پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان ۽ انهن جا اثرات
ماحوليات
پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان ۽ انهن جا اثرات
حسنين رياض جھتيال
دنيا هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ آبادي جو گهڻو هجڻ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، کاڌ خوراڪ جي کوٽ، گرمي جو وڌي وڃڻ، زلزلن جو اچڻ، والڪينوز جو ڦاٽڻ، ڊفينس جي مسئلن کي حل ڪرڻ، وڌيل دهشتگردي کي منهن ڏيڻ يا ختم ڪرڻ وغيره شامل آهن.
جيئن ته پاڪستان به دنيا جي ملڪن منجهان هڪ ملڪ آهي، جنهن جي پڻ ٻين وانگر هڪ خاص سڃاڻپ آهي ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ زرعي ملڪ جي حيثيت سان نمودار آهي. ماهر معاشيات ۽ ماهر موسميات جو چوڻ آهي ته اهي ملڪ خوش قسمت آهن جن کي سامونڊي ڪنارا ۽ جابلو قطارون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جي آبهوا تمام گهڻي بهتر ۽ ڪمائتي هوندي آهي. پاڪستان جو نالو به انهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي جن وٽ اها اهم شيءَ آهي، هن جي اتر ۾ هڪ ڊگهي قراقرم نالي جابلو قطار آهي جيڪا هماليه جبل جو هڪ سلسلو آهي ۽ هن جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ ساحلي پٽي تقريبن 1046 ڪلوميٽر (650 ميل) عربي سمنڊ ۽ گلف آف اومان سان ڳنڍجي ٺهي ٿي.
جيترو انهن شين جو فائدو آهي اوترو ئي شايد نقصان به. ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي زلزلن اچڻ جو سبب به اِهي جبل ئي هوندا آهن ۽ اڪثر طوفان سمنڊن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ اچي ڪنارن تي اڏيل شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي حشر پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جا ساحلي پٽيءَ تي ٺهيل خوبصورت شهر ۽ واپاري مرڪز جيئن ڪراچي جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به آهي ۽ ٻيا ساحلي شهر بدين، ٺٽو وغيره کي هاڻي هرسال لازمي طور هڪ ڀيرو طوفان جو منهن ضرور ڏسڻو پوندو آهي، پر گهڻي ڀاڱي عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان پاڪستان جي اوڀر واري پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هڪ رياست گجرات ڏانهن هليا ويندا آهن.
عربي سمنڊ ۾ طوفان هڪ ته گهٽ پيدا ٿيندا آهن پر جيڪي پيدا ٿيندا آهن ته اهي مئي کان جُون ۽ سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين پيدا ٿي سگهندا آهن ۽ انهن طوفانن کي پيدا ڪرڻ ۾ موسمي هوائن (Monsoon) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.
ٽراپيڪل طوفان اڪثر ڪري پاڪستان وٽ دير سان پهچندا آهن يا سنڌ جو ڏکڻ اوڀرانهين حصي ۾ داخل ٿيندا آهن جيڪو گهٽ آبادي وارو علائقو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي بلوچستان جي ساحل سان وڃي ٽڪرائبا آهن. هر سال مون سون جي ڪري 15 اپريل کان 15 جولاءِ ۽ 15 سيپٽمبر کان 15 ڊسمبر تائين عربي سمنڊ جي اتر ۾ هڪ طوفان پيدا ٿيندو آهي جنهن جا 98 في سيڪڙو امڪان ڀارت جي رياست گجرات سان ٽڪرائجڻ جا هوندا آهن ۽ صرف هڪ في سيڪڙو اومان ۽ هڪ في سيڪڙو پاڪستان جي ساحلي پٽيءَ سان ٽڪرائجڻ جا هوندا آهن.
پاڪستان ۾ طوفانن بابت آگاهي ڏيندڙ هڪ ادارو (Warning centre) قائم ڪيل آهي. جنهن جي مدد سان ايندڙ هر طوفان بابت اطلاع ڏنو ويندو آهي، پر شايد هاڻ اهو به خراب لڳو پيو آهي. هن وقت اهو ڪم به موسميات کاتي وارن جي حوالي آهي.
پاڪستان جي اندر ڪيترائي اهڙا سائڪلونس اچي چڪا آهن جن جي ڪري سوين جانيون ضايع ٿيون ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، پر هڪ ٻي به حقيقت آهي جنهن جي ڪري اڃان به نقصان گهٽ ٿيندو رهيو آهي، اها آهي طوفان جي شدت جو گهٽ هجڻ، مطلب جنهن جڳهه تي طوفان پيدا ٿيندو آهي اتان کان پاڪستان جي ساحلي پٽيءَ سان ٽڪرائڻ تائين اڪثر هن جي شدت ختم ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري اڪثر نقصان گهٽ ٿيندو آهي. انهن طوفانن مان شديد طوفانن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
1965ع وارو طوفان: هي طوفان پاڪستان جي تاريخ ۾ بد ترين لکيو ويندو آهي. هن جي ڪري ڪراچي ۾ ڏهه هزار ماڻهو مري ويا هئا ۽ هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا هئا. اهو ڪارو ڏينهن 15 ڊسمبر جو هو جنهن ڏينهن فطرت انهن ماڻهن تي قهر ۽ ڪِيس ڪيو ۽ ان طوفان کي ٽراپيڪل اسٽارم سڏيو ويندو آهي.
1964ع وارو طوفان: هي طوفان 12 جون تي آيو هو، جنهن ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ۾ مٿانهان پٽ جوڙيا هئا. هي مٿين کان گهٽ شدت وارو هو پر انهيءَ جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ان جي اچڻ سان نقصان نه ٿيو هوندو. انهيءَ جي ڪري 450 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ چار لک ماڻهو بي گهر ٿيا هئا.
1993ع وارو پاڪ انڊو طوفان: هي طوفان هوا جي ورهائجي وڃڻ جي ڪري، پاڪ انڊو سرحد تي پهچڻ تائين سست ٿي چڪو هو، پر هن جي ڪري ڪراچي ۾ شديد بارش ۽ ٻوڏ آئي هئي ۽ ٺٽي ۽ بدين کي تمام گهڻي خراب صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو. جتي طوفان جي ڪري تقريبن 609 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ 20 هزار ماڻهن جا گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ ٿي پيا هئا. اهو طوفان شدت جي لحاظ کان هرِيڪين جهڙو هو.
1999ع وارو طوفان: مٿين طوفانن وانگر هي به شديد ۽ انتهائي نقصانڪار هو، جنهن کي ٽئين درجي جو هريڪين سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جي اچڻ سان 6200 ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا هئا ۽ هزارين ماڻهن جون ملڪيتون ناس ٿي ويون هيون.
پاڪستان ۾ اڪثر ايندڙ طوفانن کي سنڌ کي ئي منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن ڪري گهڻو جاني يا مالي نقصان به کيس ئي ڀوڳڻو پوندو آهي.
هاڻي ته موسميات کاتي طرفان ڏنل آگاهي مطابق پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان کي اڃا وڌيڪ طوفانن ۽ بارشن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن جا نمونا ڪجھ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ طوفاني بارش ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيل تيز وهڪرا سامهون آيا ۽ انهن وهڪرن ۾ جانيون پڻ ضايع ٿيون. ساڳي صورتحال سنڌ ۾ پڻ نظر اچي رهي آهي ڪٿي طوفاني هوائون ته ڪٿي تيز بارش ۽ ڪٿي وري طوفاني بارش سان گڏ ڳڙو به نظر اچي ٿو.
موسمياتي ماهرن مطابق طوفان ٽن سببن ڪري پيدا ٿيندا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
- سِي سرفيس ٽيمريچر(sea surface temperature): جيڪو سراسري 26 -28 سينٽي گريڊ کان وڌي وڃڻ ڪري طوفان پيدا ٿيندو آهي.
- سي سرفيس پريشر(Sea surface pressure): هي مقرر حد 990 هيڪٽو پاسڪل تائين هجڻ گهرجي اگر انهيءَ کان وڌيو يا گهٽيو ته طوفان پيدا ٿي سگهن ٿا.
- ونڊ اسپيڊ (Wind Speed): مطلب هوا جي رفتار جيڪا ناٽس (Knots) ۾ معلوم ڪبي آهي. اها سمنڊ جي سطح تي تقريبن 60 ناٽس هجڻ گهرجي، انهيءَ کان وڌڻ جي صورت ۾ طوفان پيدا ٿي سگهن ٿا.
هاڻي ته اهڙي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2016 ۽ 17 ٻوڏن جا سال هوندا، اهڙي صورتحال کي دنيا منهن ڏيندي جنهن ۾ گهڻو نقصان پاڪستان کي ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ وري سنڌ کي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي دور ۾ بي رحم ماڻهن کي سنڌ سان ڪيس ڪندي ڏسي پنهنجي ڪيترن ئي شعرن ۾ سنڌ کي دعائون ڪيون آهن ته سهڻي سنڌ شال سدائين لاءِ شاد و آباد رهي، جيئن:
سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين…
پاڪستان ويڌر پوٽرل ويبسائيٽ جي ٿورن سان.
