فقير علي ڏنو تمراڻي جو اصل نالو فقير علي حسن تمراڻي ھو، سندس والد محترم جو نالو فقير لائق ڏنو تمراڻي ھو، فقير علي ڏنو تمراڻي جو جنم 1954-8-1 ۾ ڳوٺ ميھار فقير تمراڻي ۾ ٿيو. فقير علي ڏنو تمراڻي جي وفات ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال ۾ 2024-12-10 ٽائيم صبح جو 07:45 وڳي اڱاري جي ڏينھن ٿي. فقير علي ڏنو تمراڻي جي جسد خاڪي کي سندس ڳوٺ ميھار فقير تمراڻي کان پنڌ وڏي اوطاق تائين شاھ جا فقير کڻي آيا. فقير علي ڏنو تمراڻي جي وصال تي ذڪر احديت پڻ ڪيو ويو، جيڪو وڏي اوطاق تائين جاري رھيو. فقير علي ڏنو تمراڻي جسد خاڪي وڏي اوطاق تي آخري غسل ڏياريو ويو، ان کانپوءِ لطيف سائين جي گودڙي پارائي ويئي.
پُنھل پيراندي، مون نماڻي نصيب ٿئي
فقير علي ڏنو تمراڻي جي جسد خاڪي کي شاھ جا فقير ذڪر ڪري، درگاھ شاھ عبداللطيف تي کڻي آيا جتي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي، جنھن ۾ ڀٽ شاھ جا سادات، ھزارين مريد ۽ عقيدتمند، شاھ جا راڳائي فقير، لطيف سائين جا درگاھ جا راڳائي فقير شامل ھئا. فقير علي ڏنو تمراڻي جي آخري آرامگاھ، لطيف سائين جي پيراندي کان سندس والد محترم فقير لائق ڏنو تمراڻي اوڀر طرف مدفن ڪيو ويو.
ڪيم ڪاپڙين جي، پھرين ڏينھن پروڙ
سگھا ساعت نه ھڪڙي، چارئي پھر چُور
ســـــدائين سيــــد چئي، سنياسي ۾ سُور
جوڳي ڪنھن ضرور، لڪاء ڀڻن لوڪ ۾.
فقير علي ڏنو تمراڻي تمر فقير جا نائون نمبر گادي نشين ٿي گذريا. وڏي اوطاق جا اڳواڻ ۽ خليفه ھئا. فقير علي ڏنو تمراڻي پنھنجي والد فقير لائق ڏنو تمراڻي جي وفات 1998-02-13 ۾ ٿي ان کانپوءِ فقير علي ڏنو تمراڻي، تمر فقير جي نائين گادي نشين طور پڳ ٻڌي ۽ آسڻ تي ويٺا ھئا، جيڪو سلسلو سندس سڄي حياتي جاري رھيو.
ڪُڏِسِ ڪَھي ھليا، جيڏانھن ڏِسڻ ناھ ڏسين
اُٿي اُڏاڻا اوڏھين، سير ڪُپيري ۾ ڪن
اناالحق اُوءَ جوء ڏٺي، ملڪ منصورين
جت لقا ڏُٿ، لا لہ الا اللہ ٿا پاڪائي پسن
حيرت ڏانھن ھلن، وڃي معراج ملڪ پيا.
فقير صاحب کي ٻه پٽ فقير طالب حسين تمراڻي ۽ فقير عابد حسين تمراڻي آھن. فقير علي ڏنو تمراڻي جي وفات کانپوءِ ٽي ڏينھن تي فقير علي ڏنو تمراڻي جي وڏي فرزند فقير طالب حسين تمراڻي کي ڏھين پڳ تمر فقير جي ٻڌرائي ويئي. ياد رھي ته فقير گادي نشين تمراڻي جي وصال تي سندس تڏو وڏي اوطاق لطيف سائين جي حويلي ۾ وڇايو ويو ۽ ذڪر فڪر جون رسمون پڻ ڪيون ويون. ٽي راتيون لطيف سائين جو ذڪر احديت سندس تڏي تي ڪيو ويو. لطيفي جماعت جو ھي خاص ذڪر شاھ جا راڳائي فقير پنھنجي ھڪ مخصوص انداز ۾ ڪندا آھن. جنھن ڏينھن تي سندن خاندان مان جنھن فقير کي پڳ ٻڌرائي ويندي آھي ته ان وقت به ذڪر ويندو آھي. ذڪر ڪرڻ کانپوءِ فقير کي لطيف سائين جي آسڻ تي ويھي دعا گُھرندو آھي، ان کانپوءِ لطيف سائين جي روضي مبارڪ جو ديدار ڪري واپس وڏي اوطاق تي ايندو آھي.
فقير علي ڏنو تمراڻي ھر وقت مسڪرائيندا رھندا ھئا، ڪيتريون تڪليفون بيماريون ھجن، پر ڪڏھن به گھٻرائيندا نه ھئا. فقير علي ڏنو تمراڻي ذڪر، فڪر، لطيفي احديت جي ذڪر، مسافري جي طريقت، لطيفي سماع، لطيفي شاھ جو راڳ ۽ لطيفي جماعت جي سرواڻي ڪئي . مرشد لطيف سائين جي لطيفي جماعت وارا تمر فقير جي گادي نشين کي (فقير صاحب)، (وڏو فقير)، (فقيرن جو خليفو) يا (ڏاڏو) جي خاص نالي سان مخاطب ڪيو ويندو آھي. فقير علي ڏني تمراڻي جا ھزارين مريد ۽ عقيدتمند آھن جيڪي لطيفي جماعت سان منسلڪ آھن، پر فقير صاحب ھميشه محبت جا رشتا اھڙا ٺاھيا، جو ھرڪو ماڻھو ساڻس پيار ڪندو ھو. انسانيت جي لاءِ مالڪ سائين پيار محبت جو ھڪ اھڙو رشتو ٺاھيو آھي جنھن انسانن سميت ڪائنات جي ھر مخلوق خوب سمجھي سگھي ٿي. لطيف سائين جي جماعت جو اصل مقصد ئي مخلوق سان محبت ڪرڻ وارو آھي، جنھن سان مالڪ سائين کي ٻاجھ پئي ٿي. رب پاڪ پنھنجي بندن جي سڀني سھڻن ڪمن مان راضي ٿيندو آھي، پر محبت جي واٽ سڀني واٽن مان انوکو رستو آھي.
تان ونئن ويھي آء، اڱڻ کاھوڙين جي
جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪاء
ڏوٿين ڪنھن ڏکاءَ، سمھي سک نه ماڻيو.
لطيف سائين جي جماعت جا سڀ فقير ڪنھن نه ڪنھن ذميواري سان ھوندا آھن جن ۾ شاھ جا راڳائي فقير، شاھ سائين جا ذيڪري فقير، لطيف سائين جا سماع ڪرڻ وارا فقير، جيڪي شاھ فقير ان طريقت سان منسلڪ آھن انھن فقيرن جي خدمتن ڪرڻ وارا فقير به ھوندا آھن.
پيو جن پَرو، گنجي ڏونگر گام جو
ڇڏي کيپ کرو، لوچي لاھوتي ٿيا.
لطيف سائين جي فقير تمر جي گادي نشيني جا جيڪي اڳواڻ ٿي گذريا آھن انھن جا نالا ھي آھن. (1) تمر فقير (2) فقير يعقوب شهيد (3) ڪمال پَٽ فقير (4) اسماعيل فقير (5) عبداللہ فقير (6) لائق ڏنو فقير (7) ميھار فقير (8) لائق ڏنو فقير (9) علي ڏنو فقير (10) فقير طالب حسين ھاڻوڪو.
لطيف سائين جي وڏي اوطاق، شاھ جو راڳ، شاھ سائين جو ذڪر ڪرڻ، شاھ جو سماع ڪرڻ، مسافري جماعتي فقيرن جي آستانن تي وڃي، ذڪر فڪر جون محفلون ڪرڻ ھنن فقيرن جي ذميواري ھوندي آھي. وڏي اوطاق تي لطيف سائين جي راڳ جا دنبورا پڻ رکيا ويندا آھن. لطيف سائين جي دور ھي وڏي اوطاق سنڌ جي قديم اوطاق پڻ آھي جتي انسانن کي اصلي انسانيت ڏانھن ڪيو ويندو ھو، جيڪو سلسلو محبت ۽ پيار وارو اڃان تائين جاري آھي.
کاھوڙين خفي کان، سوجھي لڌو سبحان
عاشق اھڙين اکرين، لنگھيا لامڪان
ھوء ۾ گڏجي ھوء ٿيا، بابو سي بريان
سڀوئي سبحان، آيو نظر ان جي.
تمر فقير جا گادي نشين پڻ شاھ جا راڳائي فقير ھوندا آھن، جيڪي شاھ جو راڳ ڪندا آھن. فقير صاحب، علي ڏنو تمراڻي شاھ سائين جو بھترين گرامڙيو راڳائي ھو، جنھن جمع جي رات راڳ ڳايو، شاھ جي راڳ سکيا سندس والد فقير علي ڏنو تمراڻي سندس خاندان وارن ڏني جيڪي شاھ راڳ سان وابسته ھئا. فقير علي ڏنو تمراڻي جو چاچو فقير الهبچايو تمراڻي جمعي جي رات جو اڳواڻ فقير ھو. فقير علي ڏنو تمراڻي ان سان گڏ جمعي جي رات لطيف سائين جي درگاھ تي ڳايو. فقير علي ڏني تمراڻي پنھنجي فرزند طالب حسين تمراڻي کي پڻ شاھ جي راڳ سکيا به ڏني ۽ لطيف سائين جو راڳ گڏ ڳارايو، جيڪو اڃان تائين راڳ ڳائيندو آھي.
لطيف سائين جا فقير سڄي حياتي لطيف سائين جي درگاھ سان منسلڪ رھندا آھن. پنھنجي حياتي جو مقصد لطيف سائين جي درگاھ، وڏي اوطاق، لطيفي جماعت جي خدمت ڪرڻ کي سمجھندا آھن.
خوف کاھوڙين، ڳوڙھو سُڪي نه ڳل تان
ھڪ ڏينھن حشر جو، توڙان لٿو نه تن
ڪيائون ڪو ڪن، آجڪو آخر سندو.
دنيا جي ھر جيوت پنھنجي آخري منزل ڏانھن وڃي آھي فقير به انھيءَ راھ تي ويو ھي فنا جو جھان آھي جتي انسان آسمانن سان ڇھندڙ ماڙڻيو ٺاھي رھي رھيو آھي، پر ھي انسان جي منزل ناھي انسان ھن دنيا ۾ رستي تي آھي جنھن کي ھُو ساڻيھ سمجھي رھيو آھي، جيڪو مانجھاندي جو ماڳ آھي. فقير علي ڏنو تمراڻي سان آخري ملاقات سندس ڳوٺ واري آستاني تي ٿي جنھن کي لطيفي باغ پڻ فقير چوندا ھئا. ڳالھائي ائين رھيو ڄڻ ته فقير سائين جو وقت اچي ويو آھي، ڏاڏو غلام محمد نظاماڻي ۽ آئون اڪثر ملڻ لاءِ ڳوٺ ڪچھري ڪرڻ ويندا ھئاسون، پر ھن ڀيري فقير سائين اسان کان موڪلائي رھيو ھو. بس لطيفي جماعت کيس بھترين ڀيٽا ڏيندي رھندي جڏھن به وڏي اوطاق جو ذڪر ٿيندو ته فقير علي ڏنو تمراڻي جي خدمتن کي خوب ياد ڪيو ويندو. لطيف سائين جا فقير ذڪر فڪر ڪندا رھندا ھي سلسلو صدين جو سفر ڪري اڃان تائين دنيا ۾ سرخرو آھي. لطيف سائين جي جماعت پنھنجي سڃاڻپ پاڻ آھي. فقير ۽ خدمتگار تبديل ٿيندا رھيا آھن ۽ اڳتي به اھو سلسلو جاري رھندو. فقير صاحب، طالب حسين تمراڻي انھي سلسلي جي اڳواڻي کي به سندس وڏن جئيان انشاءَاللہ خوب نڀائيندو.