لطيف ۽ سنڌ جا صوفي شاعر
سنڌ صدين کان صوفين، ولين ۽ سنتن جي سر زمين رهي آهي. تصوف جي تعليم انهن عظيم صوفين جو مقصد رهي آهي. تصوف جي خيالن ۽ ان جي مشاهدن تي جڏهن غور ڪيو وڃي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انساني تاريخ ۾ جتي ڪٿي به تصوف جا خيال جڏهن به پيدا ٿيا آهن، اتي انهن جي بنيادي صورت گهڻو ڪري هڪ جهڙي رهي آهي. اندر جي بيچيني، حق جي ڳولها، رياضت، عبادت، ترڪِ دنيا ۽ ٻيا عمل سڀني مذهبن ۾ ساڳيا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صوفي گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ، گهٽ واپرائڻ کي ترجيح ڏيندڙ الله تعاليٰ جا اهي نيڪ ٻانها آهن، جن جي حياتي دنيا جي حياتيءَ کان مختلف هجي ٿي. ٻين لفظن ۾ صوفيت يا تصوف انسان ذات جي اخلاقي ۽ قلبي پاڪائي جي اها تحريڪ ۽ اهو فڪر آهي، جنهن هميشه دنيا جي اندر استحصالي فڪر ۽ نظامن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انهيءَ فڪر جو محرڪ انسانيت ۽ محبت رهيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج صبر، سهپ ۽ توڪل وارو آهي، جنهن ڪري اسان جي بزرگن تي صوفياڻي تحريڪن جا وڏا اثر ٿيا. تصوف سان سنڌ جي ماڻهن جي واقفيت اصلاح جي نظريي سان ٿي، پر ته به ان کي قبول ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جو سبب سندن مزاج جي نهٺائي آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي شريعت جو پابند، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ صوفي شاعر هو، سندن شاعريءَ تي کانئن اڳ جي شاعرن هم عصرن خاص طور شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنايت رضوي خواجه محمد زمان ۽ ٻين جي صوفياڻي شاعريءَ جا اثر هئا. تصوف جا مول متا سندن رسالي ۾ جا بجا موتين جيان پکڙيل نظر اچن ٿا. هو شريعت جي حڪمن جي بجا آوري صاف دلي سان ڪرڻ کي پسند ڪندي چوي ٿو:
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر ٿي اچ ته، سودو ٿييئي سڦرو.
هيٺ چند صوفي شاعرن جو احوال ڏجي ٿو. سڀ کان پهرين قاضي قادن جو نالو اچي ٿو. قاضي قادن جو ڪلام تصوف جي سنڌي شاعريءَ جو بنياد قرار ڏنو وڃي ٿو. سندس ڪلام پهرين شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ ستن بيتن جي صورت ۾ مليو. پوءِ هيري ٺڪر کي هندوستان جي هرياڻه ڳوٺ مان چڱو شعر مليو جو قاضي قادن جو ڪلام جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. قاضي قادن جو ڪلام تصوف ۽ وحدانيت جي اپٽار آهي.
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري-(قاضي قادن)
شاهه عبدالڪريم، شاهه عبداللطيف کان اڳ سندن تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم ساڳئي، مسلڪ جو هو، سندن سنڌي بيت بيان العارفين في تنبيهه الغافلين ڪتاب ۾ آيل آهن، جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. شاهه ڪريم جو هرهڪ بيت تصوف جو خزانو آهي. سندن بيت ٿوري تعداد ۾ آهن، پر فڪر ۽ خيال ساڳيو آهي. چوي ٿو ته:
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.
شاهه لطف الله قادري هن سلسلي جو هڪ اهم صوفي شاعر آهي، هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند پايه شاعر هو. سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ سندس نالو اهم آهي. شاهه لطف الله جو سڄو ڪلام عارفاڻي فڪر جي لحاظ کان تصوف جو خزانو آهي. معنوي نڪات ۽ رمز سان ڀرپور آهي. فرمائي ٿو ته:
حسن حبيبن جو، پسين جي پيهي،
ته توکي سڀئي، ٻيون وڃن وسري.
شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دور ۽ ڪلهوڙن جي شروع واري دور جو شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه ڪريم ۽ لطف الله قادريءَ کانپوءِ مئين شاهه عنات جو ڪلام تصوف سان ٽمٽار آهي. حسن، عشق، فراق، هجر ۽ وصال جي بيانن سان گڏ شاهه عنات جو تخيل، فڪر ۽ بيان اعليٰ درجي جو آهي. سُر ڪلياڻ ۾ شاهه عنات الست جي اقرار بابت چوي ٿو ته:
الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،
رڙهي رهبر رسيا، سي سُل مون نبي يار،
مُلڪين فلڪين پڌرا، آگي ڪيا اظهار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سي “عنات” چئي.
صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع ۾ پيدا ٿيو. 1718ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو تصوف جو ڄاڻو ۽ انقلابي شاعر هو. ظلم جي خلاف سينو سپر ڪري بيٺو. غريبن جو دوست ۽ جاگيردارن جو دشمن هو:
هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آئون لهنديس،
اُتي نهارينديس، جيڏيون پنهنجي جت کي.
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو سنڌ جي ناميارن صوفي بزرگن مان هو. سندن حياتيءَ جو احوال مرغوب احباب ڪتاب ۾ آيل آهي. خواجه زمان جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهي. هن صوفي بزرگ وٽ تصوف جو معيار فقط ئي فقط دل جي صفائي آهي. خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ نمونو آهن. هنن بيتن ۾ روحاني ۽ معنوي طور عشق الاهيءَ جا ٽمٽار خزانا موجود آهن. فرمائي ٿو ته:
پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام،
دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وارو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن دين جي رستي ۾ جهاد ڪيو. سندس ڪارنامو مهاڏيو جي مڙهيءَ کي ڊاهڻ وارو آهي، جنهن مقابلي ۾ پاڻ 1778ع ۾ شهيد ٿيو. مخدوم خواجه محمد زمان جي صحبت کيس رنڱي ڇڏيو. فقهي جي ماهر هن شاعر جا سنڌي بيت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت آهن:
پڄاڻان پرين، هنيون ڪڄاڙو کاءِ،
ڪلهي پايو ڪينرو، ڳڻن پريان جاڳاءِ.
سچل سرمست تصوف جي شاعريءَ جو هڪ اهم نالو آهي. ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي سچل جي نالي سان سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سچل سرمست فن ۽ فڪر ۽ عشق جي بلنديءَ واري شاعري ڪئي. سندس سڄو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. سچل جي ڪلام ۾ درد جو درياءُ ۽ تصوف جي رواني آهي. سچل جو هر شعر، هر مصرع، هر اکر احتجاج آهي. هُو انا الحق جو نعرو بلند و بالا نموني سان هڻي ٿو.
جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان، 2. نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار، 3. الله الله ڇوڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ. 4. هِتِ هُتِ آهي صورت منهنجي ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهيان. 5. پاڻ پنهون آهيان، ڙي ڀينر ڀلي ناهيان. چوي ٿو ته: