو Finish it ۽ پوءِ اسان جي اکين ٻيھر ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو عظيم انسان ڪين ڏٺو. ها هڪ تصوير محترمه بينظير ڀٽو جي صورت ۾ نظر آئي هئي جيڪا پڻ هزارين داستان ڇڏي شھيد بابل جي ڀر ۾ ٻن ڪونڌر ڀائرن ٻانھن ۾ مستقل آرامي ٿي.
