هونئن ته انگريز سرڪار کان وٺي جيتري ترقي اسان کي گورن کان ملي يا جيترا اسان ترقيءَ لائق ٿياسين اوترا اسان شايد پنهنجي پيرن تي بيهي به نه ڪري سگهون ها، ڀلي انگريزن کان آزادي وٺي اسان سرخرو به ٿياسين، پر اڃان تائين اسان وٽ انگريزن جا ٺاهيل نظام ئي آهن، جن جا اسان رڳو مينٽيننس ڪرڻ ۾ پورا آهيون يا ڪٿي اهو به نه ڪري سگهيا آهيون. (اهو هڪ اهڙو پاسو آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ تعريف ڪجي) مثال طور: اسان انگريز سرڪار جا ٺاهيل ريلوي نظام نه ته اپ گريڊ ڪري سگهيا آهيون نه ئي انهن کي صحيح نموني هلائي سگهيا آهيون. (ان نه هلائي سگهڻ ۾ ٻيون مافيائون به شامل آهن جنهن کي ٽرانسپورٽ مافيا به چئون) وري الميو اهو به آهي ته اسان وري انهن ٺاهيل پٽڙين جي مٿان پنهنجا واري واري سان قبضا ڪري گهر ٺاهي مورڳو ئي ٺاهيل پٽڙيون ئي لڪائي ۽ ڍڪي ڇڏيون آهن، جن ۾ ڪجھ سياسي پارٽين جا آشيرواد به شامل آهن. (جيئن وڏن شهرن ۾ ٺاهيل ماڻهن جا پٽڙين تي گهر ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪالونيون) وري سکر جهڙي “لينس ڊائون پل” اسان جي انجنيئرنگ جي شايد وس جي ڳالھ نه هجي، يا اسان جي مڙني حڪومتن جي نيت ئي ناهي رهي ته اهڙي ڪنهن جڳهه تي مشهور پل ٺاهجي. اسان ته شير شاهه ڪراچي انڊسٽريل ايريا واري پل ٺاهي رستي جا ايندڙ ويندڙ ماڻهو مارائي ويٺا هئاسين، وري اسان جي ٺاهيل روڊ رستن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي (ان ايڏي وارتا کانپوءِ اسان جي لاءِ انگريزن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن توهان پاڪستانين انگريزن کي تڙي ڪڍيو ته پوءِ وري سڀ پاڪستاني انگريز ملڪن ۾ ڇو ٿا اچو؟ پوءِ ته انگريزن کي اتي ئي رهڻ ڏيو ها ته بهتر هو).