هونئن ته انگريز سرڪار کان وٺي جيتري ترقي اسان کي گورن کان ملي يا جيترا اسان ترقيءَ لائق ٿياسين اوترا اسان شايد پنهنجي پيرن تي بيهي به نه ڪري سگهون ها، ڀلي انگريزن کان آزادي وٺي اسان سرخرو به ٿياسين، پر اڃان تائين اسان وٽ انگريزن جا ٺاهيل نظام ئي آهن، جن جا اسان رڳو مينٽيننس ڪرڻ ۾ پورا آهيون يا ڪٿي اهو به نه ڪري سگهيا آهيون. (اهو هڪ اهڙو پاسو آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ تعريف ڪجي) مثال طور: اسان انگريز سرڪار جا ٺاهيل ريلوي نظام نه ته اپ گريڊ ڪري سگهيا آهيون نه ئي انهن کي صحيح نموني هلائي سگهيا آهيون. (ان نه هلائي سگهڻ ۾ ٻيون مافيائون به شامل آهن جنهن کي ٽرانسپورٽ مافيا به چئون) وري الميو اهو به آهي ته اسان وري انهن ٺاهيل پٽڙين جي مٿان پنهنجا واري واري سان قبضا ڪري گهر ٺاهي مورڳو ئي ٺاهيل پٽڙيون ئي لڪائي ۽ ڍڪي ڇڏيون آهن، جن ۾ ڪجھ سياسي پارٽين جا آشيرواد به شامل آهن. (جيئن وڏن شهرن ۾ ٺاهيل ماڻهن جا پٽڙين تي گهر ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪالونيون) وري سکر جهڙي “لينس ڊائون پل” اسان جي انجنيئرنگ جي شايد وس جي ڳالھ نه هجي، يا اسان جي مڙني حڪومتن جي نيت ئي ناهي رهي ته اهڙي ڪنهن جڳهه تي مشهور پل ٺاهجي. اسان ته شير شاهه ڪراچي انڊسٽريل ايريا واري پل ٺاهي رستي جا ايندڙ ويندڙ ماڻهو مارائي ويٺا هئاسين، وري اسان جي ٺاهيل روڊ رستن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي (ان ايڏي وارتا کانپوءِ اسان جي لاءِ انگريزن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن توهان پاڪستانين انگريزن کي تڙي ڪڍيو ته پوءِ وري سڀ پاڪستاني انگريز ملڪن ۾ ڇو ٿا اچو؟ پوءِ ته انگريزن کي اتي ئي رهڻ ڏيو ها ته بهتر هو).
بهرحال، اسان ته وري انهن ڪمن ڪارين جي ڳالھ ڪريون جن ۾ آمريڪي “آشيرواد ۽ ايڊ” شاملِ حال رهي ٿي. وري آمريڪي صدرن جي ڳالھ چوريون ته اهي سڀ اسان جي لاءِ ڪو اڪن شقن ناهن رهيا معنيٰ اسان جي لاءِ ڪو نرم گوشو نه رکندا هئا. ويجهي ماضيءَ ۾ جونيئر بش ڪو ڀلو ڪو نه هو، يا وري باراڪ اوباما به مسلمانن جي لاءِ يا خاص اسان جي ملڪ جي لاءِ رحمدل نه هو، يا ٽرمپ جي ڳالھ ڪريون ته کڻي ٿورو مختلف هو، جو آمريڪي “رجڊ” پاليسي تي نه هليو، جنهن ۾ هي رڳو آمريڪي بالادستي جي ڳالھ ڪري ها. هن جون پنهنجي عوام ۾ خواريون خرابيون پنهنجي جاءِ تي، پر ڳالھ “جوبائيڊن” جي جيت کانپوءِ شروع ٿئي ٿي ته اسان جهڙن ملڪن جون اميدون ۽ آسرا مڙئي سرس هئا، اسان سان گڏ سڄي دنيا به انهن ۾ نظرون وجهي ٿي ويهي ته شل انهن جون پاليسيون ڪو لاڀ ڏين، جن ۾ غريب ملڪن جي لاءِ وڏي امدادي پيڪيج جي اميد هجي ٿي، ته من ڪي اميدن ۽ آسرن جا سورج اڀري پون، جن سان خوشحالي ڪَرُ کڻي ٿي. جتي سڄي دنيا جون نظرون هن سپر پاور جي “صدر” جي چوٽي جي مقابلي ڪرڻ کانپوءِ کٽڻ جون هيون. ڳالھ مڃڻ جي آهي ته دنيا جتي برطانيا وٽ ليگ آف نيشن گروي هئي، هاڻي آمريڪا وٽ “يونائيٽيڊ نيشنز” گروي آهي، جن جا فيصلا ملڪن جون تقديرون بدلائين ٿيون، جن جي فيصلن ۾ طاقت هجي ٿي. جيڪي “ويٽو پاور ملڪن” جي اشاري تي سڄي دنيا لُوڏي ٿا وجهن، جن جي “ٿنڪ ٽينڪ” جي آڌار تي دنيا جي لاءِ جنگيون، جدال، فوجي آپريشن، مددون ۽ ڀلاين جا آسرا به ڦٽي پون ٿا.
اسان ته وري به شڪر ڪريون جو 2023 تائين اسان وٽ آمريڪا جي سيڙپ جو هدف 6.5 بلين ڊالرز هو، جن ۾ عام واهپي جون شيون، ڪيميڪل انڊسٽري ۾ خاطر خواهه سيڙپ، توانائي جي ميدان ۾ سيڙپ: جنهن ۾ بجلي، گيس ۽ مختلف توانائي جا وسيلا شامل آهن، جن جي سيڙپ ڪرڻ سان اسان وٽ روزگار جا وسيلا وڌندا رهن ٿا، جن ۾ واڌ ڪرڻ پڻ اسان جي حق ۾ هجي ٿو، جنهن سان اسان وٽ خوشحالي جا در کلندا رهن ٿا. (رڳو سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهانو بڻائي ڪٿي سيڙپ گهٽائڻ جي ڳالھ نه ڪئي وڃي) ۽ وري آمريڪا زراعت جي شعبي ۾ سڀني “ٽولز ۽ ٽيڪنيشنز” کان وٺي سڀ ذريعا ۽ وسيلا پڻ مهيا ڪندو رهي ٿو، جن ۾ آمريڪي مصنوعات جو وڏو عمل دخل رهي ٿو، جيڪي اسان جي خوشحالي جا ضامن پڻ آهن. ٽرانسپورٽيشن ۽ مواصلاتي نظام ۾ ۽ خاص تعليم جي ميدان ۾ “يو ايس ايڊ” جون خدمتون جن جو مثال شايد ڪٿي ملي، ايڏيون وڏيون سيڙپڪاريون جيتريون آمريڪا جون اسان وٽ آهن شايد ٻئي ڪنهن ملڪ جون هجن ۽ جن جي اسان کي اشد ضرورت پڻ ٿيندي رهي ٿي.
هاڻي وري آمريڪا، چين ۽ روس هڪ زبردست ڊوڙ ۾ به ته آهن جتي آمريڪا چين سان “بايو لاجيڪل وار” جي ڳالھ ٿو ڪري، اتي وري وڏن بلاڪن جي ڳالھ به ته چوريندا رهن ٿا، معنيٰ “اڪانوميڪل وار” به ته آهي. چين جتي سڄي دنيا جي معيشت تي قبضي جو خواهان آهي، اتي آمريڪا جي لاءِ خطري جي گهنٽي به ته آهي. ڇو ته اهي ٻئي هڪٻئي جا حريف به آهن. معنيٰ آمريڪا سڀ عرب ملڪ پنهنجي هيٺان ڪري هلائيندو، جيڪي ٽرمپ پنهنجي ڪوشش سان ويجهڙ ۾ اسرائيل جي دوستي ۾ گڏ ڪيا، يا ترڪي ۽ ايران وري روس جي حمايت جي ڳالھ ڪندا رهن ٿا، اسان ته سدائين ٻه واٽي تي رهجي ويندڙ ۾ هوندا آهيون (پر هاڻي رڳو چين جي ڀر وٺي اسان شايد ڀلو ڪنداسين) ڇو ته ماضي وانگي اسان مٿان طالبان جي بهاني ڪا مصيبت نه ڪري. مسلمان شدت پسند قوتون يا دهشتگرد پارٽيون جيڪي شام، لبنان، ايران، عراق يا افغانستان ۾ موجود رهن ٿيون يا پلجن ٿيون، انهن جا پرتوا اسان جهڙن ملڪن تي نه ڪِرن. تازو ٿيل دهشتگردن جي واقعن ۾ جيڪي ڪي پي، لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ نموادرا ٿيا، انهن جي سزا وري سڄو ملڪ ٿو ڀوڳي، توڙي جو اسان چمن بارڊر تي ڪنٽرول ڪرڻ ناهيون چاهيندا، جنهن جي لاءِ اسان جو “پي ايم” بيان ڏيڻ ۾ دير ئي ناهي ڪندو “ته اهو بارڊر کوليو”، وري اسان ته گڏيل سڏيل افغانين ۽ ملڪي پٺاڻن ۾ فرق ئي ناهيون ڪري سگهندا (جن جا اسان ويھ لک پناھگير سنڀالي ويٺا آهيون، هاڻوڪي افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال ۾ اڃان به اچڻا آهن) جن جي لاءِ پ پ جا منسٽر اهو چوڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا ته “انهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيو”، پر اسان (شايد) دورانديش ناهيون، اسان ۾ اڃان اهو مهمان نوازيءَ وارو جذبو مئو ناهي، جنهن جون سزائون اڃان تائين پيا ڀوڳيون، پر انٽرنيشل تناظر ۾ اهي سڀ شيون پرکڻ ضروري آهن جن ۾ سُڪن پٺيان ساوا به سڙي ٿا وڃن.
اسان ته برطانيا کان جان ڇڏائڻ شرط ئي آمريڪا جي آڻ مڃي هئي، معنيٰ اسان جي وزيراعظم لياقت علي خان پهريون دورو ئي آمريڪا جو ڪيو هو، حالانڪه اسان کي بهترين آڇ روس جي به هئي، پر اسان جي فارين پاليسي پهرين آمريڪا جي آشيرواد جي سڪ ظاهر ڪئي، پر ايڏي خاطر خواھ موٽ نه ملي جيڏي اسان کي روس کان ملي هئي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ اسان کي اسٽيل مل جهڙا ادارا مليا، پر اسان جي مُهڙ وري به آمريڪا ڏي ئي رهي. اسان ته آءِ ايس آءِ يا عسڪري آشيرواد ۾ روس لاءِ طالبان جهڙا تحفا به تيار ڪيا هئا ته جيئن روس جي جارحيت کي ٻنجو ڏئي سگهون، پر اسان کي وري به نائين اليون جي بدلي ۾ نشاني تي رکيو ويو، پاڪستان ته “نيشنل ايڪشن پلان” تحت عسڪري آپريشن ڪري انهن سڀني دهشتگرد قوتن کي نيست و نابود ڪري ڏيکاريو، انهن جون پاڙون پٽي ڏيکاريون، انهن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري انهن کي تباھ ڪري ڏيکارين، جن جي لاءِ ملڪي ليول تي وڏو شور هو ته “اسان ٻين جي ويڙھ وڙهي رهيا آهيون، اسان ٻين جي جنگ وڙهڻ ۾ پورا آهيون”. اسان پوءِ وري “ڊيورنڊ لائين” تي ڪهڙي اک رکي، معنيٰ هڪڙي ماڻهو کي چئون ته ڪچرو صاف ڪر ۽ ٻئي کي چئون ته ڪچرو اڇلاءِ، بارڊر ته کليل رکيو، افغان بارڊر تي ڪا سختي نه رکي، پوءِ زور رڳو حملن روڪڻ تي. ٽرمپ ته انتها درجي جو ساده لوح هو، پر ٽرمپ جون پاليسون اسان جهڙن ملڪن جي لاءِ بهتر هيون، جنگ جدال ۾ پوڻ وارو ماڻهو نه هو، ڀلي “نڪ چاڙهي” گهمندو هو، ان جي دور ۾ افعان پاليسي تحت ڳالهيون بهترين نتيجن تي پهتيون هيون، ايستائين جو “الائيڊ فورسز” جي انخلا جو رستو به ڪليئر ٿي ويو هو، آمريڪي فوجون افغانستان مان نڪري وڃڻ لاءِ تيار به ويٺيون هيون، پر جوبائيڊن جي اچڻ سان افغان پاليسي بگڙي وئي، ڇو ته طالبان سان پوئين مهيني ٿيل ڳالهيون ڪامياب نه رهيون، پوءِ اهي وري پنهنجون ڪارروائيون ڪندا رهندا، جنهن جي لاءِ خطي جي صورتحال بگڙجندي ويندي جنهن جا نتيجا اسان کي ڏسڻا پوندا. وري آمريڪي جي بالادستيءَ، اقتصادي ۽ معاشي برتري، دنيا جي ٺهندڙ بلاڪن جي سرد جنگ ۽ بايولاجيڪل وار ۾ اهو اشد ضروري هوندو ته آمريڪا ٺهندڙ بلاڪن ۾ پاڪستان کي ڪنهن انڊيڪس ۾ فڪس ڪري. ڇو ته اسان جا چين سان لاڳاپا پڻ اهميت جا حامل آهن جنهن ۾ وڏو سوال “سي پيڪ ڪوريڊور” جي هلي پوڻ جو به آهي. سعودي کان ورتل قرض جي قسط جي ادائگي به آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ ملڪن سان سفارتي تعلقات بهتر هجڻ جو شرط سيڪيورٽي جي صورتحال جو بهتر هجڻ لازمي آهي. طالبان يا افغانستان جي شدت پسندي يا انهن جي مدد ڪندي ڪندي اسان جي پنهنجا افعال به بڇڙا ٿي ويا آهن ۽ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال به، جو ڪو به ملڪ اسان سان سفارتي تعلقات چڱي طرح ٺاهي هلڻ يا سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري اهڙي سيڪيورٽيءَ جي تناظر ۾ اسان ته سدائين سرحدن جي ڇڪتاڻ ۾ رهنداسين، سدائين بندوقون صاف ڪندا رهياسين جو اسان کانپوءِ جا آزاد ٿيل ملڪ اسان کان گوءِ کڻي ويا.